ڇا سنڌ جو امن واقعي ئي مڪمل طور تي بگڙندي ختم ٿي چڪو آهي؟ بظاهر ته اهوئي چيو ٿو وڃي ۽ ٻڌايو به وڃي ٿو ته سنڌ جو امن امان تمام جو تمام ختم ٿي چڪو آهي پر پنهنجو انهيءَ موقف ۽ نقطه نظر تي تمام گھڻو اختلاف آهي سنڌ جو امن امان سڀني يعني سڄي سماج ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ نه بگڙيل آهي ۽ نه برو آهي، ها سنڌ جو امن صرف ۽ صرف عام عوام لاءِ ڪٿي به وجود ڪو نه ٿو رکي ۽ عام ماڻهو بري ۽ بدتر زندگي گذاري ٿو سنڌ جو جاگيردار ،ڀوتار، نام نهاد سردار، ڪامورا شاهي ۽ طاقتور ادارا يا انهن جا فرد بلڪل محفوظ ۽ بي خوف زندگي گذارن ٿا انهن جي لاءِ سنڌ پرسڪون ۽ امن امان جو هڪ بهترين علائقو آهي عوام جي لٽ مار ۾ مصروف لوفرن جا ٽولا جيڪي ڏينهن رات ڪارروايون ڪندي کلي عام پنهنجي وحشت ۽ دهشت جو تماشو پيا ڪن انهن جي گروھه ۾ شامل ڪي لوفر جن کي بااثرن ۽ ڀوتارن يعني اهو اشرافيا ڪلاس جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون انهن مان ڪنهن خلاف غلطي ۾ ڪا ڪاروائي ڪري ٿو وجھي ته جنهن سان واردات ٿئي ٿي اهو ايترو پريشان نٿو ٿئي پر واردات ڪندڙ گروهھ نه رڳو پاڻ اڪيلو پر پوري علائقي جا ڏوهاري ششدر ۽ پريشان ٿي وڃن ٿا ميڙ منٿن جو سلسلو شروع ٿو ٿي وڃي بنگلن تي غلطين جي معافي وٺڻ لاءِ ڏوهارين جون سرگرميون ميلائي انداز ۾ نظر اينديون آهن ۽ پوءِ ڏنڊ ڏوھه چٽي کي بخشش ۾ شامل ڪري اڳتي جي لاءِ تنبيھه ڪندي طاقتور کين معافيون ڏيندا آهن.
ائين ٿو لڳي ڄڻ سياسي جماعتن جو ۽ ڏوهارين جو هڪ پيس فل ايگريمينٽ ٿيل آهي يا سياسي جماعتن جو عوام سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه هجي.
اتر سنڌ جيڪا ڏوهارن جي وارداتن ۾ ڏوهارين جو ڪردار ذلت جي حد تائين ٿيندي نظر ٿو اچي جو رڳو ڪنڌڪوٽ ۾ ويھه ماڻهو ڏوهارين وٽ قيد آهن ٻه ڏينهن پهريان مکي جڳديش ۽ سندس اٺن ورهين جو پٽ جيديپ سندن ڊرائيور مولا بخش جسڪاڻي ڪار سميت اغوا ڪيا ويا آهن ۽ احتجاجن جي جواب ۾ ڏوهارين هفتو اڳ معصوم ٻار فرحان سومرو کي اغوا ڪيو آهي انهيءَ جي رسن سان ٻڌل تصوير وائرل ڪندي وارثن کان ڀونگ گھريو آهي.
حڪومت ۽ رياست لاءِ هي صاف پيغام عوام کي ڏنو آهي ته اهي هنن جو ڪجھه به بگاڙي نٿا سگھن ۽ بلڪل اهو ٺيڪ پيغام آهي ڇو ته حڪومت ۽ رياست جا ادارا عوام جي مسئلن ۽ خاص ڪري امن ۽ امان جي لاءِ پاڻ کي پابند نٿا سمجھن.
سنڌ پوليس ڪيتري به دبنگي دعويٰ ڪري پر عملي طور تي سڀ ڪجھه هڪ قدم اڳتي ويھه قدم پوئتي نظر اچي پيو ۽ ائين ئي سنڌ جون پارٽيون پاڪستان جون سياسي پارٽيون سنڌ جي عوام جي لاءِ نه پابند آهن ۽ نه هنن کي ڪو افسوس يا فڪر آهي سنڌ ۾ لوفرن جون ڪاروايون دهشت ۽ وحشت جي ان حد تائين پهچي چڪيون آهن جو ڪي پي ۽ بلوچستان جي دهشتگردن جون ڪاروايون به انهن جي اڳيان حقير ۽ ڪمزور آهن ماڻهن جي اغوا، انهن سان ريپ ڪرڻ، انهن جي ويڊيو وائرل ڪرڻ، ڀتا گھرڻ ۽ پوري سنڌ جي ڪچي تي قبضو ڪري زمينن ۽ ڍنڍن جي پيداوار کائڻ، ٻيلا وڍڻ جو سلسلو سالن کان جاري آهي. پوليس جي ڊنگ ڊانگ آپريشن صرف ۽ صرف ميڊيا جي زينت بڻجندي رهي آهي ۽ بڻجندي رهندي.
سنڌ جي عوام لاءِ جياپي جي جنگ ۾ پاڻ کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا به راهھ ناهي.