پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي جياپي لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هڪ طرف ملڪ جي سڀ کان مضبوط ۽ مغرور پارٽيءَ جو هي حال آهي ۽ ٻي طرف ميڊيا تي شور متل آهي ته پي ڊي ايم حڪومتي اتحاد پنهنجا پويان پساهه کڻي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ڊي ايم جي پويان مولانا فضل الرحمان جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي پر هن جو ڪردار هڪ قاضيءَ جهڙو آهي. جڏهن ته اصل اهميت انهن ٻن ڌرين جي آهي، جن مان هڪ پيپلز پارٽي ۽ ٻي مسلم ليگ ن آهي. پيپلز پارٽي هن اتحاد جي حوالي سان خوش ته هئي پر پنهنجي سرڪلز ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سدائين اهو افسوس رهيو ته عمران خان جي حڪومت هٽائڻ ۽ پي ڊي ايم کي اقتدار ۾ آڻڻ جو اصل سهرو هن جي سر آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آخر وزيراعظم شهباز شريف ڇو ٿئي؟ جيڪڏهن بقول آصف زرداري مسلم ليگ ن جون سيٽون وڌيڪ هيون، ان ڪري وزارت اعظميٰ تي انهن جو حق هو پر ڇا اهم پيپلز پارٽي اهم وزارتون نه پئي وٺي سگهي؟
اهو ممڪن آهي ته ڪو اهو چوي ته پرڏيهي وزارت پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي پر پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت اهڙي وزارت نه هوندي آهي، جنهن کي اهم وزارت قرار ڏئي سگهجي. ڇو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ فيصلن جو اختيار اسٽيبلشمينٽ سدائين پاڻ وٽ رکيو آهي. ان صورت ۾ پرڏيهي وزير جو ڪردار هڪ رسمي هوندو آهي. هن جي قسمت ۾ صرف پرڏيهي دورا هوندا آهن. پاڪستان جو پرڏيهي وزير دنيا ۾ ڪيتري اهميت سان آجيان جو مالڪ بڻجي ٿو؟ اسان کي اهو به معلوم آهي. جيڪڏهن پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم ملڪ هجي ها ته پرڏيهي وزارت اهم به ٿي پئي سگهي. پر هن وقت پاڪستان جي هٿ ۾ ڪستو آهي. ان صورت ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي دنيا جي ملڪن ۾ جيڪا آجيان ٿئي ٿي، اها اهڙي نه ٿي ٿئي، جنهن تي فخر يا خوشيءَ جو احساس ٿي سگهي. پاڪستان ان سلسلي ۾ نهايت نماڻو ملڪ آهي. ڇو ته پاڪستان وٽ معاشي حالتون تمام گهڻيون تنگ آهن. پاڪستان جي حالت اها آهي ته هاڻي پاڪستان کي امداد ته ڇا پر ڪٿان ڪو قرض به نه ٿو ملي. آءِ ايم ايف پاڪستان کان پنهنجيون سموريون شرطون تسليم ڪرائڻ کان پوءِ به جڏهن قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ته ان صورت ۾ هڪ ملڪ جو وقار ڪيترو نه مجروح ٿئي ٿو. پوري دنيا کي معلوم آهي ته پاڪستان جي حالت ڪهڙي آهي؟ ان معلومات جي پسمنظر ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي ڪهڙي حيثيت هوندي؟ ان سوال جو جواب اسان کي معلوم آهي.
پنهنجي هٿ سان جوڙيل اتحادي حڪومت کان بلاول لاءِ پرڏيهي وزارت وٺڻ جو معاملو به هڪ هڪ نوعيت سان ٻڌل آهي. پر اهم ڳالهه وري به اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي هن جي اصل شيئر کان محروم رکڻ واري حڪومت هن مهل جڏهن فطري طور تي پوين پساهن ۾ آهي تڏهن پيپلز پارٽيءَ ۽ نواز ليگ جا اختلاف ڀرپور طرح سان اڀري آيا آهن. اهي اختلاف هن مهل اڀرڻ به هڪ فطري عمل جو حصو آهن. ڇو ته هاڻي پارٽيون چونڊن جون تياريون ڪري رهيون آهن. ان جي لاءِ انهن کي هڪ وقت تائين آزاد حيثيت جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جيڪڏهن هڪ ٻئي کان پري به ٿين ٿيون ته انهن جي دوري عارضي هوندي. ڇو ته عمران خان جي هوندي انهن کي پاڻ ملڻو ئي پوي ٿو. عمران خان انهن ٻنهي پارٽين جو مخالف آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي ذهن ۾ اهو خيال به هو ته هوءَ عمران خان سان هٿ ملائي سگهي ٿي پر 9 مئي جي واقعي کان پوءِ اهو امڪان به ختم ٿي ويو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اتحاد جي ڪا صورت نڪرندي به سهي ته اها پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ نڪرندي. پر هن وقت پيپلز پارٽي ان اتحاد مان نڪري اليڪشن جي حوالي سان ڪجهه سياست ڪرڻ چاهي ٿي. ان لاءِ هن جي نظر پنجاب تي به آهي. ڇو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرگرميءَ تي نواز ليگ کي اعتراض آهي. اهوئي سبب آهي ته تازو رانا ثناءُالله جو ان سلسلي ۾ اهو بيان آيو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنجاب ۾ سرگرم ٿي ته اسان کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان ڪو روڪي نه سگهندو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پيپلز پارٽي جي حوالي سنڌ ڪئي وئي آهي ۽ نواز ليگ اڄ به پاڻ کي پنجاب جو وارث سمجهي ٿي.
پيپلز پارٽيءَ جي پوري ڪوشش آهي ته هوءَ عمران خان جي مٿان نازل ٿيل عذاب جو سياسي فائدو حاصل ڪندي انهن ماڻهن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ آڻي، جيڪي ماڻهو اليڪٽيبل آهن.
پيپلز پارٽيءَ کي پوري طرح سان پتو آهي ته هوءَ پنجاب ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي اهم پارٽي نه ٿي بڻجي سگهي ۽ نه وري اقتدار ۾ اچڻ جو خواب به ڏسي سگهي ٿي. ان ڪري هن سمورو زور پنجاب تي رکيو آهي. پنجاب ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جو پاڻ ۾ جهيڙو اڻ ٽر آهي. اهو جهيڙو هن مهل شدت اختيار ڪري رهيو آهي پر پاڪستان جي سياست سدائين پنهنجا رخ ڪنهن به وقت تبديل ڪرڻ جي تاريخ رکندڙ آهي. ان ڪري اسان حتمي طور تي ڪا ڳالهه نه ٿا ڪري سگهون. پر ان جو اهو مطلب به ناهي ته ڪو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي وچ واري ڪشمڪش ڪا حقيقت ناهي.
پنجاب جي پس منظر ۽ اليڪشن جي اچڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيڻ لڳا آهن، انهن اختلافن تي تحريڪ انصاف وارا خوش آهن. هن جي حمايت ڪندڙ سياسي مبصر ميڊيا تي بار بار اهو نقطو ورجائي رهيا آهن ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اتحاد غيرفطري هو. جڏهن ته ان حقيقت تي ڪو به غور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته سياست ۾ ڪو به اتحاد فطري نه هوندو آهي. پارٽيون پاڻ ۾ ڪجهه مفادن جي ڪري ملنديون آهن. جڏهن اهي مفاد حاصل ٿيندا آهن ته پوءِ انهن جي وچ ۾ دوريون وڌڻ لازمي ٿي وينديون آهن. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن پيپلز پارٽيءَ کي مسلم ليگ ن جي ضرورت هئي ۽ مسلم ليگ جي شهباز شريف واري حصي کي پيپلز پارٽيءَ ۾ پنهنجو مفاد نظر پئي آيو. ان ڪري انهن جو ملڻ مفادن جي حوالي سان لازمي هو. هاڻي مفاد تبديل آهن. ان ڪري هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ جا سبب به پيدا ٿي پيا آهن. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سياست ۾ ڪڏهن به فطري ۽ غيرفطري اتحاد نه ٿيندا آهن. سياست ۾ اهم اهي مفاد هوندا آهن، جن جي ڪري پارٽيون پاڻ ۾ ملنديون به آهن ۽ ملي هڪ ٻئي کان الڳ به ٿينديون آهن. سياست جي تاريخ اهڙي جوڙ توڙ جو داستان آهي. ان ڪري فطري ۽ غيرفطري اتحاد جو محاورو بامعنيٰ محسوس ٿيندي به بي معنيٰ آهي.