قانون سازي بري شيءَ ناهي. پر قانون ته برو ۽ ڀلو ٿي سگهي ٿو. اهو قانون سدائين سٺو سمجهيو ويو آهي، جيڪو انسانن جي اڪثريت جي مفاد ۾ هجي ۽ اهو قانون ڪنو قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو صرف ڪجهه ماڻهن جي فائدن جي فڪر ۾ جوڙيو ويو هجي.
پاڪستان جي مظلوم ۽ زخمي آئين ۾ ڪافي اهم معاملن جيان ان جي به وضاحت موجود نه هئي ته ڪنهن به سياستدان کي ڪيتري وقت تائين نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ نااهليءَ جي سزا آئين ۾ موجود هئي پر اهو ٻڌايل نه هو ته ڪنهن کي ڪيتري وقت تائين نااهل سمجهيو وڃي؟ جيڪڏهن پاڪستان جو آئين ڪنهن به ڏوهاري سياستدان کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ها ته ان معاملي تي به اسان الڳ سان ويچار ونڊيون ها! پر ملڪي آئين ۾ اهو به نه هو ته ڪنهن کي جرم ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ڪنهن به پبلڪ پوسٽ لاءِ تاعمر يعني آخري ساهه تائين قابل قبول نه سمجهيو ويندو. اهڙي ريت آئين جي ان وٿيءَ کي هن ڀيري عوام جي عظيم تر مفاد لاءِ نه پر صرف ۽ صرف ميان نواز شريف جي فاعدي لاءِ پنجن سالن جي مدي سان ڀريو ويو آهي. جڏهن ته اهڙي قانوسازيءَ جو فائدو نئين پارٽيءَ ٺاهڻ واري جهانگير ترين کي به پئجي رهيو آهي. جڏهن ته اهو ڪم دراصل جهانگير ترين جي نئين ٻيڙي تارڻ لاءِ نه ڪيو ويو هو.
هن وقت ملڪ جي معاشي حالت تمام بري آهي. ان حد تائين جو آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط وٺڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل بجيٽ جي نئين سر اهڙي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي جو اها آءِ ايم ايف کي پسند اچي. ڇا ايوان ۾ پيش ڪيل بجيٽ سان اهڙي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي جمهوري اخلاقيات اجازت ڏئي ٿي؟ بلڪل به نه. پر اسان وٽ جمهوري اخلاقيات جو جنازو ڪڏهن کان وٺي نڪتل آهي. اسان وٽ جمهوريت صرف هڪ لفظ آهي. هڪ اهڙو لفظ جنهن جي ڪا به معنيٰ نه هجي. جيڪڏهن جمهوريت جي اصولن ۽ قاعدن جو هن حڪومت کي ڪجهه به خيال هجي ها ته اها گهٽ ۾ گهٽ پيش ٿيل بجيٽ مٿان اهڙو وار نه ڪري ها، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به مثال موجود ناهي. اهو سچ آهي ته پاڪستان ۾ هر بجيٽ کان پوءِ هڪ مني بجيٽ به پيش ٿيندي آهي پر هي معاملو مني بجيٽ کان مٿي آهي. ڇو ته تازو پيش ٿيل بجيٽ ۾ جيڪا به ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، اها آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ڪئي وئي آهي.
اسان جي ملڪ جو قومي وقار ۽ رياست جي خودداري ڪٿي بيٺل آهي؟ اهو سوال اڳ ۾ اسان لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو ڪارڻ هوندو هو پر هاڻي ان سوال مان اها ڪڙاڻ گهٽجي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ محسوس ڪئي ويندي هئي. اها ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان کي هاڻي ملڪ جي معاملن ۾ ٻاهرين قوتن جي حڪمن تي ڪاوڙ ته ڇا پر افسوس به نه ٿو ٿئي. ڇو ته اهڙي معاملي تي گذريل ڏينهن کان وٺي جيڪي به معاشي ۽ سياسي ماهر پنهنجي راءِ پيش ڪري رهيا آهن، انهن ۾ پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ تڪليف نه پر انهن حڪمرانن تي طنز آهي، جيڪي هن وقت به پاڪستان کي پنهنجن سياسي ۽ معاشي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ ان باري ۾ اسان کي هن وقت تائين ڪنهن به افلاطون ٽائيپ اينڪر اسان کي ڪا معلومات فراهم نه ڪئي آهي. اسان کي جيڪو به ٻڌايو ويو آهي، اهو اسان جي ۽ هن ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. پر اهو سڀ ڪجهه انهن حڪمرانن جي فائدي ۾ آهي ۽ انهن حڪمرانن جي فائدي ۾ به آهي، جن جي حوالي سان معاملن کي طعه ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف ۽ آصف زرداري دبئي ۾ مبينا طور تي ملاقات ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت تائين جاتي امرا ۽ بلاول هائوس اهڙي ملاقات جي تصديق نه ڪئي آهي پر ملڪ جي ذميوار صحافت به ان سلسلي ۾ اسان کي اها معلومات فراهم ڪري رهي آهي ته ايندڙ حڪومت جي حوالي سان اشوز ڊسڪس ڪرڻ لاءِ ملڪ جا سياسي صاحب دبئيءَ ۾ ڪٺا ٿي رهيا آهن.
اسان جي ملڪ کي اسان جي سڳورن سياستدانن جنهن تباهيءَ ۽ برباديءَ جي موڙ تي پهچايو آهي، ان جو انهن کي ته ڇا پر ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي نگهبان شعور کي به اهڙي زيان جو ڪو افسوس نه ٿو ٿئي. ان سلسلي ۾ اهم سوال اهو آهي ته ڇا اها بي حسي آهي يا اها بي وسي آهي؟ جڏهن انسان بيوس بڻجي ويندا آهن ته ڪجهه وقت کان پوءِ انهن ۾ بي حسي به پيدا ٿي پوندي آهي. هن وقت ملڪ جي سلسلي ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ڇو ته اسان بار بار ڦري گهري ان موڙ تي پهچون ٿا، جتان اسان گهڻو وقت اڳ گذريا هئاسين. جڏهن اسان وري ساڳي جاءِ تي رسون ٿا ته ان مان اهو پتو پوي ٿو ته اسان ڪنهن به واعدي واري منزل جي طرف نه ٿا وڌون پر اسان جو سفر چاڪيءَ جي ان ڏاند جهڙو آهي، جيڪو گهاڻي جي گول دائري ۾ سڄي عمر سفر ڪندو آهي پر هن کي اها منزل نه ملندي آهي، جيڪا هڪ سفر جي مقدر ۾ هجڻ گهرجي.
لبنان جي عظيم مفڪر ۽ حساس شاعر خليل جبران پنهنجي هڪ نظم لکيو هو ته:
“لبنان هڪ ناهي
لبنان ٻه آهن
هڪ منهنجو لبنان
ٻيو انهن جو لبنان
منهنجو لبنان محبت آهي
انهن جو لبنان نفرت آهي”
خليل جبران جي مٿين نظم جي آزاد ترجمي جي تناظر ۾ جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي ته اسان کي هن ملڪ جي سلسلي ۾ به هڪ نه پر ٻه ملڪ نظر ايندا. هڪ ان اشرافيا جو ملڪ جيڪي قانون کي لتاڙي پنهنجي مفاد جا رستا ٺاهڻ وارو ڏوهه ڪري وري قانون جوڙي قانوني طور تي ان ڏوهه مان آجا ٿين ٿا ۽ ٻيو ملڪ ان عوام جو آهي، جنهن کي صرف جيئڻ جي سخت سزا ملي رهي آهي.
پاڪستان تمام گهڻي پيڙا ۾ آهي. ڇو ته هن ملڪ جي ڪرپشن ۽ نااهليءَ جي ڪري دنيا جي مالي درن جو فقير بڻايو ويو آهي. هي ملڪ جيڪو ترقيءَ جو هڪ عظيم خواب هو، اهو هن وقت تباهيءَ جو ڀيانڪ تعبير بڻايو ويو آهي. ان اسڪيم کي هلائيندڙ هٿ انهن حڪمرانن ۽ قانون سازن جا آهن، جن جي نظر ۾ عوام جي ڪا اهميت ناهي. اسان پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۾ اهي آمر به ڏٺا آهن، جيڪي عوام کي غيراهم سمجهندا هئا ۽ اسان هن وقت اهي جمهوري جوڌا به ڏسي رهيا آهيون، جن جي نظر ۾ عوام جي ڪا عزت ۽ ڪا اهميت ناهي. هو جيڪي بيرون ملڪ وڃي، بند ڪمرن ۾ هڪ ٻئي کي قانون جي ڪامياب ٽوڙڦوڙ جون مبارڪون ڏين ٿا ۽ ان ايجنڊا تي گهرائيءَ سان گفتگو ڪن ٿا ته هن ڀيري اقتدار جي سڀ کان وڏي ڪرسيءَ مٿان ڪيرو ويهندو؟
ڪاش! ڪڏهن هن ملڪ جا سياستدان هن مظلوم ملڪ جي محڪوم عوام لاءِ سوچين.
اياز ڪيتري نه دکي دل سان لکيو هو
“خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي؟”