ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جي سياسي هائبرڊ نظام جا واضح اشارا

Editorial-Article- Allahbux Rathore

هيل تائين جن سياسي ڌرين ماضي قريب جي سياسي نظام کي نشانو بڻايو پئي ۽ انڪل سام وري ان کي هائبرڊ جمهوريت يا سويلين حڪمران جو نالو ڏنو هو، هاڻ وري ساڳي نوعيت جي نظام کي آخري شڪل ڏني وئي آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪي سويلين ادارا ايترا ڪمزور آهن جو اهي پنهنجن پيرن تي بيهي نٿا سگهن، نه ئي وري حڪمرانيءَ جو حق مڃرائي سگهن ٿا. انهن کي وري وري انهن قوتن ڏانهن واجهائڻو پئي ٿو، جن جي اشاري سان سمورو نظام چري پري ٿو. ڪجهه مهينن کان هي واضح طور ثابت ٿي سامهون آيو آهي ته اهي قوتون، جيڪي طاقت جو مرڪز آهن، انهن جي سگهه ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي. هاڻ نئين سياسي نظام جا خدوخال واضح ٿيڻ شروع ٿيا آهن. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان سول آزاديءَ لاءِ جيتري جدوجهد ڪئي، ان تي پاڻي ڦري رهيو آهي. ڪجهه اهڙا ڪم به ٿيا، جن کي نه ٿيڻ گهرجي ها، جن قوتن سويلين نظام کي غيرسياسي قوتن جي ڪلهي تي چاڙهي ڇڏيو، اهي به گهڻيون پريشان آهن. جيڪي نيون قوتون سامهون آيون، انهن جي پيٽ مان جيڪي اجگر بلائون نڪتيون، انهن کي ڏسي سڀني کي ڏندين آڱريون اچي چڪيون آهن.
هينئر جيڪي تبديليون سامهون اچن پيون، انهن جو مقصد پراڻي نظام اڳيان جيڪي اسپيڊ بريڪر کڙا ڪيا ويا، انهن کي ختم ته ناهي ڪرڻو، پر ننڍو ڪرڻو آهي ته جيئن ٽريفڪ جي رواني آسانيءَ سان جاري رهي سگهي. ملڪ جي ٻنهي ايوانن ۾ ٿوري مختصر مدي اندر ٻه بجيٽون آيون، معزز ايوانن ٻنهي کي منظور ڪري ورتو. پهرين هڪڙي بجيٽ آئي، جنهن جي اعلان کانپوءِ حڪمران هامون هڻي رهيا هئا ته ڪي به نوان ٽيڪس لاڳو ڪري عوام جي زندگيءَ کي وڌيڪ زهريلو نه بڻايو ويو آهي، پر ٻي بجيٽ، وزير اعظم جي پيرس کان واپسيءَ تي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ 215 ارب رپين جا ظاهري ٽيڪس مڙهيا ويا آهن، ان سان گڏ جيڪي ڊيوٽيز لاڳو ڪيون ويون يا وري لڪل ٽيڪس هنيا ويا آهن، انهن سان مهانگائيءَ کي ڪوبه ٻنجو اچي نه سگهندو. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم سميت جن شين جا اگهه گهٽجي رهيا آهن، انهن ۾ اسان وٽ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، ممڪن آهي ته مستقبل قريب ۾ جنهن مهانگائي کي ٻنجو ڏيڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي، اها بوتل مان ٻاهر نڪري اچي.
ڪجهه ڏينهن کان پراڻي سياسي قيادت جو رستو صاف ڪرڻ لاءِ جنهن نوعيت جي قانون سازي ٿي رهي هئي، ان جا واضح نتيجا به سامهون اچي ويا آهن. نواز شريف سميت جن سياسي اڳواڻن کي نااهل ڪري ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، اهي آهستي آهستي ملڪ جي ويجهو اچي ويا آهن. ان سان گڏ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن نااهليءَ جي حد پنج سال مقرر ڪئي آهي، هي سزا نواز شريف سميت ٻيا اڳواڻ ڀوڳي چڪا آهن. هنن جون سزائون به اشارن جو نتيجو هيون. جيڪڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالت جو جج چئي ته هن کي پاناما واري معاملي ۾ سازش جي بوءِ اچي رهي آهي ته ان کان وڌيڪ اشارو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. هن ايترو به چيو ته پاناما پيپرز ۾ ته ڪيترين ئي ڊنگ سرمائيدارن، اميرن ۽ ايستائين جو واڳ ڌڻين سان ويجهڙائي رکندڙن جا نالا به هئا، پر صرف هڪ خاندان کي نشانو ڇو بڻايو ويو؟ پهرين مريم نواز ۽ هاڻ ميان نواز شريف جي نااهلي به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي وئي آهي. اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن نااهلي واري قانون ۾ ترميم قانون جي صورت اختيار ڪري ويندي.
جيئن ئي ميان نواز شريف لنڊن ڇڏي، گڏيل عرب امارتن ۾ پهتو آهي، ان سان گڏ رڳو هن جي پارٽيءَ جي اڳواڻن جا هشام نظر نه پيا اچن، پر اتحادين جي آمد به شروع ٿي وئي آهي. لنڊن ۾ پي ٽي آءِ سميت ڪجهه حلقا ڪڏهن مريم نواز، ته ڪڏهن نواز شريف ته، ڪڏهن وري ڪنهن ٻئي اڳواڻ جو گهيرو ڪندا هئا، پر هاڻ نواز شريف جي دبئي پهچڻ کانپوءِ ان جي مخالفن کي همٿ نه ٿيندي ته اهي ڪا سياسي سرگرمي ڪن. جيڪڏهن ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته اتان حڪمران کين ترت ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏيندا. ان سان گڏ گڏيل عرب امارتون ۽ سعودي عرب ساڳئي پيج تي آهن، ان ڪري اهي ڪوشش ڪندا ته ميان نواز شريف کي ريسڪيو ڪن. نواز شريف جي ٻي منزل سعودي عرب ئي آهي، جتي کيس شاهي پروٽوڪول ملڻ وارو آهي. ان سان گڏ هو اهڙا بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن ئي هو ٻيهر اقتدار ۾ اچن ته معاشي حالتون گهڻيون تبديل ٿي وڃن. عالمي مالياتي فنڊ اڳيان توڙي جو عوام کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻايو ويو، پر جنهن وقت عالمي مالياتي ادارو ميدان ۾ نه هو، ان وقت به سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتون حڪومت جي ڪڏهن ظاهري ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ مدد ڪندا رهيا. انهن حڪومت کي ڪيترائي رعايتي پيڪيج به ڏنا، ان مان اندازو ٿيو پئي ته عرب حڪومتن جون همدريون اتحادي حڪومت سان آهن، ملڪ جي واڳ ڌڻين جو سمورو دارومدار انهن ئي ملڪن تي رهيو آهي، ان ڪري هاڻ هي قوتون، فوجي توڙي سويلين قوتن تي احسان ڪري سگهن ٿيون.
نوازشريف گڏيل عرب امارتن ۾ ايندڙ حڪومت جي تياري ڪري رهيو آهي، هو سمجهي ٿو ته جيئن ئي کيس اشارو ملي ٿو، هو ڪجهه ڪلاڪن جي نوٽيس تي اسلام آباد يا لاهور پهچي ويندو. هينئر به واضح ٿي ويو آهي ته اهي واڳ ڌڻي، جن ميان نواز شريف ۽ ٻين قوتن کي ميدان کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، انهن هڪ ڀيرو ٻيهر کين قبول ڪري ورتو آهي. جنهن قسمن جي قانون سازي ٿي رهي آهي، ان کي جيڪڏهن صدر عارف علوي روڪڻ جي ڪوشش به ڪري، تڏهن به ان پوزيشن ۾ نه هوندو. جيڪڏهن سياسي قوتون ميدان ۾ شاٽس کيڏنديون ته ان سان واضح طور نظر ايندو ته انهن جا قدم ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍي سگهندا. ان سان گڏ واڳ ڌڻين لاءِ واضح سبق هوندو ته جيڪڏهن انهن کي نظام ۾ ڪا تبديلي ڪرڻي آهي، اهو عمل سياسي انداز ۾ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ممي ڊي ڊي کي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهاريو ويو ته معاملا ڳنڀير ٿيندا ۽ ملڪ جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو.
نئين سياسي هائبرڊ نظام جي پوزيشن ماضي جي مقابلي ۾ گهڻي مختلف ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان پٺيان اهي قوتون هونديون، جن کي ملڪ هلائڻ جو ڪافي تجربو آهي. جيڪڏهن نظام سينٽرلائيزڊ هوندو ته ان سان نه صرف پردي جي پٺيان وڌيڪ ڪرپشن ٿيندي، پر سياسي نظام به خطري ۾ پئجي ويندو. هاڻ ڏسڻو پوندو ته گڏيل عرب امارتون ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿيون. جيڪڏهن انهن ماضي جو فرقيواريت وارو پروجيڪٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ملڪ ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو. هينئر ته جيستائين نون حڪمرانن جي چال واضح ٿئي، تيستائين هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button