ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جي واپسي وارو معاملو

ملڪ ۾ سياستدانن تي ڪرپشن جا الزام هڻي سندن چونڊيل حڪومتون ختم ڪرڻ ملڪ ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. اهو هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن کي ڪڏهن ڪو آمر استعمال ڪندو رهيو آهي ته ڪڏهن ڪو سويلين صدر ڪندو رهيو آهي. جڏهن (2)58 اي بي وارا اختيار صدر وٽ هوندا هئا ته هو انهن اختيارن جو استعمال ڪندي حڪومتون ختم ڪري ڇڏيندو هو. پر پوءِ نواز شريف پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ اهي اختيار صدر کان واپس وٺي ڇڏيا هئا پر تڏهن به سندس حڪومت ڪونه بچي سگهي ۽ ان وقت جي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف سندس تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو.
ان کان پوءِ به چونڊيل وزيراعظمن کي اقتدار تان هٽائڻ جو سلسلو جاري رهيو، جيئن يوسف رضا گيلاني ۽ نواز شريف کي عدالتي ڪاررواين ذريعي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. هاڻ جڏهن اهي معاملا کليل نموني سامهون اچي ويا آهن ۽ هر ماڻهو کي اها خبر پئجي وئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪهڙي ريت سياستدانن کي گهر ڀيڙُو ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا حربا استعمال ڪندي رهي آهي ته سياستدانن لاءِ سماج ۾ هڪ اسپيس پيدا ٿي رهيو آهي. نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل ڪيو ويو هو. اهو عمل ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن عمران خان نيازي نااهلي کين بچي سگهي ۽ هن کي ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار بچائي ورتو، ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي عيوض جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏنو ويو. پر هيترن سالن کان پوءِ پي ڊي ايم جي هاڻوڪي حڪومت قانون سازي ڪري نااهليءَ جو مدو پنجن سالن تائين ڪيو آهي. سينيٽ مان منظور ڪيل اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2023 منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. بل اسحاق ڊار سپليمينٽري ايجنڊا منظور لاءِ پيش ڪيو. حڪومت اليڪشن ترميمي بل قومي اسيمبليءَ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو. بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ون-ايف تحت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي. اليڪشن سڌارا بل 2017 ۾ ترميم ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2023 منظور ڪيو ويو. اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ آئين جي آرٽيڪل 62 ون-ايف تحت نااهليءَ جي سزا پنج سال هوندي. جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2023 تحت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار به اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي صدر سان صلاح مشوري بنا چونڊن جي تاريخ ڏيندي.
هن بل کان پوءِ نواز شريف لاءِ چونڊن ۾ بيهڻ ۽ هڪ ڀيرو وري پاڪستان جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته هي بل نه رڳو نواز شريف لاءِ رستو صاف ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي پر مستقبل ۾ سياستدانن کي تاحيات نااهليءَ کان بچائڻ لاءِ به ان بل کي منظور ڪيو ويو آهي. عمران خان نيازي ڪڏهن اهو ڪونه چاهيو هو ته نواز شريف جي نااهلي ختم ٿئي ۽ هو ڪڏهن چونڊن ۾ بيهي سگهي پر هاڻ جڏهن هي معاملو سامهون اچي چڪو آهي ته ان مان لڳي ٿو ته نواز شريف هڪ ڀيرو وري چونڊن ۾ نه رڳو بيهندو پر ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته هو وري وزير اعظم ٿيڻ لاءِ تياري ڪندو هجي. سياستدانن جو نااهل ٿيڻ يا انهن کي سياست کان پري ڪرڻ جي خواهش انهن قوتن جي رهي آهي، جيڪي ڪڏهن به ملڪ ۾ جمهوريت کي پسند نٿيون ڪن ۽ جن کي اهو لڳندو رهيو آهي ته سياستدان ئي ملڪي مسئلن جو سڀ کان وڏو سبب آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سياست کي گندو ڪرڻ کان وٺي سياستدانن کي سزائون ڏيڻ جو جيڪو سلسلو هلندو پيو اچي، ان هوندي به سياستدانن ڪڏهن مات ڪونه کاڌي آهي. اهي ڪمزور ئي سهي پر ويڙهه ضرور ڪندا رهيا آهن.
جيڪڏهن نواز شريف ڪجهه وقت ۾ وطن واپس اچي ٿو ۽ پنهنجون سياسي سرگرميون شروع ڪري ٿو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ پاڻ کي منظم ڪرڻ ڏکيو هوندو. ڇاڪاڻ ته پنجاب به اڄ نه نواز ليگ جو حامي آهي. هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ ٽڙ پکڙ ٿي چڪي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ به ان جو ساٿ ڪونه پئي ڏئي ته اهو ووٽ به نواز ليگ کي ملڻ جا امڪان آهن. تنهنڪري نئين سياسي صف بنديءَ ۾ نواز ليگ هڪ مضبوط پارٽي طور سامهون اچي سگهي ٿي. ان کان سواءِ ان ڳالهه کي به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن نواز ليگ جي ايندڙ حڪومت ايتري بااخيتار نه هجي جو اها اسٽيبشلمينٽ لاءِ مسئلا پيدا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button