
عام اليڪشن جو باضابطا اعلان نه ٿيو آهي. اڃان ته هڪ اڻ تڻ آهي. بي يقينيءَ جو مضبوط ماحول آهي. ڪوئي به پڪ سان اها پيشن گوئي نه ٿو ڪري سگهي ته هن سال چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟ پاڻ کي ملڪ جا سياسي ملائڪ سمجهندڙ صحافي به ان سوال جو تسلي بخش جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. جنهن کان پڇا ڪجي ٿو ته ڇا چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون؟ ته هن جو جواب اچي ٿو ”آڪٽوبر يا نومبر ۾ پر چونڊون وقت تي ٿيڻ کپن“ پر سوال اهو آهي ته ٿيڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿيڻ گهرجي؟ جڏهن ته اهم ۽ بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ملڪ چونڊن جي طرف وڌي رهيو آهي؟
اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ملڪ جي جنهن اداري جو وجود ئي ان لاءِ قائم ٿيو آهي ته اهو وقت تي چونڊون ڪرائي! ان اداري يعني پاڪستان اليڪشن ڪميشن کي به معلوم ناهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ خبر ناهي ته پوءِ اهو پتو ڪنهن کي ٿي سگهي ٿو؟ هن وقت ته سرڪاري اتحاد پي ڊي ايم ۾ ان سوال تي پوندڙ ڏار به اها گواهي ڏئي رهيا آهن ته حڪومت کي به پوري طرح سان پروڙ ناهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟
پاڪستان ۾ هن وقت جيڪي به اليڪٽبل پارٽيون آهن يعني جنهن جنهن پارٽيءَ کي ووٽ کڻي پنهنجي طاقت آهر پنهنجا نمائندا چونڊرائڻ جي قوت آهي، انهن پارٽين سڀ کان سگهاري پارٽي تحريڪ انصاف هئي. پر 9 مئي کان پوءِ تحريڪ انصاف جو جيڪو حشر ٿيو آهي، ان حشر جي هوندي هوءَ ڪنهن به طرح سان اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ اهڙو موثر احتجاج ڪري نه ٿي سگهي جيڪو چونڊن جي سلسلي ۾ وس وارين قوتن کي مجبور ڪري سگهي. هن وقت ته تحريڪ انصاف جي ان وڻ جهڙي نظر اچي رهي آهي، جنهن مٿان پن ڇڻ جي موسم گهڻي وقت لاءِ رڪجي وئي هجي. هن مهل ته تحريڪ انصاف جا هزارين ورڪر جيلن ۾ بند آهن ۽ هزارين ورڪر روپوش ٿي هلن ٿا. پر جڏهن تحريڪ انصاف مٿان ڪنهن به قسم جو آپريشن نه ٿيو هو ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي سلسلي ۾ آزاد هئي، ان وقت به هيءَ پارٽي مئي جي مهيني ۾ پنجاب اندر اهي چونڊون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪو فيصلائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهي هئي، جن چونڊن جو حڪم سپريم ڪورٽ ڏنو هو.
تحريڪ انصاف جو موجوده روپ زمان پارڪ جو اداس منظر آهي. ان حوالي سان تحريڪ انصاف چونڊون وقت تي ڪرائڻ چاهي به ته ڪرائي نه ٿي سگهي. پر اهم سوال اهو آهي ته ڇا تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته ٻن ٽن مهينن کان پوءِ چونڊون ٿين؟ حقيقت اها آهي ته اها پارٽي جيڪا هر وقت چونڊن جي ويجهي تاريخ جو مطالبو ڪندي رهندي هئي، جيڪڏهن اڄ هن کان پڇا ڪجي ته ڇا هوءَ جلد چونڊون چاهي ٿي؟ ته ان سوال جو سياسي جواب پارٽيءَ جو سربراهه ڪهڙو به پيش ڪري پر حقيقت اها آهي ته هن وقت آڪٽوبر ۾ چونڊون تحريڪ انصاف به افورڊ ڪري نه ٿي سگهي. ڇو ته اها پارٽي هن مهل تائين ٽوڙڦوڙ جو شڪار آهي.
عمران خان جي اها دعويٰ ڪيتري حد تائين درست آهي ته جيڪڏهن هو ٿنڀي کي به ٽڪيٽ ڏيندو ته اهو کٽي ويندو؟ ان دعويٰ کي چونڊ واري وقت جي حالتن ۾ ثابت ٿيڻو آهي پر هن وقت صورتحال اها آهي ته عمران خان پاڻ به جلد چونڊون ٿيڻ جي فيصلي ۾ پنهنجو نقصان ڏسي رهيو آهي.
مسلم ليگ ن اصولي طور تي ته وقت سر اليڪشن جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ هن کي اهو احساس به آهي ته هن مهل عمران خان جي پوزيشن ڪافي ڪمزور آهي. ان ڪري هوءَ فائدو حاصل ڪري سگهي پر هن کي پوءِ به هڪ خدشو آهي ته هن مٿان چونڊن جي سلسلي ۾ ڪا پنج سالن واري آفت ڪڙڪي سگهي ٿي ۽ هن وقت مسلم ليگ ن ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيل آهن ۽ جهڙي طرح هن مهل تائين ميان نواز شريف جي واپسيءَ جي واٽ قانوني طور تي ڪليئر نه ٿي آهي ته مسلم ليگ ن جي وارث مريم نواز به نه ٿي چاهي ته چونڊون جلدي ٿين.
پي ڊي ايم کي پيدا ڪندڙ اصل قوت ته مولانا فضل الرحمان جي آهي. هو به هن مهل چونڊون تڪڙ ۾ نه ٿو چاهي. هن جي خواهش آهي ته عمران خان کي سخت سزا ملي ۽ تحريڪ انصاف جو وجود مڪمل طور تي منتشر ٿي وڃي ۽ هن کي ايترو وقت ۽ اهي حالتون ملي وڃن جو هو خيبر پختون خوا ۾ پنهنجي پارٽيءَ کي اڀاري سگهي ۽ صوبائي حڪومت مڪمل طور تي ۽ وفاقي حڪومت ۾ وڏو شيئر وٺي سگهي. ان لاءِ هن کي به ساهيءَ ۽ ساٿ جي ضرورت آهي. ان ڪري هو به نه ٿو چاهي ته چونڊون جلد ٿين.
پيپلز پارٽي هن وقت اها واحد پارٽي آهي، جيڪا جلدي چونڊون ٿيڻ جي سلسلي ۾ نه صرف اتحادي اجلاسن پر جلسن ۾ به اهو مطالبو ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي هن مهل چونڊون پنهنجي حق ۾ محسوس ٿي رهيون آهن. پيپلز پارٽيءَ سمجهي ٿي ته جنهن وقت عمران خان سخت ترين بحران مان گذري رهيو آهي، هوءَ ان بحران جو وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهي ٿي ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اهو به خدشو آهي ته جيڪڏهن وقت گذرڻ سان عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري ويجهڙائي پيدا ٿي وئي ته هن کي تمام گهڻو نقصان پوندو. پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جيڪا جلد چونڊن کي پنهنجي حق ۾ بهتر سمجهي ٿي. جڏهن ته ان قسم جو احساس ان ايم ڪيو ايم کي به ناهي، جيڪا عوامي طاقت نه هجڻ سبب بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وئي. هن وقت پيپلز پارٽيءَ کي اهو آسرو آهي ته هوءَ جلدي چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ نه صرف پنجاب مان ڪجهه حصو حاصل ڪري وٺندي پر هن کي ڪراچيءَ مان به گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو. خاص طور تي جڏهن پي ٽي آءِ انتشار جو شڪار آهي ۽ ايم ڪيو ايم وٽ عوامي سگهه نه رهي آهي ۽ مٿان ڪراچيءَ جي ميئرشپ پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي. ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ چونڊ جو هي وقت تمام فائدي وارو آهي پر ڇا اڪيلي پيپلز پارٽيءَ جو مطالبو مڃيو ويندو؟