دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به انساني اسمگلنگ ٿيندي رهندي آهي. اهي ماڻهو جيڪي جائز ۽ قانوني طريقي سان ٻين ملڪن ڏانهن روزگار سانگي ڪونه وڃي سگهندا آهن، اهي غيرقانوني طريقي سان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. تنهنڪري اهي هر قسم جو رسڪ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. اهڙي سفر دوران شهري حادثن جو شڪار پڻ ٿيندا آهن ۽ انهن حادثن جو شڪار ٿيندڙ مسافر موت جي ور چڙهي ويندا آهن پر تنهن هوندي به اهو سلسلو هلندو اچي. پر ڇا ڪڏهن حڪومت انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان اها ڪوشش ڪئي ته جيڪي ماڻهو هزارن جي انگ ۾ غيرقانوني طريقي سان ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا، ان وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي ڊيوٽي ڇو ڪونه نڀائيندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ يونان ويندڙ ٻيڙيءَ سان هڪ اهڙو ئي حادثو پيش آيو آهي. جنهن ۾ پاڪستاني به ٻڏي فوت ٿي ويا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي انڪوائريءَ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف گھيرو تنگ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ملوث ايجنٽن جي خلاف فوري طور ڪريڪ ڊائون ۽ سزا جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ايف آءِ اي ڊي آءِ جي عالم شنواري کي واقعي ۾ فوتين ۽ زخمين جي ڄاڻ ۽ سهولت لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف يونان واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي گھري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مون سوڌو سڄي قوم جون همدرديون فوتين جي گھرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي واقعي ۾ ريسڪيو ڪيل 12 پاڪستانين جي سار سنڀال جي به هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته واقعي تي اڄ 19 جون تي سوڳ جي ڏينهن جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب سوڳ جي ڏينهن جي موقعي تي اڄ قومي جهنڊو نه ڦڙڪايو ويندو، فوتين لاءِ خاص دعا ڪئي ويندي. اهي ماڻهو جيڪي ملڪ مان بيزار ٿي سمنڊ پار ڪري ٻين ملڪن ڏانهن روزگار ڪمائڻ ۽ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، ڇا انهن لاءِ ڪڏهن حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ جو سوچيو آهي. جيڪڏهن انهن کي هتي روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن ۽ اسمگلنگ جو ڪاروبار بند ڪيو وڃي ته ڪيترين ئي انساني جانين کي بچائي سگهجي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ افسوسناڪ حادثو آهي، جنهن ۾ ٻار پڻ مارجي ويا آهن. تنهنڪري ان کي رڳو زباني ڪلامي روڪي نٿو سگهجي بلڪه ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي ماڻهو به ناجائز طريقي سان پاڪستاني شهرين کي ڪوڙا دلاسا ڏئي يونان موڪلي رهيا آهن، انهن خلاف عملي اپاءَ ورتا وڃن، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ دير نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي انهن کي ڪا رعايت ڏني وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته قانون پنهنجو رستو وٺي. ايجنٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ واسين کي بچائي سگهجي پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن حڪومت بنا فرق جي ڪارروائي ڪندي.