گذريل 50 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي رسالن ۽ اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪندي پنهنجين اکين سان ڪيترائي دفعا ڏٺم ته وقت جا حڪمران ٻوڏ، طوفان يا زلزلي جو عالمي موسمياتي ادارن پاران اطلاع ملڻ شرط پنهنجا سرڪاري ڪم ڪار ڇڏي قدرتي آفتن جي نشاني تي آيل شهرن، ڳوٺن، ڪچن، پڪن علائقن ۽ گلگت بلتستان جهڙن پهاڙن تي وقت سر ۽ گهڻو ڪري انساني الميا ٿيڻ کان اڳواٽ هيليڪاپٽرن وسيلي پهچي ويندا هئا.
14 آگسٽ 1969ع تي حيدرآباد مان ٻيهر شايع ٿيندڙ يحيٰ خان مارشل جي مخالف اخبار “هلال پاڪستان” کي ان جي ڌڻي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب 1972ع ۾ ڪراچي شفٽ ڪيو. آئون انهن چند رپورٽرس مان هئس جن کي اخبار جي ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ پاڻ نينڍ ڏني ته، “ڪراچي ۾ چيف رپورٽر گهرجي. اها نوڪري توکي آڇيان ٿو” مرحوم اسلم آزاد کي حيدرآباد اماڻي مون کي اها آڇ اماڻيائين. ان مهل آئون حيدرآباد جي مشهور ڪراچي هوٽل ۾ عبدالڪريم بلوچ، علي بابا، ڪامريڊ ظفر اڄڻ، فنڪار محبوب عالم، رشيد هميراڻي، منظور قريشي، عبدالرسول بلوچ ۽ ٻين ساٿين سان شام جي پهر دستور موجب چانهه جا ڪوسا ڍڪ ڀري رهيو هئس.
اتي جو اتي سڀني دوستن جي روبرو اسلم آزاد صاحب ڪراچي هوٽل جي مالڪ ۽ منهنجي ننڍپڻ جي دوست سيف الله عباسي وٽ ڪائونٽر تي وڃي هلال پاڪستان ڪراچي جو فون ملايو ۽ سراج صاحب سان پي ٽي سي ايل واري فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي خاطري ڪيائين ته ڪراچي ۾ رهائش جو به جوڳو بندوبست ڪنداسين يا اوهان کي پگهار کان علاوه ميڊيڪل ۽ مسواڙ جا پيسا به ڏنا ويندا، جيئن سڀني صحافين ۽ ڪمپازيٽرن کي ڏيون ٿا. يقين ڪريو ته ان زماني ۾ چانهه جو ڊبل ڪوپ ڏهن رپين ۾ ملندو هو ۽ ڪراچي کان حيدرآباد تائين منهنجي گهر سامهون گول بلڊنگ ڀرسان ۽ سنڌ لا ڪاليج ٻاهران لارين جو اسٽاپ هوندو هو. آئون پنهنجي پي مرحوم کان 50 رپيا وٺي ٻئي ڏينهن صبح ساڻ وڃي لاري ۾ چڙهيس. ان زماني ۾ يعني مارچ 1972ع ۾ سنڌ جي هنن ٻنهي شهرن وچ ۾ جنرل ايوب خان جي دور کان هلندڙ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ جي بس جو هڪ طرفو ڀاڙو فقط ٽي رپيا هوندو هو. پنجن رپين ۾ پڪوڙن واري کان ڊبل روٽي پڪوڙا مرچ وٺي ٻه ڄڻا ڍئو ڪري کائي سگهندا هئا. سراج الحق ميمڻ جو گهر حيدر چوڪ جي ڏکڻ ۾ ۽ اسان جو گهر سنڌ لا ڪاليج سامهون اترئين پاسي هوندو هو. سندس ننڍو ڀا ۽ پهرين ماهوار سنڌ نامي مئگزين بادل جو چيف ايڊيٽر عبدالحق ميمڻ منهنجو گهاٽو دوست هوندو هو. سندن ڀا ضيا الحق ميمڻ منهنجي ڀا غلام محي الدين جو ڪلاس فيلو هو. مطلب ته نه رڳو پاڙيسري هوندا هئاسين پر علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ پڻ باقاعدي گڏجندا هئاسين.
اصل موضوع تي اچون ٿا ته جڏهن استاد رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو شهيد سان گڏ 1970ع جي شروعات ۾ سکر وڃڻ ٿيو ته ان زماني آئون ماهوار “سجاڳي” رسالو شايع ڪندو هئس سو به رسول بخش پليجي صاحب جي گاڏي کاتي واري آفيس ۾ لڳل مشين مان ۽ ان جو مشين مئن ڊاڪٽر بيکارام هوندو هو. بيکا رام هاڻي ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو رٽائرڊ وي سي آهي پر جيڪو مون ڏٺو ته پرنٽنگ جو ڪم ختم ٿيڻ شرط هو فزڪس، بائلاجي، زولاجي ۽ ڪيميسٽري جهڙا سبجيڪٽ سڄي سڄي رات پڙهندو رهندو هو. اسان به سانجهي مهل پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا هئاسين ۽ ڊاڪٽر بيکارام کي نويڪلائي ۾ پڙهڻ جو سالن تائين موقعو ملندو رهيو. ان دور ۾ حيدرآباد جي بجلي آفيس ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي گهر ڀرسان ۽ استاد رسول بخش پليجي واري آفيس جي آمهون سامهون هوندي هئي. مطلب ته بجلي غائب ٿيڻ وارو عذاب اسان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو. اڄ حالت اها آهي ته لکن جو بل ڀريندڙ ماڻهن کي هونئن به بجلي 24 ڪلاڪن مان 12 ڪلاڪ به مس ملي ٿي. پر شل نه آسمان مان ڪو مينهن ڦڙو ڪري، حيسڪو جا علمدار اهو احساس ڏياريندا آهن ڄڻ ته بجلي جو اصل بٽڻ آسمان ۾ آهي، پو اسان بيوس ٿي پوندا آهيون. ڀلي پيا اسپتالن ۾ هلندڙ مريضن جا آپريشن اڌ ۾ رهجي وڃن، ڊاڪٽرن جي قينچي سندن پيٽ ۾ ڦاسي پوي!
سو اڳي هيئس هياس ته 1973ع واري سنڌوندي ۾ آيل مها ٻوڏ هئي يا 1976ع ۾ وڏڦڙن وسڪارن سبب انگريزن جي ملير ندي تي ٺاهيل پل ڊهي پيئي ته پاڪستان جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سنڌ جا سمورا وزير ڪبير ۽ ڪامورا پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي متاثر ٿيل هنڌن تي ماڻهن جي واهر ڪرڻ لا پاڻ پهچي ويندا هئا ۽ پنهنجي نگراني ۾ درياهه جي ڪچي توڙي پڪي ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهن جي سندن گهرن تڙن ۽ فصلن کي بچائڻ لا ڪامورن کي ٿڏي تي بروقت حڪم ڏيندا هئا. درياهه ۽ واهن جي بندن ۾ جيڪڏهن روڻيون پئجي وينديون هيون ته انجنيئرن، داروغن، بيلدارن ۽ پٽيوالن جون موڪلون ختم ڪري کين واهن جي ڪپن جي ٻاهران تنبو کوڙي ڏينهن رات پهرو ڏيڻ تي مجبور ڪندا هئا. ان زماني ۾ به آبپاشي کاتي ۾ وڏي رشوتخوري هوندي هئي، پر ڀٽو صاحب جي شخصيت ۽ سندس سخت فيصلن جي ڊپ وچان وزير، انجنيئر، آفيسر ۽ ٺيڪيدار سالياني بجيٽ ۾ ايڏا وڏا ڌاڙا هڻي نه سگهندا هئا، جو ڊفينس سوسائٽي کان وٺي دبئي ۽ لنڊن تائين بنگلا ۽ محل ماڙيون ٺاهي سگهن، جيئن اڄڪلهه رواج ڏسون پيا.
تباهي وارو گذريل ٻن ڏهاڪن کان هاڻي هيئن ٿياس ته جڏهن به ٻوڏ يا برساتي سيلاب ۽ ڪو تباهي وارو طوفان اچڻ تي هوندو هو ته سنڌين جا اصل حڪمران ملڪ کان ٻاهر نڪري دبئي، لنڊن يا امريڪا وڃي پڌاريندا هئا. خدا جي خلق ٻڏي مري يا بچي وڃي، کين ڪوبه الڪو ناهي، ڇاڪاڻ ته شهيدن جي نالي تي ڏهاڪن کان وٺي کين ووٽ ملن پيا ۽ سندن سرڪار کي نه ڪا لهر نه ڪو لوڏو!