ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هولي ملهائڻ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن

Editorial

سنڌ ۾ ڪجهه تهوار ۽ رسمون اهڙيون آهن، جيڪي مذهبي هجڻ بدران ثقافتي ليکيون وينديون آهن، اهي هندن توڙي مسلمانن جو گڏيل ورثو آهن. تنهنڪري سنڌ ۾ ڪڏهن به اهڙن تهوارن تي ڪو به فرق محسوس نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هوليءَ جو تهوار وڏي جوش خروش سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ هندو مسلم ٻئي حصو وٺندا آهن ۽ اهو سلسلو صدين کان سنڌ ۾ جاري آهي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ اهڙو رنگن ڀريو تهوار آهي، جنهن ۾ هڪٻئي کي رنگ هڻي خوشين جو اظهار ڪيو ويندو آهي. پر ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ هوليءَ جي تهوار کي جواز ڄاڻائي ان خلاف سازشيون ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته ڪن ڌرين کان سنڌ جي مذهبي رواداري برداشت ڪونه ٿيندي آهي. جنهنڪري هوليءَ جي رنگن ڀرئي تهوار کي تڪراري بڻائڻ ۽ ان کي تعليمي ادارن ۾ نه ملهائڻ لاءِ ڪيترائي جواز گهڙيا ويا آهن پر تنهن هوندي به سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به اهڙي حڪم نامي کي قبول ڪونه ڪيو آهي ۽ هن نفرت جي اهڙي رويي جي سدائين نندا پڻ ڪئي آهي. هڪ ڀيرو وري هوليءَ جي تهوار کي محدود ڪرڻ لاءِ ٻه ڏينهن اڳ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران هڪ نوٽيفيڪشن ڪڍيو ويو آهي.

اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران هولي ملهائي وئي ۽ ان کي جواز ڄاڻائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران هڪ نوٽيفيڪشن ڪڍيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي سمورين يونيورسٽين ۾ هولي نه ملهائي وڃي. ان کان سواءِ ان ۾ لکيو ويو آهي ته اهڙين سرگرمين کي ڏسڻ افسوس جوڳو آهي جيڪو اسان جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي ابتڙ آهي ۽ اهي قدر ملڪ جي اسلامي سڃاڻپ ملهائڻ جي تصور ڪشي ڪن ٿا. اهڙو ئي هڪ مثال ڳڻتي جو سبب ٿيو، اهو هندو تهوار جي موقعي تي جوش ۽ خروش جي مظاهري بابت هو. ان عمل ملڪ جي ساک کي نقصان پهچايو آهي. ان ڪري سمورن لاڳاپيل تعليمي ادارن کي ان کان آگاهه ڪيو ٿو وڃي ته اهي عمل ملڪ جي سڃاڻپ ۽ سماجي قدرن سان هڪجهڙائي نٿا رکن، اهي انهن کان پاڻ کي پري رکن. هي اهي رويا آهن، جن جي ڪري پاڪستان جي ساک دنيا ۾ خراب ٿي رهي آهي. ملڪ ۾ مسلمانن کان سواءِ جيڪي به ٻين مذهبن جا ماڻهو موجود آهن، انهن کي به پنهنجا تهوار ۽ ڏهاڙا ملهائڻ جي مڪمل آزادي آهي، ڇاڪاڻ ته آئين موجب سڀئي شهري برابر آهن. جڏهن هتان جو هر حڪمران اهو چوندو رهيو آهي ته پاڪستان ۾ مسلمانن کان سواءِ ٻين مذهبن جا ماڻهو آزاد ۽ محفوظ آهن ته پوءِ انهن کي اهو حق ڇو نٿو ڏنو وڃي ته اهي آزاديءَ سان هولي ملهائين.
سنڌ ۾ صدين کان هلندڙ هوليءَ جي روايت مذهبي رواداريءَ جو مثال آهي ۽ ان کي سنڌ جا ماڻهو اڄ به قائم رکيو پيا اچن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙي قسم جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري نفرتون پکيڙيندڙ ڪردارن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن. انهن کي ان ڳالهه جو احساس ڏياريو وڃي ته اهي ملڪ جي مذهبي رواداري واري عنصر کي ختم ڪري انتهاپسنديءَ جو ٻڄ ڇٽي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button