شاديءَ جي رشتي کي عام طور خوشين سان ڀرپور ۽ دنيانوي رومانس طور پيش ڪيو ويندو آهي. هن رشتي موجب شادي شده جوڙو ڀرپور خوشين واري ازدواجي زندگي گذاريندو. سوشل ميڊيا توڙي فلمون، ڊراما ۽ مٽ مائٽ سڀ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته شادي کانپوءِ دنيا ۾ ڪو مسئلو ناهي هوندو. پر حقيقت اها آهي ته بند دروازن پويان ڪيترائي جوڙا ڏک، ڪاوڙ، ڊپريشن، انا، توڙي Stereotype جو شڪار آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته Co-existence ڪڏهن به آسان ڪم نه رهيو آهي. ان لاءِ باقاعدي تياري ڪرڻي پوي ٿي. ڪجهه قانون ٺاهڻا پون ٿا ته جيئن اسان مختلف ثقافتن، مختلف سوچن، مختلف تربيت، مختلف روين وارن ماڻهن سان آسانيءَ سان زندگي گذاري سگهون.
اسان جا شادي بابت خيال تمام گهڻا ڪوڙ جي بنياد تي ٺهيل هوندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري رومانٽڪ فلمن سان آڌاريل هوندا آهن، جنهن ۾ اسان کي لڳي ٿو سڀ ڪجهه صحيح هوندو، ڪو اختلاف ڪو جهيڙو جهٽو نه هوندو، حقيقت ۾ جڏهن اسين شاديءَ جو رشتو قائم ڪريون ٿا، تڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي اصل ۾ سمجهون ٿا ته اسين ڪير آهيون، اسين جڏهن اڪيلا هوندا آهيون ته ڪڏهن به پاڻ تي گهڻو سوچيندا ناهيون. مائٽ به اسان جيئن آهيون، تيئن قبول ڪري وٺندا آهن ۽ اسان به خاندان جي ريتن رسمن کي اپنائي ڇڏيندا آهيون، ان ڪري ڪڏهن به نه پنهنجو نه وري پنهنجي خاندان جو ڪڏهن تنقيدي جائزو وٺندا آهيون.
شاديءَ جي رشتي ۾ اصل ۾ اسان کي Self realization جو سٺو موقعو ملي ٿو. پر گهڻا ان ڳالهه کي غيرضروري ٿا سمجهن ته پنهنجي پاڻ کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي. نه ته هرڪو پنهنجي شريڪ حيات کي ئي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي. شادي ڪرڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسين ذهني طور مختلف ذهن ۽ مختلف تربيت ۾ پليل ماڻهن سان گڏ رهڻ لاءِ تيار هجون. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ذهني طور تيار ناهي ته مطلب اهو زهريلي رشتي لاءِ تيار آهي، ٻن ماڻهن جو گڏجي رهڻ پنهنجي پنهنجي پيچيدگين سميت زندگيءَ جو هڪ اکيون کوليندڙ مرحلو آهي. اسان جو سماج پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتيءَ کي ڪا گهڻي آزادي نه ٿو ڏئي، هر وقت رڪاوٽ، جهل پل، وري خاندان جي پرتشدد ماحول جي ڳالهه ٻاهر نه ڪڍڻ، اهي سڀ ڳالهيون هڪ انسان جي ذهن ۾ رهجي وڃن ٿيون، ڪٿي به ڪٿارسس نه ڪرڻ سبب اهي فرسٽريشن جو سبب ٿين ٿيون. پوءِ چاهي مرد هجي يا عورت، انهن جي شادي ٿئي ٿي ته کين لڳي ٿو هاڻي اسين آزاد آهيون ۽ پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري سگهجي ٿي، پوءِ اها آزادي سماجي هجي، معاشي يا وري جذباتي ۽ نتيجي ۾ شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي جهيڙا شروع ٿيو وڃن. اها دٻيل ڪاوڙ جيڪا ايترا ڏينهن اسين دٻائي زنده هئاسين، اها سامهون اچڻ لڳي ٿي.
ڪيترائي نوان جوڙا اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته انهن جي ڪاوڙ جا Triggers ڪهڙا آهن؟ انهن جي انا ڪيئن ٻئي کي متاثر ڪري رهي آهي، انهن جا مونجهارا ڪهڙا آهن، ڇو ته پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ ۽ ڪاوڙ تي قابو ڪرڻ اسان جي پنهنجي ذميواري هوندي آهي. ڪنهن ٻئي جي نه. ڪوبه ٻئي کي اهو نه ٿو چئي سگهي ته تو مون کي ڪاوڙ ڏياري، شريڪ حيات لاءِ هڪٻئي کي سمجهڻ جيترو ضروري آهي، ان کان وڌيڪ پاڻ کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي. ڇو ته مونجهارن جي ڪري شريڪ حيات جي زندگي به عذاب ۾ هوندي آهي، جڏهن ته اسان جي سماج ۾ شريڪ حيات مان اها اميد رکي ويندي آهي ته جيئن به آهي، ائين ئي قبول ڪيو وڃي. جيڪو تمام مشڪل آهي، ڇو ته ٻيو ماڻهو به انسان آهي، ان جون به ڪجهه اميدون آهن، زال مڙس ۽ والدين جي تعلق ۾ فرق آهي. والدين واري اميد شريڪ حيات مان رکڻ مايوس ڪندڙ ٿي سگهي ٿي. جڏهن اسين تڪرار کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ پنهنجي ذات جي پيچيدگين کي منهن ڏيندا آهيون ته اهو اڃا معاملن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو. اها ڪوشش ڪرڻ تي اختلاف دٻجي ويندا، تڪرار نه ٿئي جهڳڙو نه ٿئي وغيره حقيقي ڳالهه آهي. ڇو ته اختلاف ته ٿيڻا ئي ٿيڻا آهن، انهن کي نظر انداز ڪرڻ بدران حل لاءِ ڳالهائڻ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن انسان کي خبر پوي ٿي ته اسان جون اميدون غيرحقيقي آهن ته ان لاءِ شريڪ حيات جي مدد جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اختلاف جي ڪارڻ تائين پهچي سگهجي. ڇو ته اختلافن کي حل ڪرڻ دوران جيڪڏهن انا وچ ۾ اچي وڃي ته پوءِ اختلاف وڌي سگهي ٿو. ان سڄي عمل ۾ اهو به نه وسارڻ کپي ته اسان جو سماج تبديليءَ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي. جنهن ۾ صنفي توقعات مٽجي رهيون آهن. مثال طور اسان کان اڳ واري پيڙهيءَ جون عورتون ملازمت نه ڪنديون هيون ۽ گهر هلائڻ مرد جي ذميداري سمجهي ويندي هئي ۽ گهر ٻار سنڀالڻ عورت جي.
ان ڪري ڪافي عورتون اڄ به معاشي طور پاڻڀريون هجڻ جي باوجود گهر ۾ حصو ڏيڻ کي ٿورو سمجهن ٿيون. بلڪل ساڳي ريت مرد گهر جو ڪم ڪرڻ يا ٻار سنڀالڻ کي معيوب سمجهن ٿا. ان تبديليءَ کي اپنائڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. هڪ طرف ڇوڪرين کي اهو چئي پاليو ويندو آهي ته شادي کانپوءِ جيئن وڻئي تيئن ڪجانءَ، مطلب شادي کانپوءِ آزاد آهين. ٻئي طرف مرد جي تربيت اهو چئي ڪئي ويندي آهي ته زال کي مرد جو فرمانبردار هجڻ گهرجي. حقيقي زندگيءَ ۾ اهي ٻئي تصور هڪٻئي جي ابتڙ آهن، نتيجي ۾ اعتماد ۽ قربت ختم ٿيو وڃي. زماني جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ بدران پاڻ ۾ ئي مقابلو شروع ٿيو وڃي.
غير حل ٿيل تڪرار، ٻاهرئين دٻاءُ، ڪاوڙ ۽ جارحيت ڀريي رويي کي هٿي ڏئي ٿو. بهرحال پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ ۽ غلط هجڻ جي امڪان کي قبول ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. جذباتي طور ڪمزور، انا جو غلام ۽ هر وقت دفاعي سوچ رکندڙ انسان لاءِ اهو تمام گهڻو ڏکيو ٿي سگهي ٿو. جيڪي مشورا اسان جي پهرين پيڙهيءَ کان ملن ٿا، انهن تي پڻ سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي پرورش تي ڌيان ڏيڻ ۽ ڪوتاهين کي قبول ڪندي ماڻهو شعوري طور ڪم ڪري سگهن ٿا. ان عمل ۾ پنهنجي رد ٿيڻ جو خوف ۽ ماضي جا تجربا ماڻهن کي انهن جي ڪمزوري ڏانهن ڏسڻ کان روڪي سگهن ٿا. شادي شده خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسٽيريوٽائيپ کي چئلينج ڪجي، جيڪي شادي شده زندگيءَ جي خوشيءَ کي برباد ڪري سگهن ٿا. جوڙن کي لازمي طور کليل ۽ ايمانداريءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ هر وقت ميڊيا توڙي مٽن مائٽن جي جوڙن سان پنهنجي شاديءَ جي ڀيٽ نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اسان مان ڪنهن کي اهو اندازو ناهي ته اصل ۾ ٻيا ماڻهو ڪهڙي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ رڳو اکين تي يقين ڪري جادوئي دنيا ۾ نه رهڻ گهرجي.
شادي شده جوڙن کي تعميري تڪرار ۽ صحتمند مقابلي ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. جهڙوڪ هڪٻئي کي غور ۽ ڌيان سان ٻڌڻ، سمجهڻ، همدردي ۽ عزت مختلف هجڻ باوجود هڪ ازدواجي تعلق کي مضبوط بڻائي سگهي ٿي.
ان حوالي سان سماج کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پراڻن طور طريقن کي هن دور تي مڙهڻ صحيح ناهي. جيڪا دور جي ضرورت آهي، اهي طور طريقا اپنائڻا پوندا. هاڻي ان تصور کي به ختم ٿيڻ کپي ته مرد پئسن ڪمائڻ جي مشين آهي ۽ سڄي خاندان جون ذميواريون مرد ئي آهن. هن مهانگائي ۽ بيروزگاري، معاشي بدحالي جي دور ۾ اهي اميدون ته عورتون گهر ۾ رهن ۽ مرد گاڏيون بنگلا فراهم ڪن، غيرحقيقي آهي. سماج کي ٻارن جي تربيت ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻيون پونديون ته جيئن صحتمند رشتا قائم ٿي سگهن. باشعور آزاد انسان جي تربيت ڪرڻ هڪ خاندان توڙي سماج جي اولين ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان جي پيڙهي اها ذميواري قبول نه ڪئي ته پو ايندڙ پيڙهي آئيڊل جوڙن جهڙن غيرحقيقي اميدن ۾ ڦاٿل هوندي ۽ اهي اڻ نبريل تڪرار نسلن تائين هلندا رهندا.