هونءَ ته سنڌ جو سامونڊي علائقو جاگرافيائي ۽ تاريخي لحاظ سان وڏي اهميت وارو آهي. ماضيءَ ۾ هي علائقو خطي جو سڀ کان خوشحال چوائيندو هو. پنجاب ۽ ٻين خطن جا ماڻهو هتي سارين جو لابارو ڪري مزوري ۾ سارين جون ٻيڙيون ڀري پنهنجن پٽن ڏانهن ويندا هئا. فطري سونهن کي ڏسڻ لاءِ هتي سياح ايندا رهيا آهن ۽ ڊيلٽائي پٽي مان شاعر تشبيهون ۽ استعارا ڳوليندا آهن.
انڊس ڊيلٽا: هي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ وارو هنڌ آهي. سنڌو درياءَ جي ڇوڙ وٽ درياءَ سامونڊي پاڻيءَ سان لاڳيتو ويڙهه ڪندي سترهن نرين (ڪريڪس) ذريعي ڇوڙ ڪندو رهيو آهي. سنڌ جي ڊيلٽا جي ايراضي 6 لک ايڪڙ آهي. ڪورنگي ڪريڪ کان وٺي سير ڪريڪ تائين سنڌو درياءَ ڇوڙ ڪندو رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هتي ستن دريائن جي ڇوڙ هوندو هو. پر پوءِ ماحولياتي تبديليءَ جي نتيجي ۾ سرسوتي ۽ هاڪڙو درياءَ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا. جڏهن ته ورهاڱي کان پوءِ راوي، ستلج ۽ بياس ندين جو ڇوڙ به انڊس ڊيلٽا مان ڪٽجي ويو. ساڳي ريت منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي ٺهڻ ۽ درياءَ جي مٿان بئراجن پوڻ کان پوءِ فقط آبڪلاڻيءَ ۾ ڊيلٽا ۾ درياءَ جو ڇوڙ ٿئي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ ٽي سئو ميلن جي ساحلي پٽيءَ جا ماڻهو ماحولياتي تباهيءَ کان پوءِ لاڳيتو لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن.
طوفان: هونءَ ته ماحول ۾ صنعتي دونهون وڌڻ جي نتيجي ۾ وڌي ويل گرمي پد کان پوءِ سمنڊ ۾ لاڳيتو طوفان ايندا رهيا آهن. پر مئي ٻه هزار نوانوي واري طوفان ڊيلٽائي خطي ۾ تباهي آڻي ڇڏي. انهيءَ جي نتيجي ۾ جتي هزارين ماڻهن جي جاني نقصان کانسواءِ گهر ڳوٺ اجڙي ويا. جڏهن ته موجوده طوفان ساحلي پٽيءَ جي ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن مان عارضي لڏپلاڻ ڪرائي امدادي ڪيمپن ۾ رهايو ويو آهي.
تمر جا ٻيلا: سنڌ جي ڊيلٽا ۾ ٻيلي کاتي جي انگن اکرن موجب ڏيڍ لک ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي تمر جو ٻيلو پکڙيل آهي. 99 واري طوفان کانپوءِ سرڪاري ۽ عام سطح تي تمر جي وڻ جي اهميت جو اندازو وڌيڪ ٿيو آهي. ڪراچي جيڪو ملڪ جو اڪيلو قاسموپوليٽن سٽي ۽ ميگا سٽي وارو شهر آهي. اتي تمر جي وڻن جو ٻيلو شهر کي سامونڊي ويرن ۽ طوفان کان بچائيندو رهيو آهي. جڏهن ته ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ کارو ڇاڻ واري علائقي کي پڻ 1999ع واري طوفان ۾ تمر جي ٻيلي بچائي ورتو هو. جاتي ۽ بدين ضلعي واري ساحلي پٽي جي علائقي ۾ تمر جا وڏا ٻيلا نه هجڻ سبب اتي 1999ع واري طوفان وڏي تباهي آندي هئي. تمر جو وڻ درياءَ ۽ سامونڊي پاڻيءَ جي ملڻ جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال کانپوءِ سنڌ جي ٻيلي کاتي وڏي پيماني تي تمر جي ٻيلي جي پوکائي ڪئي آهي. جنهن ۾ هڪ ڀيرو ته ڪيٽي بندر ۾ تمر جي پوکي ڪندي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ ماحولياتي اين جي اوز پڻ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ تمرن جي پوکي ڪئي آهي. تمر جو وڻ 30 سالن ۾ جوان وڻ ٿو ۽ سئو سالن کان وڌيڪ عمر رکي ٿو. هن وڻ جي واڌ تمام سست رفتاريءَ سان ٿئي ٿي. درياءَ جي ڇوڙ واري هنڌ تي درياءَ پاڻ سان ريٽ کڻي اچي ٿو، اهو تمرن جي پاڙن ۾ جمع ٿئي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويندو آهي ۽ تمر جي پاڙن ۾ مڇي، پلو، جهينگو ۽ ٻي آبي حيات آنا ڏئي ٿي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي قدرتي طور فقط تمر جو وڻ روڪي ٿو. جڏهن ته سيمنٽ يا لوهه جي ديوار به سامونڊي پاڻيءَ کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندي رهي آهي. ان ڪري سامونڊي ماحوليات لاءِ تمر جي وڻ جي وڏي اهميت آهي. تمر جو وڻ آبي حيات لاءِ پڻ نرسري واري حيثيت رکندڙ آهي. تمر جي ٻيلي جي تباهيءَ جو مکيه ڪارڻ درياءَ جو ٻاراهو ڇوڙ نه ٿيڻ، چمڙي جي ڪارخانن جو ڪروميم مليل پاڻي جو ڇوڙ ٿيڻ، قاسم پورٽ، ڪورنگي ۽ ويسٽ هارف پاور پلانٽ، اسٽيل ملز، رفائنريز جو خارج ٿيندڙ تيل، ميونسپلز ۽ شگر ملز جي گندي پاڻيءَ جي ڇوڙ تمر جي واڌ ويجهه ۾ وڏي رڪاوٽ وڌي آهي. اهوئي سبب آهي جو هڪ سروي موجب ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي ساحلي پٽيءَ ۾ روزانو 80 ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندو رهي ٿو.
ڊيلٽا جا ٻيٽ: ڪراچي ويجهو بابا، ڀٽ، منهوڙو کانسواءِ ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ تعلقي ۾ سوين ٻيٽن تي ماهيگير ڳوٺ ٻڌي رهندڙ آهن. جن ۾ ڀوري، حجامڙو، کوبر، ترساڻ، کيدي واري، وُٺو، کڻند، واڙي، کاهي، کڏي، پٽياڻي، آڌياڙي،گهوڙو، مل، گهاريلي وغيره شامل آهن.