ڪَئين سَپنا اکين ۾ سانڍي، تنهن شام سيوهڻ جي گهٽين ۾ هُو پنهنجي اڻ اظهاريل مُحبت سان گُهمي رهيو هو. اوچتو ڪَني هڻندڙ سِج، ٽُٻي ڏيڻ کان اول کيس ياد ڏياريو ته “ڌَمال ٿيڻ واري آهي.” جيتوڻيڪ هُو ته ورهين کان سندي وجود جي هر تَهه اندر ڌمال ئي محسوس ڪندو رهيو آهي پر اڄ هِن جي ڪوشش اها هئي ته سندس اڻ اظهاريل محبت به ڌمال جو اسرار ڄاڻي وٺي. ۽ انهي لمحي ۾ هڪ مجاور سندن عجب تعلق کي محسوس ڪندي کين چيو…
“توهين ڪافي ٿڪل ٿا لڳو. اچو گهڙي سوا اسان وٽ ساهه کڻو. جيستائين ڌمال شروع ٿئي تيستائين اسان فقيرن وٽ هلي سليماني چانهه جي پيالي پي وٺو”
هنن مجاور جي سِڪ ڀري ڀليڪار ڏسي هائوڪار ڪئي ۽ بودلي بهار واري ٻارِي جي چائنٺ تي ويهي رهيا. تيستائين مجاور سليماني چانهه جون ٻه پياليون کين ڏيئي، پاڻ هليو ويو ۽ هِن پنهنجي اڻ اظهاريل محبت سان قلندر جي شام تي رهاڻ شروع ڪئي. اهو لمحو هِن لاءِ فطرت جي اڻميي احسان جيان هو، جو ساڻس گوڏي گڏ اها محرابي صورت هئي، جنهن جي وشال نيڻن ۾ هن ڪئين ڪائناتون پسيون هيون.بس پوءِ هِن محرابي صورت سان هيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو…
“ڪائنات هڪ وڏو گِهنڊ آهي… ها، نانگي شاهه جي قبرستان واري راهب جو اهڙو اظهار، اڄ سيوهڻ جي گهٽين جو سچ آهي. توکي خبر آهي ته کيرٿر جي پهاڙن ۾ جڏهن شام رِڙهندي آهي تڏهن سموري مئوجودات ساز بڻجي ويندي آهي!! سيوهڻ جا گهڙيال ۽ هو لعل!! هن گهڙي ڪائنات جو محور آهن، جنهن گهڙِي ۾ تون منهنجي سامهون آهين. ڪاري لُنگ سان رُلندڙ روڏا، چڙن سان سٿيل پنهنجي سيني ۾ جيڪو راز کڻي هلن ٿا، سو انهن جي نصيب ۾ ناهي، جيڪي هِتي رسمي چادرون چاڙهڻ ٿا اچن.
پريان ڏس!! هو جيڪو پيرن ۾ ڇير پاتل سُرخ اکين وارو مَستان، سندي وجود کان آزاد ڌمال تي رقصِ جهان ۾ مَست آهي، تنهن جون جڙون خيال جي سَتن زمينن جي پاتال تائين آهن. انهي مَست، ڪڏهن به قلندر تي چادر نه چاڙهي آهي پر پوءِ به هن کي بودلي بهار جو سَنگي سمجهه. ڇو ته انهي مَست کي اها سُڌ آهي ته ڇير ڇاهي، دَف ڇاهي، آڳ ڇاهي، راڳ ڇاهي، رقص ڇاهي، جاڳ ڇاهي ۽ اهي ڄٽائون ڇاهن جيڪي کيس مَهاديوَ شِوَ کان کيس ورثي ۾ مليون آهن. هو جيڪو مست الست حال ۾آهي، ڪنهن ڪڪوريل خيال ۾ آهي، تنهن کان ڪير به اهو سوال نٿو پُڇي سگهي ته هن زندگي ۾ ڇا حاصل ڪيو، ڇا وڃايو؟ اهو مست انهي دنيا کان بي نياز آهي، جنهن دنيا جو چهرو طبقن، مذهبن ۽ نسلن جي رهڙن سبب رت مان ڳاڙهو آهي. سو پاڻ کي به هڪ نئين دنيا اڏڻي آهي. ها، انهن مستن جي دنيا. ان ڪري جو پاڻ کي پنهنجي درويش ديس جي واهُر ڪرڻي آهي. ان ڪري هاڻ اُٿ!! خوف، وهم ۽ هر وِسوِسي مان آزادي ماڻ. ڇا به ٿي پئي پر ياد رک!! پاڻ کي پنهنجي وطن جي هر وستيءَ ۾ سچل جي سرمستي جو سِٽاءُ سينگارڻو آهي.
هاته پوءِ اُٿ ۽ پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏي. ۽ هُو پريان ڌيان سان ڏس!! ڌمال تي رسمِ هلاج شروع ٿيڻ واري آهي. هل ته پاڻ به ڌَمالين سان رَلجي ڌَمال ٿيون ۽ نئون ڪو خيال ٿيون. خيال جنهن ۾ ديس پنهنجو آهي گيڙو ويس ۾!!”
هِنن جي رهاڻ پوري ٿي ته پريان لڪيءَ جا پهاڙ رتي شام جي ڀاڪر ۾ اچي چڪا هئا ۽ هِن سوچيو ته ڇا سندس ديس جي هڪ رولاڪ شاعر جي اها سدا حيات سِٽ هاڻ سگهو ئي سچ ثابت ٿيڻ واري آهي؟ جنهن ۾ ان ڪوي ڪيئي سال اڳ اهو چيو هو ته….
کيرٿر جي پُٺيان، ڪائي چنگهاڙ آ
جي ٻُڌو ٿا پيا، پوءِ هي ماٺار ڇو
ڪَن لاٽار ڇو!؟
۽ پوءِ کيس ياد آئي ڍوري ناري جي اها ڀِنل رات، جنهن ۾ هن ديس جي هڪ دراوڙ روح، کيس شاعري جي حوالي سان هڪ ڊگهي ڏند ڪٿا ٻڌائيندي آخر ۾ اهو چيو هو ته شاعرن جون اڳڪٿيون ڪڏهن به ڪوڙيون ثابت ناهن ٿينديون. تنهن ڪري هاڻ هِن کي به ويساهه آهي ته هن ديس ۾ حلاجي رسم جي رُت آئي بيٺي آهي. اها رُت، جنهن ۾ جهر جهنگ ۾ حق جو اهو هُل هلاچو هُلڻو آهي، جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ صدين جون سماعتون اوسيئڙي ۾ رهنديون آيون آهن.