سنڌ ۾ مختلف ڌرين ۾ جهيڙي سبب ماڻهن جي قتل ٿيڻ جا واقعا عام جام ٿيندا رهندا آهن. گذريل ڪجهه عرصي ۾ نه رڳو سنڌ ۾ بدامنيءَ جا واقعا وڌيا آهن پر قتل جي واقعن ۾ پڻ واڌ آئي آهي، جنهنڪري سنڌ جو امن امان تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي پاسي انساني جانين جي زيان کي به روڪيو نه پيو وڃي. سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن سبب جيڪي معصوم ماڻهو مارجي رهيا آهن، انهن جو هڪ سبب سنڌ ۾ موجود اهي سردار آهن، جيڪي سنڌ جي امن امان ۾ ڦيٽاڙو وجهي رهيا آهن ۽ انهن جو ڌنڌو ئي ماڻهو مارائي جرڳا ڪرائي پئسو ڪمائڻ آهي. جڏهن ته ڪنهن به سردار کي اهو حق ناهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان ماڻهو مار مهم شروع ڪرائي ۽ اتان جي شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏي. ڪالهه رستم ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 5 ماڻهو قتل ٿي ويا آهن.
رستم جي ڪچي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. رستم جي ڪچي واري علائقي جي رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ چيمن سکپور ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين رتو دوداڻي ۽ ضدو دوداڻي ۾ ڪارنهن جي پراڻي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان مورچابند ٿي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ضدو دوداڻي جي ڌر جو هڪ ڄڻو بخشلي دوداڻي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته رتو دوداڻي جي ڌر جا ٻن عورتن پرويزان زال سوڍو دوداڻي، عزت خاتون، ارشاد پٽ رتو دوداڻي ۽ سوڍو پٽ رتو دوداڻي موقعي تي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا آهن. جڏهن ته رتو دوداڻي ۽ مائي سردار خاتون زخمي ٿي پيا آهن. ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي. فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ علائقي ۾ شديد فائرنگ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا. مارجي ويلن جا لاش چئن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ پيل رهيا جنهن کانپو ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو. لاش رڪشا ۽ گاڏين ذريعي خانپور اسپتال پهچايا ويا، جتي پوليس پهچي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. آخري اطلاعن تائين ڌريون مورچابند رهيون. جڏهن ته پوليس ڪچي جو علائقو هجڻ ڪري ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر آئي. ياد رهي ته هڪ سال اڳ رتو دوداڻي پنهنجي گهرواري راڻي خاتون کي پنهنجي سئوٽ جي پٽ رحمت دوداڻي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي پنهنجي گهرواري ۽ رحمت کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپو ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ آهي.
سنڌ ۾ جتي به سرداري ۽ قبائلي نظام زور آهي، اتي ڪارنهن الزام ۾ عورتن ۽ مردن جو مرڻ عام جام آهي. ان کانسواءِ اتان جي امن کي مڪمل تباهه ڪيو ويو آهي. جيستائين بااثر سردارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نٿو آندو وڃي، تيستائين اهو سلسلو جاري رهندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪارنهن جا ڪوڙا الزام هڻي ڌرين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ بااثرن سردارن خلاف قانوني ڪارروائي وڃي.