ائين لڳي رهيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ لاءِ ميان نواز شريف ۽ آصف زرداري سڪي جا ٻه پاسا آهن، ڪڏهن هڪڙو، ته ڪڏهن ٻيو اقتدار جي آربٽ ۾ رهي ٿو. هن ڀيري مائنس ۽ پلس جي راند جاري آهي، پر هيل تائين اتفاق نه ٿيو آهي ته ڪير آن اسڪرين ۽ ڪير آف اسڪرين هوندو. پر پلڙو ڳرو ميان نواز شريف جو نظر اچي ٿو. هيل تائين جيترا به اشارا سامهون آيا آهن،انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان جو سياسي مستقبل اونداهو آهي. ڪي چون ٿا ته عمران خان لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي اندر يا ٻاهر جيتريون به همدرديون هيون، اهي ختم ٿي رهيون آهن. هن جا ويجها ساٿي، جن تي عمران خان کي ناز هو، سمورا نه ئي سهي، پر انهن جي اڪثريت هن جو ساٿ ڇڏي چڪي آهي، ان ڪري هو لڳاتار اڪيلو ٿي رهيو آهي، ان جي باوجود پي ٽي آءِ جو چيئرمين چئي ٿو ته سندس پارٽي مقبوليت جي عروج تي آهي.
هينئر هڪ ته عمران خان لاءِ تمام گهڻا خطرا آهن، جيڪي حقيقي به آهن،ڇاڪاڻ ته هو پنهنجا هٿ وڍائي چڪو آهي، ان ڪري گهر تائين محدود ٿي ويو آهي. هن پرڏيهي لڳ لاڳاپن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،پر ناڪام ٿيو. هن سياسي پارٽين سان چونڊن جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهي،پر ان ۾ شامل سمورا اڳواڻ پارٽي ڇڏي چڪا آهن. ان سان گڏ عدليا جي اندر جيترو به سافٽ ڪارنر هو، اهو به ختم ٿي ويو يا بي اثر ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ ايستائين جو جيڪي رٽائرڊ هئا، اهي به ماٺ ڪري ويهي رهيا آهن، انهن ۾ به ايتري جرئت ناهي جو اڳتي اچن. انهن کي هي به خطرو آهي ته ڪٿي کين به باقي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جيان گرفتار ڪري توبهه تائب ٿيڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. هيل تائين جيترا به اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا آهن يا ٿيڻ وارا آهن، انهن سڀني کي ڊپ آهي ته اهي هر قسم جي گاهه پٺي جي قابل نه رهندا. ان ڪري اهي جن جو ٿوريون گهڻيون به همدرديون هيون، اهي به ختم ٿي ويون.
عمران خان جي پارٽي، اخوان المسلمون جيان آپريٽ ڪيو، جنهن مصر ۾ فوجي آمريت کي جنم ڏنو. ان سان گڏ وچ اوڀر ۾ جيتريون به پارٽيون اهڙي سوچ واريون هيون، انهن کي خاموش ڪرايو ويو يا انهن کي مڪمل طور پاسيرو ڪيو ويو. هي اها پارٽي هئي، جنهن جون پاڙون عوام ۾ هيون ۽ ايستائين جو سيڪيورٽي ادارن ۾ به انهن جا همدرد هئا، پر جڏهن آپريشن شروع ٿيو ته انهن کي ڪوبه بچائي نه سگهيو. ساڳي صورتحال عمران خان جي آهي، هن جا سياسي سفارتي لاڳاپا ايترا ته ڪمزور آهن جو هن جي حصي ۾ بئريسٽر اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا جهڙا وڪيل ئي اچي سگهن ٿا. انهن جيترا سگهارا وڪيل اڳ ئي عمران خان جا ڪيس وڙهي رهيا هئا، انهن مان گهڻن ڪيس کٽيا به سهي پر هاڻ سمورا ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. هينئر جيڪڏهن عمران خان جي مدد لاءِ ڪو آيو آهي ته اهي لاهور جا جج، وڪيل ۽ بي ڪيٽيگريءَ جا سياسي اڳواڻ آهن. اهي به محدود حدن ۾ رهي آپريٽ ڪن ٿا. انهن جو سمورو پسمنظر فوجي آمريتن خلاف رهيو آهي، پر هينئر هو عمران خان کي پنهنجو سونهون سمجهن ٿا. هو هي سڀ ڪجهه “حب علي ۾ ڪن ٿا يا بغض معاويا ۾.” سڀ ڪجهه ظاهر پيو آهي. پر اهڙي نوعيت جي سياست جو ڪو مستقبل نظر نٿو اچي.
خبر ناهي ته ڇو عمران خان کي هي زميني حقيقت سمجهه ۾ نٿي اچي يا اجايو هوڏ ڪري رهيو آهي ته واڳ ڌڻين جي اشاري کانسواءِ ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي، ايستائين جو ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي به رهي نٿي سگهي. هي ته سڀني کي خبر آهي ته عمران خان واڳ ڌڻين جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار جي طاقتور ڪرسي تائين پهتو، پر هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هو اسٽيبلشمنٽ کي مات ڏئي سگهي ٿو. هو پنهنجي ڪرشماتي شخصيت ذريعي جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو، پر اهڙيون خواهشون، انهن ملڪن ۾ پوريون ٿينديون آهن، جتي سياسي نظام آزاد هوندو آهي. اسان وٽ ڪنهن به قسم جي آزادي، پوءِ اها آئين ۾ درج هجي يا عالمي پڌرنامن ۾، اها مشروط آهي.
هينئر ملڪ جي اعليٰ عدالت به بيوس آهي، جنهن جو ڪم آئين جو تحفظ ڪرڻ آهي. ان جو هڪڙو فيصلو ته هوا ۾ اڏامي ويو آهي، ان ڪري هو ٻيو اهڙو ڪو فيصلو نٿا ڪرڻ گهرن، جنهن سان ٻيهر خلق کلي. هينئر سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جا ڪيس هلڻ وارو معاملو آخري مرحلي ۾ آهي، پر عدالت ان پوزيشن ۾ ناهي ته اها واضح موقف اختيار ڪري سگهي. هڪ اهڙي مسئلي کي ڇيڙيو ويو آهي، جنهن بابت اڳ ئي اعليٰ عدالت جي سترهن ججن تي ٻڌل بينچ فيصلو ڏئي چڪي آهي، جنهن کي موجوده ست رڪني بينچ ڪالعدم به قرار ڏئي نٿي سگهي. بينچ تي سواليا نشان وري قاضي فائز عيسيٰ لڳايو آهي، جنهن واضح لفظن ۾ چيو ته پهرين عدالتي سڌارن واري ايڪٽ تي عمل ڪيو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ جي موجوده بينچ غيرقانوني هوندي. بقول قاضي جي ته عدالت آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ جو قسم کڻندي آهي، ان ڪري هو ان جي پاسداري ڪندو.
سياسي معاملا تقريبن طئي ٿي چڪا آهن، ان ڪري لکيل اسڪرپٽ تي ئي عمل ڪيو پيو وڃي. نواز شريف، جنهن کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو، اهو هينئر به Intact آهي. هن جي چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ ۾ تقريبن سموريون رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن. نواز شريف جي سياسي ڪيمسٽري به عمران خان سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن وقت هو اقتدار ۾ هو ته اهو واڳ ڌڻين کي اکيون ڏيکاري چڪو آهي، ان ڪري اسٽيبلشمنٽ اکيون ٻوٽي هن تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن کي نظام ۾ فٽ ڪرڻ لاءِ ميڪينزم جوڙڻ تي معاملا طئي ٿي رهيا آهن. واڳ ڌڻي، آصف زرداري کي به ايتري ئي اهميت ڏين ٿا، جيتري ميان نواز شريف جي آهي. ان ڪري اقتدار ۾ حصيداري به ففٽي ففٽي جي بنياد تي ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. پ پ سمجهي ٿي ته ان جو پنجاب ۾ گهڻو سياسي وزن ناهي، ان ڪري باقي صوبن مان ان کي طاقت فراهم ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ جاري آهي. جنهن قسم جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته پ پ توڙي (ن) ليگ ساڳي وزن سان اقتدار جي ايوانن ۾ موجود رهنديون. پ پ واڳ ڌڻين ۽ (ن) ليگ ۾ توازن پيدا ڪندي. واڳ ڌڻي چاهين ٿا ته هو هن ڀيري اهڙو سياسي نظام ٺاهين جيڪو هائبرڊ ئي هوندو، پر ان ۾ چيڪس ائنڊ بيلنس به هوندا، جيئن ڪا هڪ ڌر واڳ ڌڻين کي آڱرين تي نچائي نه سگهي. هي نظام، عمران خان جو تسلسل ئي آهي، پر وڌيڪ ميچوئر ۽ عوام دوست هوندو. اهڙي نظام کي واڳ ڌڻي آسانيءَ سان وس ۾ به ڪري سگهندا.