ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلاميءَ جي نفسيات سنڌ جي حوالي سان ساڳي رهي آهي. جنهن جو تازو مثال اسان کي حافظ نعيم جي بيانن ۾ ان وقت مليو جڏهن هو ڪراچيءَ جي ميئرشپ لاءِ سنڌي قوم ۽ سنڌين جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لڳو. ملڪ جي ٻين صوبن جي گاديءَ جا شهر ڪڏهن به ايترا تڪراري ڪونه رهيا آهن، جيترو ڪراچيءَ کي ڪيو ويو آهي. يو پي ۽ سي پي مان آيل اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو هڪ وڏو انگ اهو سمجهي ٿو ته ڪراچيءَ جي اڏاوت 1947ع ۾ ان وقت ٿي هئي، جڏهن اهي ڀارت مان سنڌ لڏي آيا هئا ۽ اهو شهر سندن ڪلهن تي هو. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلاميءَ کي اهو به لڳي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ رهڻ جو حق اردو آبادي، برمين، بنگالين ۽ افغانين کي آهي پر هتان جو مقامي يا اصلوڪو سنڌي ڪراچيءَ ۾ نٿو رهي سگهي، نه روزگار ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي تعليم پرائي سگهي ٿو.
تنهنڪري انهن جي ڪاوڙ سدائين سنڌين تي رهندي آهي. ڪراچيءَ کي سنڌين جي اوطاق سان تشبيهه ڏيندڙ حافظ نعيم کي متان اها به خبر نه هجي ته سنڌ ۾ بيٺڪ کي اوطاق چيو ويندو آهي، جيڪا ڳوٺن ۾ هوندي آهي ته شهرن ۾ به هوندي آهي. اها اوطاق مهمانن لاءِ هوندي آهي، جتي انهن جي مهماني ڪئي ويندي آهي. ڪوبه شهر جيڪو صدين کان آهي ئي سنڌين جو اهو سنڌ جي اوطاق ڌارين لاءِ ٿي سگهي ٿو پر سڌين لاءِ اها اوطاق ناهي پر اهو شهر ئي آهي.
ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا سمجهڻ جو معاملو رڳو هن وقت ڪونه ٿيو آهي، جڏهن مرتضيٰ وهاب ڪراچيءَ جو ميئر چونڊجي ويو آهي پر اهو معاملو 1947ع کان وٺي هلندو پيو اچي، جڏهن هندن جو وڏو انگ ڪراچيءَ مان لڏي ويو، جيڪو نه رڳو پڙهيل طبقو هو پر اهو ڪاروباري طبقو پڻ هو. اڄ جڏهن ڪراچيءَ ۾ افغانين جي لوڌ لٿل آهي ۽ اهو شهر ڪنهن کي بيروزگار يا بکيو نٿو سمهڻ ڏئي ته پشتون به اها دعوا ڪندا آهن ته ڪراچي انهن جو سڀ کان وڏو شهر آهي. ڪراچيءَ کي انتظامي طور ڪيترن ئي سالن تائين ايم ڪيو ايم يرغمال بڻائي رکيو، ان کان اڳ جماعت اسلامي هن شهر کي پنهنجي انتظام هيٺ رکندي آئي آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته پيپلز پارٽيءَ جو ڪراچيءَ مان کٽي اچڻ ممڪن ڪونه هو پر جيئن ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن کان پاڻ کي ٻاهر ڪريو ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ هن وقت ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي تنهنڪري ان جو سياسي فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملي ويو. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته پيپلز پارٽيءَ کي شهر جو مينڊيٽ مليو آهي ته اها رڳو ايم ڪيو ايم يا جماعت اسلاميءَ جي دٻاءُ ۾ اچي رڳو اردو آباديءَ جي وسندين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي.
پيپلز پارٽيءَ کي پهريون ڀيرو ڪراچي شهر جي انتظام ڪاري ملي آهي، ان ڪري ان تي ذميواري به وڌي وئي آهي. هونئن به ڪراچيءَ جو ڪجهه سيڪڙو ئي سويلين وٽ آهي باقي ته سڄو ڪينٽ جو علائقو ليکيو ويندو آهي. تنهنڪري جيڪو حصو به انتظامي طور پيپلز پارٽي وٽ موجود آهي، ان ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڀرپور نموني ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. حافظ نعيم جهڙي ريت سنڌين خلاف زهر اوڳاڇيو آهي، کيس تاريخي حقيقتن جي خبر ئي ناهي. اڄ به ڪراچيءَ جي چوڌاري جيڪي ڳوٺ آهن، اهي سڀ سنڌي آبادين جا آهن، ڇا اهي سڀ ماڻهو غير مقامي آهن، انهن کي اهو حق ناهي ته اهي ڪراچيءَ کي پنهنجو شهر چئي سگهن.
1947ع ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ رڳو ڪراچيءَ ۾ آباد ڪونه ٿيا هئا، اهي لاهور ۾ به آباد ٿيا هئا، جماعت اسلامي لاهور لاءِ اتي اهڙي ڳالهه ڪري ڏيکاري ته هي پنجابين جي اوطاق ڪونهي، اها ڳالهه ان ڪري نٿي ڪري سگهي جو کيس خبر آهي ته اها ڳالهه ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي. تنهنڪري تعصبي سياست بدران ڪراچي شهر کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.