پيدوسيئيف/يامين جتوئي
بورجوا ۽ سوشلسٽ جمهوريت مخالف سماجي معاشي نظامن جون ٻه معياري لحاظ کان سياسي صورتون آهن. سوشلزم خلاف جدوجهد ۾ بورجوا نظريات دان جمهوريت جي مسئلن کي وسيع پئماني تي استعمال ڪن ٿا ۽ “نج” جمهوريت ۽ فرد جي آزاديءَ جي نعرن کي استعمال ڪن ٿا. اهي ماڻهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جمهوريت ۽ سوشلزم گڏجي نٿا سگهن ۽ گڏوگڏ سامراجي دنيا جي ملڪن ۾ سياسي حڪمرانين جي وڌندڙ رجعت پرست نوعيت کي لڪائڻ جي به ڪوشش ڪن ٿا. هر قسم جا ترميم پسند عنصر انهن جي حمايت ڪن ٿا. ان ڪري سوشلسٽ جمهوريت جي پيڙهه کي، ان جي اصولن کي ۽ بورجوا جمهوريت کان ان جي بنيادي فرق کي سمجهڻ ڏکيو آهي.
بورجوا جمهوريت جي قدر جي ڪٿ ڪرڻ ۽ ان تي تنقيد ڪرڻ ۾ اسان هيٺين لينني دعويٰ کي مشعل راهه بڻايو ٿا: “بورجوا جمهوريت، جيتوڻيڪ وچين دور جي ڀيٽ ۾ وڏي تاريخي ترقي آهي پوءِ به سدائين محدود، مفلوج، ڪوڙي ۽ مڪار، اميرن لاءِ جنت ۽ استحصال جي شڪار ماڻهن لاءِ، غريبن لاءِ ڄار ۽ دوکو رهندي ۽ سرمائيداريءَ تحت ايئن رهڻ لازمي آهي.”
بورجوا نظريات دان جمهوريت جي طبقاتي فطرت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. ان کي “عمومي جمهوريت” ۽ “مطلق جمهوريت” طور پيش ڪندا آهن. هو ان ڪڻڪ جهڙا جو وڪڻڻ تي مجبور آهن، جيڪا اصل ۾ بورجوازيءَ جي ڊڪٽيٽرشپ آهي، استحصالين جي ڊڪٽيٽرشپ آهي ان کي “نج جمهوريت” ۽ “عوام جي، عوام لاءِ، عوام هٿان حڪومت” طور پيش ڪن. مارڪسي لينني ان ڪوڙ جي پت وائکي ڪندا آهن، عام ماڻهن کي سمجهائيندا آهن ته سرمائي جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي سواءِ ان جي ته بورجوازيءَ جي ڊڪٽيٽرشپ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪئي وڃي جيڪا پورهيت عوام لاءِ جمهوريت کان سواءِ ڪجهه به ناهي هوندي. بورجوا سماج ۽ ان جي جمهوريت استحصالين جي مفادن جي حفاظت ڪندا آهن.
(هلندڙ)