ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ گرمي پد ڇو وڌي رهيو آهي؟

Editorial-Article- Rashid Leghari

پوري دنيا ۾ گرمي پد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. جنهن جي پريشاني ۽ ڳڻتي ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ تنظيمن کي به هوندي. جيتوڻيڪ پاڪستان به اهڙي گرمي پد جي وڪڙ ۾ آهي. گذريل سال جي شديد برساتن کانپوءِ قهر جي گرمي عوام ڀوڳي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ حيدرآباد جا ڏينهن ايترا گرم نه هئا، جيترا هن وقت آهن. اڳ ۾ نوابشاهه، جيڪب آباد ۽ دادو گرم علائقن ۾ ڳڻيا ويندا هئا. جتي 44 سينٽي گريڊ گرمي پد به انسان جو لڱ ساڙي رهيو هوندو هو. هن وقت حيدرآباد ۾ گرمي پد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ان جو وڏو سبب شهر ئي آهن. شهرن ۾ وڻڪاريءَ جو تصور ئي ختم ٿي رهيو آهي. هر طرف سيمنٽ، سريو ۽ لوهه سان ٺاهيل آسمان سان ڳالهايون ڪندڙ عمارتن جي ڀرمار آهي. اهي عمارتون به هوا جي رخ مطابق نٿيون ٺاهيون وڃن. فليٽن ۽ گهرن جا طرف به هاڻ ڏکڻ بدران هر طرف ملن ٿا. حيدرآباد جي سٽي وارن علائقن ۾ گاڏين جي رش ۽ دونهن دوران گرمي اڃا وڌي ويندي آهي. هڪ اهم رجحان ٻيو به آهي، جنهن سان به اسان جي ماحوليات ۾ گئسون وڌي رهيون آهن. اهو آهي شهر ۾ لڳندڙ ايئر ڪنڊيشنڊ. انهن ايئر ڪنڊيشنز کي ڳڻينداسين ته اهي اوترا هوندا جيترا ماڻهو، آفيسون، ادارا ۽ گهر آهن اوترا ئي ايئرڪنڊيشنڊ هوندا. ٻيو اي سيز وري گاڏين ۾ به لڳل هوندا آهن.
هنن اي سيز مان خارج ٿيندڙ گئس ۽ گرمائش به شهرين جو ساهه مٺ ۾ ڪري رهي آهي. هونئن ته حيدرآباد ٿڌين هوائن جي شهر طور مشهور هو. اڄ اهو شهر گرم هوائن ۽ گرم ترين ڏينهن جو شهر بڻجي رهيو آهي. گرمي پد تي فڪرمند رهندڙ تنظيمن جا پروگرام ۽ ماحوليات تي ٿيندڙ ڪانفرنسون به ٿڌن هالن ۾ ٿين ٿيون. هڪ لحاظ کان اهي به پنهنجي حصي جي ماحولياتي گدلاڻ هن شهر جي حصي ۾ ڏئي رهيا هوندا آهن.
حيدرآباد اهو شهر آهي جنهن جي اولهندي ڪنڌيءَ تي سنڌو درياهه موجود آهي. جنهن ۾ پاڻي گهٽ پر گرم واري وڌيڪ آهي. درياههِ مان نڪرندڙ نيو ڦليلي، اولڊ ڦليلي ڪئنال ۽ اڪرم واهه به حيدرآباد جي ڀرسان گذري لاڙ پٽ ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪندا آهن. جتي اڳ ۾ اهڙن واهن ۽ ڪئنالن جي ڪنارن تي وڻڪاري ۽ ٿڌڪار هوندي هئي. اتي به هاڻ ماڻهن ڪئنالن جي ڪپرن تي قبضو ڪري پنهنجون ڪالونيون ٺاهي ڇڏيون آهن. جيڪي اڳ ۾ واٽر ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تحت ڊاهي پٽ به ڪيون ويون. جتي ماڻهن هاڻ وري به قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هتي گهر ڪالونيون ختم ڪري ڪنارن تي وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن ته هن شهر جي حصي ۾ ٿوري ماحول دوست ٿڌڪار حصي ۾ اچي سگهي ٿي.
ٻيو ته حيدرآباد ۾ هوائن کي روڪيندڙ عمارتن لاءِ ميڪنزم جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهي عمارتون به شهر کي وڌيڪ گرمي ڏئي رهيون آهن. حيدرآباد يا ٻيا شهر جيترا ئي وڏا بلند ۽ وڏين عمارتن سان ڀرجي رهيا آهن. اوترئي قدرتي هوائن کي روڪيو پيو وڃي. وڏين عمارتن جي فليٽن ۾ در، دريون ۽ گئلريون ته آهن پر هوا ناهي. شهر جي ڳتيل آباديءَ ۾ گرمي ۽ سج ماڻهو جو ساهه ڪڍي رهيو هوندو آهي. ماحولياتي آلودگي جتي انسان پيدا ڪئي اهو خود ان ۾ مري رهيو آهي.
اهڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪجهه پارڪن وارن هنڌن تي وري به ڀلي هوا ۽ سڪون وارو ماحول ملي ٿو. جيڪي پارڪون به نه هجڻ برابر آهن. هتي جيڪي ڪونوڪارپس جا وڻ لڳايا ويا آهن، ان بدران ٻيا مقامي وڻ لڳايا وڃن ته ماحول کي اڃا فائدو ٿيندو. جنهن سان گرمي پد گهٽجڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ان لاءِ پارڪن ۽ روڊن رستن تي ڪم ڪندڙ ادارن کي اڳتي اچي عملي ڪم ڪرڻو پوندو. هن وقت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻي ورتو آهي. ميئر ڪاشف شوري دعوا به ڪئي آهي ته هن وٽ حيدرآباد جي ترقيءَ لاءِ 50 سالن جو پلان به آهي. جنهن ۾ راڻي باغ کي شامل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ان ڪري راڻي باغ سميت جيڪي ٻيا پارڪ آهن، اهي بحال ڪري وڻن سان ڀريا وڃن. بلديا اهو ڪم ڪري وئي ته هتي ماحوليات کي هٿي ملندي. جتي ماڻهو گاڏين ۾ گهمي گرمي پد وڌائڻ بدران پارڪن حوالي ٿي چڪا هوندا. هن وقت ماحوليات کي زهريلي گئسن کي بچائڻ لاءِ جيڪي ادارا يا سائنسدان ڪم ڪن پيا. انهن کي وڏن شهرن جي گدلاڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button