سفر فقط منزل تي پهچڻ جو نالو نه آهي، پر ان کان گهڻو وڌيڪ آهي. اهو زندگي گذارڻ جو هڪ فلسفو آهي. اهو پاڻ کي ڳولي لهڻ جو سفر آهي. اهو ان دريافت جو به نالو آهي ته دنيا ۾ اسان جي جا ڪهڙي آهي، اسان جو مقام ڪهڙو آهي؟ سفر ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ علم جي ڳولا جو به نالو آهي. سفر جو فلسفو دنيا جي عجائبات، جستجو جي اڃ ۽ هڪ تجسس جنهن جي ڪا حد ئي ناهي، حيرت ۽ تعجب جي گهرائي آهي.
سفر ان ڳالهه جو به اعتراف آهي ته اسان جي دنيا وسيع آهي، اها ڪيترين ئي ثقافتن نظارن ۽ تجربن سان ڀريل آهي، دريافت ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي.
سفر اسان کي دنيا جي خوبصورتي ۽ پيچيدگيءَ جي ياد ڏياري، حيرت ۽ خوف جي احساس کي جنم ڏئي ٿو. ڪنهن جابلو سلسلي جي شاندار چوٽيءَ جي اڳيان بيهڻ، ڪنهن تاريخي شهر جي قديم گهٽين ۾ گهمڻ يا ڪنهن ويران ساحل تي سج لهڻ جو نظارو ڪرڻ، سفر اسان کي فطرت جي عظمت ۽ انساني تخليقن جي شاهدي ڏئي ٿو. انهن لمحن ۾ اسان کي ڪائنات جي وسعت ۽ پنهنجي وجود جو احساس ٿئي ٿو ته ڪائنات جي عظيم داستان ۾ اسان به ننڍڙا پر اهم شرڪت ڪندڙ آهيون.
سفر فقط ٻاهرئين ڳولا بابت ناهي، اهو خود شناسي ۽ ذاتي ترقيءَ جو اندروني پنڌ پڻ آهي. اڻ ڄاڻ ماڻهن ۽ حالتن جي آڏو ٿي بيهڻ سان اسان پنهنجي اندر جي خوفن کي منهن ڏيون ٿا. ذهن ۾ سوار حدن ۽ زنجيرن کي ٽوڙيون ٿا ۽ غيريقيني صورتحال کي قبول ڪرڻ سکون ٿا.
سفر اسان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿو. ان کان سواءِ سفر رابطا قائم ڪرڻ جو پڻ ذريعو آهي. سفر رڪاوٽن کي ٽوڙي ثقافتن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اسان کي گڏيل انسانيت جي ياد ڏياري ٿو، اهو ٻڌائي ٿو ته انسانيت هڪ ئي آهي پر اسان پاڻ ان کي ورهائي ڇڏيو آهي، اها ورڇ قبيلن، ذاتين پاتين ۽ طبقن ۾ ٿيل آهي، پر جڏهن به اسين سفر ڪرڻ دوران ڪنهن به اوپري ماڻهو سان ملون ٿا يا ڳالهايون ٿا ته ان وٽ ساڳيا جذبا هوندا آهن.
مقامي ماڻهن ۽ مسافرن سان رابطي ذريعي اسان زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون. ڪهاڻيون، قصا، خيالن جي ڏي وٺ، نين حالتن بابت ڄاڻي گهرا رابطا ٺاهيندا آهيون. انهن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ انهن کي ڳوليندي ڳوليندي پنهنجي ڳولا به جاري رهندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته دنيا ۾ اسين ٽڪرن ۾ ورهايل آهيون پر سفر اسان کي متحد ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته اسان هڪ وڏي ميڙ جو حصو آهيون.
سفر جو فلسفو آفاقي آهي ۽ اهو زندگيءَ جي سڀني شعبن جي ماڻهن طرفان قبول ڪري سگهجي ٿو. بشمول سنڌ جهڙي معاشي طور پٺ تي علائقن ۾ به حقيقت ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ئي مختلف ماحول ڳولڻ ۽ گهمڻ، پنهنجو پاڻ کي هڪ بدلائيندڙ تجربو ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ثقافت، تاريخ ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. ملڪي سياحت جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجي ملڪ اندر لڪل جواهر ڳولهي سگهن ٿا. مختلف ثقافتن ۽ روايتن جي باري ۾ ڄاڻي سگهن ٿا. سفر جو فلسفو مالي حدن کان ٻاهر آهي. اهو تجسس جي ذهنيت، مختلف ثقافتن جي ساراهه، ذاتي ترقي ۽ سمجهڻ جي خواهش جي باري ۾ آهي. اهي اصول ڪنهن به فرد طرفان اختيار ڪري سگهجن ٿا.
سو اچو ته سفر جي فلسفي کي دل سان قبول ڪريون، ڇاڪاڻ ته هي هڪ اهڙُو فلسفو آهي، جيڪو اسان جي دنيا جي خوبصورتي، انساني وجود جي بقا، ذاتي ۽ اجتماعي تبديليءَ جي لامحدود امڪانن جو جشن ملهائي ٿو.