ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سمنڊ جو حملو ۽ ساحل جا حال

Editorial-Article- Ajaz Mangi

نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جو اٽل امڪان هو. اها سموري سامونڊي قيامت ان لاڙ مٿان ڪڙڪي، جنهن وٽ سدائين سور رهيا آهن.
بائپر جواءِ جنهن وقت پنهنجو رخ تبديل ڪري رهيو هو ۽ ڪراچيءَ سان ٽڪرائڻ بدران ان جو نشانو ڪيٽي بندر بڻجي رهيو هو، تڏهن اهڙو اطلاع ڏيندڙ سرڪاري اهلڪارن جي آوازن ۾ خوشين جون گهنٽيون وڄي رهيون هيون. جڏهن ته اها شرمناڪ ڳالهه هئي ۽ آهي. پر پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ شرم جو ڀرم پهرين ڏينهن کان ڀريل آهي. هو خوش هئا ۽ تمام خوش هئا. ڇو ته انهن کي پاڻ کي به خوف هو. انهن جا پنهنجا گهر به سمنڊ جي ان ساحل تي آهن، جنهن جو نالو ڊفينس آهي. انهن کي پاڻ به ڊپ هو ته مٿان بائپر جواءِ جون لهرون انهن جي بنگلن ۾ ڪاهي پون. ان ڪري اهو طوفان سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي مٿان ڪريو ته مڙئي خير آهي.
هڪ ته سنڌ سرڪار سان سلهاڙيل سياستدانن ۽ ڪامورن جا مالي مفاد ڪراچيءَ ۾ آهن ۽ ٻيو ته انهن کي اهو به خوف آهي ته ڪراچيءَ جا ماڻهو احتجاج ڪرڻ ۽ حڪومت جي گريبان ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. ٽيون ته ڪراچيءَ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي، اهو نه صرف سوشل ميڊيا تي پر ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا تي به پيش پيش ٿيندو آهي. ان ڪري انهن کي سدائين خوف رهندو آهي ته متان انهن جا ڪرتوت پڌرا ٿي پون ۽ متان هو ان احتساب جي دائري ۾ داخل ٿي وڃن، جنهن ۾ هو صرف ۽ صرف پنهنجن مخالفن کي ڏسڻ پسڻ چاهيندا آهن.
ڪراچي جنهن مهل تائين بائپر جواءِ جي خطري هيٺ هئي، تيستائين ته هر پل چينلن تي سامونڊي طوفان جو تذڪرو هو. پر جيئن ئي معلوم ٿيو ته هاڻي بائپر جواءِ رخ مٽائي ويو آهي ته انهن جا پنهنجا رخ به مٽجي ويا. جڏهن ته انهن کان پڇا ڪرڻ گهرجي ته ڪراچي ملڪ جو حصو آهي ۽ ڪيٽي بندر سان هن رياست جو ڪو تعلق ناهي؟ ڇا انسان صرف ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا؟ ڇا ڪيٽي بندر، سجاول ۽ بدين ۾ ماڻهو ناهن؟ ڇا انهن کي سور نه ٿيندو آهي؟ ڇا انهن کي تڪليف نه ٿيندي آهي؟ ڇا انهن جا ٻار ٻچا نه آهن؟ ڇا انهن جو هن ملڪ جي مٿان ڪو حق ناهي؟ جيڪڏهن آهي ته پوءِ ايتري بي رخي ۽ ايتري بي حسي ڇو؟
لاڙ جي اها سموري ساحلي پٽي غربت ۽ محروميءَ جي سڀ کان ڀيانڪ تصوير پيش ڪري ٿي. تاريخ ۾ هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن لاڙ جي لئه هئي. جڏهن ڪيٽي بندر سامونڊي ڪاروبار جو مرڪز هو. جڏهن ٺٽو سنڌ جو سرواڻ شهر هو. ان وقت ته کارو ڇاڻ به خوشين ۽ مسرتن جو ماڳ سمجهيو ويندو هو. پر جهڙي طرح درياهه رخ ڦيرائي ويندا آهن. تهڙي طرح تاريخ جا رخ به تبديل ٿيندا آهن. جڏهن اهي تبديل ٿيندا آهن تڏهن انهن ماڳن ۽ انهن ماڳن تي رهندڙ ماڻهن جو اهڙو حشر ٿيندو آهي، جهڙو هن مهل اسان جون اکيون لاڙ جو ڏس رهيون آهن. ڪنهن تي ڄاتو ته سنڌ جو جيڪو حصو ڪڏهن سون جهڙو هو، ان کي مٽيءَ جيترو مان به نه ملندو؟ ڪنهن ٿي ڄاتو ته تاريخ جي ايتري گهڻي توهين به ٿيندي؟ ڪنهن کي خبر هئي ته خوشيون لاڙ کي ائين ڇڏي وينديون، جيئن لهندڙ پاڻيءَ کي مڇيون ڇڏي وينديون آهن. جيئن سڪندڙ سر کي پکي ڇڏي ويندا آهن. ڪوئي ڪجهه به چوي پر اها حقيقت آهي ته هن مهل لاڙ جو حال تمام گهڻو هيڻو آهي ۽ ان هيڻي حال مٿان سخت ترين سامونڊي طوفان جو حملو ڪيترو نه تڪليف ڏيندڙ آهي؟ ان جو اندازو اسان نه ٿا ڪري سگهون. ان جو اندازو اهي ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا، جيڪي ماڻهو طوفان کان اڳ پنهنجي اڀري سڀري حال ۾ رهيا پيا هئا. جيتوڻيڪ انهن جو حال تمام گهڻو برو هو پر پوءِ به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪندا هئا.
لاڙ جي سورن جو هڪ سبب اهو به آهي ته لاڙ تاريخ جي وڏي وقت کان وٺي احتجاج ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي. لاڙ جي عوام جي فطرت ۾ اها سرڪشي ناهي، جيڪا پنهنجن سياسي حقن جي حاصلات جو گس ڏيندي آهي. جهڙي طرح لاڙ ۾ نه گرمي آهي ۽ نه گهڻي سردي آهي، تهڙي طرح لاڙ جي ماڻهن جو مزاج به پنهنجي خطي جي موسم جهڙو آهي. هو بنهه پرامن ۽ الله لوڪ انسان آهن. هو ڪنهن ٻئي جي مال ملڪيت مٿان قبضو ته ڇا پر پنهنجي مال ملڪيت تي ٿيندڙ قبضي جي مزاحمت به نه ڪري سگهندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته لاڙ مٿان ڪو نه ڪو ڪرپٽ ۽ عيار ماڻهو پنهنجو قبضو ڄمائي ويندو آهي ۽ لاڙ جا ماڻهو صرف تڪيندا رهجي ويندا آهن.
لاڙ کي صرف لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي. اها لٽ مار اڄ به جاري آهي. انهن لٽيل ۽ ڦريل ماڻهن جي مٿان سامونڊي طوفان جو عذاب به ڪريو آهي. هو جيڪي پنهنجي غربت ۾ جيئڻ سکي ويا هئا، انهن کي ڪنهن احساس جي ڪري اتان نه ڪڍيو ويو آهي. جيڪڏهن انهن ماڻهن لاءِ سنڌ جي سرڪار وٽ ڪو احساس هجي ها ته انهن کي ٻاهر نڪرڻ جي نوبت ئي نه ڏسڻي پوي ها. انهن کي زوريءَ زبردستيءَ ان ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ته جيئن سنڌ سرڪار مٿان اهو الزام نه لڳي ته سامونڊي طوفان ۾ انساني حياتين جو ٿيل نقصان جي ذميوار حڪومت آهي.
ماڻهو ڪڍڻ مسئلو ناهي. اهي به لاڙ جا مسڪين ماڻهو! انهن کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين جي معرفت ٻاهر ڪڍڻ آسان آهي. پر اصل سوال اهو آهي ته سرڪار ان جي به ڄاڻ ڏئي ته انهن ماڻهن کي ڪهڙي حال ۾ ترسايو ويو آهي؟ هو ڪڏهن پنهنجي ذميواري هئا پر انهن کي گهرن ۽ ڪاروبارن مان ڪڍي ڪيمپن ۾ رهائڻ کان پوءِ هو هاڻي سرڪار جي ذميواري بڻجي ويا آهن. هن وقت ڏسڻو اهو اهي ته ڇا سرڪار پنهنجي ذميواري احسن انداز سان پوري ڪري رهي آهي؟
ڪراچي به سمنڊ جي ڪناري وارو ساحلي شهر آهي. پر ڪراچي سرڪش ۽ تمام مشڪل مزاج رکندڙ شهر آهي. هن شهر کي پنهنجا حق وٺڻ به ايندا آهن ۽ هن شهر کي پنهنجا حق کسڻ به ايندا آهن. اهوئي سبب آهي ته ڪراچيءَ مٿان طوفان ٽرڻ سبب سنڌ حڪومت کي مٿي کان وٺي پيرن جي ترين تائين سڪون جي ڪيفيت محسوس ٿي رهي آهي. باقي بچيو آهي لاڙ! سو لاڙ جي ڪنهن کي ڪهڙي پرواهه؟ اهو لاڙ جيڪو ڪڏهن سنڌ جو سڀ کان سکيو حصو هو. اڄ اهو سنڌ جو سڀ کان ڏکيو ۽ بکيو حصو بڻجي ويو آهي. لاڙ جي مظلوم ماڻهن جي مٿان ڪڙيل سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جهڙي طرح انهن لاڙ جي ڦٽن مٿان لوڻ جو لپون ملي ٿو، اهو پهلو پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي تڪليف وارو آهي. پر ان طوفان واري تڪليف مان گهٽ ۾ گهٽ اهو فائدو ضرور پيو آهي ته ان طوفان لاڙ مٿان وڌيل لٽو هٽائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پوري دنيا پسي سگهي ٿي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي رهندڙ انسانن جو اصل حال ڪهڙو آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button