جڏهين پاڪستان بينڪنگ ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو ته ان جي سڀ اثاثن ۽ ذميوارين کي اسٽيٽ بينڪ جي حوالي ڪيو ويو. انهن اثاثن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ ائنڊ فنانس (NIBAF) به شامل هو. اهو بينڪرز جي تربيت جو ادارو هو جيڪو اسلام آباد جي سيڪٽر H-8/1 ۾ هڪ شاندار عمارت ۾ واقع هو. هتي ٽريننگ جي سهولت ۽ هڪ سٺي لائبريري، ٽي وي، وي سي آر، ٽيبل ٽينس ۽ بليئرڊ جي راندين سان گڏ گھڻن ڪمرن تي مشتمل هڪ هاسٽل آهي. اسان جي هڪ آفيسر جو چوڻ هو ته بينڪنگ ڪائونسل ۽ ٻين سرڪاري بينڪن جا آفيسر ان کي هڪ وئڪيشن ريسارٽ طور استعمال ڪندا هئا. اهو سيڪٽر اسلام آباد کان وڌيڪ پنڊي جي ويجھو آهي ۽ اسلام آباد جو زيرو پوائنٽ به ڪافي فاصلي کانپو اچي ٿو.
اسلام آباد جو اهو سيڪٽر رهائشي ناهي پر اهو تعليمي ۽ صحت وغيره جي ادارن لا مخصوص آهي. هتي موتمر عالم اسلامي، اڪادمي ادبيات، شفا انٽرنيشنل اسپتال، سنڌ گريجويٽس جو ڊاڪٽر فيروز ريسرچ سينٽر، ورڪنگ وومين هاسٽل ۽ ٻيا ادارا واقع آهن.
اسٽيٽ بينڪ ان وقت بينڪنگ جي شعبي ۾ آيل تبديلين ۽ ٽيڪنالوجي جي حوالي سان هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهي هئي. ان جي لا مارڪيٽ مان نئين ٽيلنٽ کي ڀرتي ڪرڻ سان گڏ موجود اسٽاف کي وڏي پئماني تي تربيت ڏيڻ جي ضرورت هئي. ان سلسلي ۾ ان ڳالهه کي مڃڻ ضروري آهي ته جتي ملڪ جي گھڻن ادارن پراڻن ملازمن کي مدي خارج قرار ڏيئي نوڪري کان فارغ پئي ڪيو ويو اتي اسٽيٽ بينڪ جي مينيجمينٽ پاران اها ڪوشش ڪئي ويئي ته انهن مان گھڻن کي تربيت ڏيئي ڪارآمد بڻايو وڃي.
مون سميت بينڪ جي گھڻي اسٽاف جنهن پنهنجي پنجويهه ٽيهه سالن جي نوڪري ۾ ڪڏهين ٽريننگ نه ڪئي هئي انهن کي ان مرحلي مان گذرڻو پيو. نباف اسٽيٽ بينڪ جي Subsidiary آهي. پر ان کيCost Centre چيو ويندو آهي. مطلب ته اهڙو ادارو جيڪو ڪمائي نه ڏئي پر ان تي خرچ ٿئي. ان جو مقصد اداري جي افرادي صلاحيت کي وڌائڻ هو. ان جو سربراهه ۽ مک آفيسر اسٽيٽ بينڪ جا ملازم هوندا آهن جن کي ڊيپوٽيشن تي هتي مقرر ڪيو ويندو آهي. هن وقت اسلام آباد جي ڪئمپس سان گڏ ڪراچي ۾ ان جو ڪئمپس پڻ آهي. اسلام آباد جو ڪئمپس رهائشي آهي ۽ اتي ٽريننگ دوران رهڻو پوندو آهي جڏهين ته ڪراچي جو ڪئمپس دفتري وقت ۾ هوندو آهي ۽ پو معمول موجب پنهنجي گھر.
مون انهن ٻنهي ۾ بينڪنگ، مينيجمينٽ، معاشيات ۽ اڪائونٽنگ وغيره جا مختلف ڪورس اٽينڊ ڪيا. خاص طور اسلام آباد جي ڪئمپس ۾ پڙهائي سان گڏ جيڪي ٻيون سرگرميون هونديون هيون انهن جو پنهنجو لطف هوندو هو. هتي هر ڪو پنهنجي گھر کان پري هوندو هو ۽ اهڙي ريت شام جي وقت گھمڻ ڦرڻ ۽ ٻي تفريح ڪرڻ جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ويجھڙائي ۽ هم آهنگي پيدا ٿيندي هئي جيڪا آفيس ۾ رهندي ممڪن نه هئي. ڪلاس ختم ٿيڻ کانپو شام جو اسان ڪجھه دوست جاگرز وغيره پائي گھڻو ڪري ايڇ نائين ويندا هئاسين جتان مارڪيٽ مان ضرورت جون ڪجھه شيون وٺي پارڪ ۾ جاگنگ ٽريڪ تي ڪجھه چڪر هڻي اچي ڀر واري پٺاڻ جي جھوپڙا هوٽل تي چانهه پيئندا هئاسين. هتي هر ڪنهن کي پنهنجو ڌار ڪمرو هوندو هو. اتي ڪجھه دير آرام ڪري رات جي ماني تي گڏبا هئاسين. ڪلاس ختم ٿيڻ کانپو شام جو اسلام آباد جي مختلف تفريحي جايون گھمڻ ۽ خريداري وغيره ڪرڻ لا گاڏي ڏني ويندي هئي.
جوائنٽ ڊائريڪٽرس ٽريننگ پروگرام اٺ هفتن تي مشتمل هو جنهن اسان کي گھمڻ ڦرڻ لا اڃا وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا. ان عرصي ۾ ايبٽ آباد گھڻو وڃڻ ٿيندو هو. هتي چشمن واري الياسي مسجد خاص جا هئي. هتان ئي نٿيا گلي، ايوبيا، ٺنڊياني ۽ شگران به وياسين. شايد اهو ٽن ڏينهن جو ٽور هو جڏهين سوات ۾ مينگوره، بحرين، ڪالام، گليشيئر ۽ مئو ڍنڍ گھمڻ وياسين. سوات ۾ هر پاسي دريا ۽ ان جا نظارا هوندا هئا. مينگوره ۾ هوٽل سان گڏ ئي دريا وهندو هو ۽ اسان دير تائين اتي ويٺا دريا کي پيا ڏسندا هئاسين. جيئن سنڌ ۾ پلو آهي ائين دريا جي ٽرائوٽ مڇي مشهور آهي. ڪالام ۾ ڪنڙ دريا ۾ ٽوٻا تازي مڇي ڦاسائي اتي ئي تيار ڪري ڏيندا هئا.
آئون سمجھان ٿو ته بينڪ جي ڏنل انهن سهولتن کانسوا ايڏو گھڻو گھمڻ ۽ جايون ۽ شهر ڏسڻ ممڪن نه هو. اهم ڳالهه اها هئي ته ان وقت اهي علائقا پرامن ۽ دهشت گردي کان پاڪ هئا.