ڪراچيءَ ۾ هن وقت پيپلز پارٽيءَ جو ميئر چونڊجي ويو آهي. ماضي ۾ ڪراچيءَ جو مقامي سطح تي سمورو انتظام ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي وٽ رهيو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو پيپلز پارٽي ڪراچيءَ جي ميئرشپ ماڻي ورتي آهي. هي پيپلز پارٽيءَ جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي پر ان ڪاميابيءَ سان گڏ پيپلز پارٽيءَ تي هڪ وڏي ذميواري پڻ لاڳو ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي مالڪي، سنڌي وسندين خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ سنڌي ادارن خلاف هڻ وٺ هر سطح تي ٿيندي رهي آهي. تنهنڪري پيپلز پارٽيءَ کي اهي سڀ معاملا ڏسڻا پوندا، جيڪي ماضي ۾ اتي آباد سنڌين لاءِ پريشانين جو سبب ٿيندا رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ جيڪي چونڊون ٿيون آهن، ان ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مرتضيٰ وهاب ميئر جڏهن ته سلمان عبدالله مراد ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا آهن.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ميئر جي چونڊ جي غيرسرڪاري نتيجي مطابق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي. جماعت اسلاميءَ جو حافظ نعيم الرحمان ٻئي نمبر تي رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ئي سلمان عبدالله مراد 173 ووٽ کڻي ڪراچيءَ جو ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو آهي. ميئر جي چونڊ کانپوءِ آرٽس ڪائونسل ٻاهران جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون. پوليس اهلڪارن تي به پٿرا ڪيو ويو. پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اطلاعات وزير شرجيل انعام ميمڻ مرتضيٰ وهاب کي ميئر چوندجڻ تي مبارڪون ڏنيون. خبر موجب پ پ جو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو آهي. پ پ جي ميئر ڪراچيءَ جي اميدوار مرتضيٰ وهاب لاءِ شو آف هينڊز ڪرايو ويو. جنهن کانپوءِ کيس ووٽ ڏيندڙن جي ڳڻپ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ حافظ نعيم الرحمان لاءِ ووٽنگ عمل مڪمل ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق مرتضيٰ وهاب کي 173 ۽ حافظ نعيم الرحمان کي 160 ووٽ مليا. ووٽنگ دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ٿيون، جنهن ۾ سندن چوڻ هو ته کين ووٽنگ لاءِ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ميمبرن پهريان شو آف هيندز ذريعي مرتضيٰ وهاب لاءِ ووٽ ڏنو. جنهن کانپوءِ حافظ نعيم لاءِ ووٽنگ ٿي. ڪي ايم سي جي ڪل 366 ميمبرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو هو. جڏهن ته 332 ميمبر آرٽس ڪائونسل پهتا. 34 ميمبر ووٽ وجهڻ لاءِ نه آيا.
پيپلز پارٽيءَ لاءِ هي هڪ سٺو موقعو آهي ته اها پنهنجو پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ سياسي طور مضبوط ڪري، پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اها اتان جي ماڻهن جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندي. ڪنهن به ريت پيپلز پارٽيءَ جو رويو تعصباڻو نه هجڻ گهرجي. اهي سنڌي وسنديون جيڪي سدائين قبضا مافيا جو شڪار رهيون آهن يا جن کي پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ سهولتن کان محروم آهن، انهن تي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ جتي جتي به ترقياتي ڪمن جي ضرورت آهي، اهي ترت ڪرايا وڃن ته جيئن ڪراچيءَ جا شهري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ پنهنجو پاڻ کي هر حوالي سان بهتر سمجهن.