سنڌ ۾ تفريح وارا ماڳ سهولتون نه هئڻ سبب دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن نه ڇڪائي سگهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آهن، جن کي بهتر ڪري بهترين ٽوئرزم وارو ماحول تيار ڪري سگهجي ٿو. گورک هل اسٽيشن جهڙو ماڳ هجڻ باوجود به اهو سهولتن کان وانجهيل آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ اهو ماڳ بنهه گهڻو سهڻو آهي پر تنهن هوندي به اتي ايندڙن لاءِ ڪنهن قسم جي سهولت موجود ڪونهي. ان کان سواءِ انتظامي طور جيڪي معاملا سنڌ جي ماڳن سان لاڳاپيل آهن، اهي به ڪي بهتر ڪونه آهن، تنهنڪري ماڳن جي سارسنڀال بهتر نموني ڪونه ٿي رهي آهي. موهن جو دڙو ورلڊ هيٽريچ طور ڊڪليئر ٿيل آهي پر ان جي حالت به ڪا ايتري بهتر ڪونهي. ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، اها نه رڳو افسوس جوڳي آهي پر ان سان انتظاميه جي لاپرواهيءَ جو اندازو به ٿئي ٿو.
سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جي بجلي سيپڪو ڏوڪري پاران هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بقايا ڄاڻائي ڪٽِي ڇڏي آهي. ماڳ جي بجلي ڪٽجڻ تي ٽيوب ويل بند ٿي ويا آهن. جنهن ڪري پارڪن ۾ گلن ٻوٽن کي سخت گرمي ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري باغ باغيجا توڙي گل ٻوٽا سڪي سڙڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سيپڪو ڏوڪري جي عملي جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو جي مختلف آفيسن ۾ لڳل بجليءَ جي ميٽرن تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم بقايا طور آهي جيڪا جمع نه ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري ماڳ جي بجلي ڪاٽا ڪئي وئي آهي. پيمنٽ ڪئي ويندي ته بجلي بحال ڪئي ويندي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪيوريٽر ميوزيم روحل امين گهمري چيو ته هو موڪل تي آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو تي بجليءَ جا هر مهيني ايندڙ بل هو نوادرات کاتي ڏانهن موڪليندا آهن جتان بلن جي پيمنٽ ٿيندي آهي. هن چيو ته سيپڪو وارا جنهن هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جي ڳالهه ڪن ٿا اها رقم 15 سالن کان متضاد رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سيپڪو طرفان اوور ريڊنگ ذريعي ڪيل بلنگ تي ڦڏو هلندڙ آهي جنهن کي حل ڪرڻ لا سيپڪو اختيارين سان لکپڙهه ڪري مسئلو حل ڪيو ويندو. هوڏانهن ماڳ تي نصب ٿيل سولر سسٽم ۾ مبينا خرابي سبب رات جو سسٽم مان بيڪ اپ اچڻ بند ٿي ويو آهي جنهن ڪري رات جو بجلي نه هجڻ ۽ سولر جو بيڪ اپ نه هجڻ سبب ماڳ تي رهندڙ ملازمن کي سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.
موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ جو اهم ترين تاريخي ماڳ آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. ان جي سارسنڀال ڪرڻ ۽ دنيا مان ايندڙ سياحن کي موهن جو دڙو کي بهتر حالت ۾ ڏيکارڻ سنڌ حڪومت جو فرض آهي، جيڪڏهن اتي بجلي ئي نه هوندي ته انتظامي معاملا ڪيئن هلي سگهندا. اسين سمجهون ٿا ته هن معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، جيڪڏهن اها ڪوتاهي سيپڪو کان ٿي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾دير نه ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪوتاهي اتان جي انتظاميه کان ٿي آهي ته ان کان پڇاڻو ڪرڻ ضروري آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بنا دير جي موهن جو دڙو جي بجلي بحال ڪئي وڃي.