جڏهن پي ڊي ايم عمراني سرڪار خلاف تحريڪ هلائي رهي هئي ته ان وقت ان جي پوزيشن سياسي حوالي کان ان ڪري مضبوط هئي جو عمراني سرڪار معيشت ۽ عوام جو جيڪو حشر ڪيو هو، ان ڪري، ان جي ساک تمام گهڻي متاثر ٿيل هئي. اهو ئي سبب هو جو عوام ۾ پي ڊي ايم کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. ٻئي پاسي ملڪ جي ترقي پسندن به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ پي ڊي ايم جي حمايت پئي ڪئي، ڇاڪاڻ ته عمراني سرڪار جمهوري آزاديون کسڻ ۽ سياسي جبر جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو، ان خلاف ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن ۾ تمام گهڻي نفرت هئي، مطلب ته سياسي طور عمراني سرڪار تمام گهڻي هارايل هئي. جڏهن عمران خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ته اها ڪامياب ٿي وئي. پر پي ڊي ايم ۽ عمران سرڪار ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته اهي ٻئي آ ايم ايف جي معاشي ايجنڊا کڻي آيون. جيئن عمراني سرڪار اچڻ شرط عوام تي معاشي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ايئن پي ڊي ايم سرڪار به عوام سان ظلم جي بازار گرم ڪري رکي آهي. هڪ ڳالهه طئي آهي ته پي ڊي ايم سرڪار وٽ به عمراني سرڪار جيان ڪو پنهنجو معاشي پروگرام ڪونهي، هي به آ ايم ايف جي ايجنڊا تي ئي عمل ڪري رهيا آهن ته جيئن جيئن وڌ کان وڌ عوام جو رت ست ڪڍي سگهن.
تازو ئي قومي اسيمبلي آ ايم ايف جي مطالبي تي ٽيڪس جو حدف 215 ارب رپيا وڌائي 94 کرب 15 ارب رپيا ڪيا آهن. آچر تي قومي اسيمبليءَ ۾ فنانس بل جي منظوريءَ لاءِ اجلاس ٿيو. فنانس بل ۾ ڪل 9 ترميمون ڪيون ويون آهن، ان مان 8 ترميمون حڪومت ۽ هڪ اپوزيشن پاران شامل ڪيون ويون آهن. ٽيڪس اوڳاڙين جو حدف 9 هزار 200 مان وڌائي 9 هزار 415 ارب مقرر ڪيو ويو آهي. پينشن ادائيگي 761 ارب مان وڌائي 801 ارب ڪئي وئي. ان کان سواءِ اين ايف سي تحت صوبن کي 5 هزار 276 ارب بدران 5 هزار 390 ارب ملندا. مولانا عبدالاڪبر چترالي فنانس بل اسلامي نطرياتي ڪائونسل کي اسلامي پئماني تي جاچڻ لاءِ موڪلڻ جو اعلان ڪيو. مولانا عبدالاڪبر چترالي پاران پيش ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي جنهن موجب چيئرمين قائما ڪميٽي کي 1200 سي سي گاڏي استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. ياد رهي ته هن کان اڳ 1300 سي سي کان 1600 سي سي گاڏي استعمال ڪرڻ جي اجازت هئي. ناڻي واري وزير پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي آرڊيننس ۾ ترميم پيش ڪري ڇڏي جيڪا قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان ترميم منظور ڪري ورتي. ترميم موجب پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي حد 50 رپيا في لٽر مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي. وفاقي حڪومت کي 60 رپيا في لٽر تائين ليوي عائد ڪرڻ جو اختيار هوندو. اسحاق ڊار فنانس بل جي شق ٽي ۾ ترميم پيش ڪئي جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. ترميم مطابق 3200 ارب رپين جي التوا هيٺ 62 هزار ڪيسن سميت تڪرارن جي حل لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪميٽي جي فيصلي خلاف ايف بي آر اپيل داخل نه ڪري سگهندو. متاثر ڌر کي عدالت وڃڻ جو اختيار هوندو. جڏهن ته پراڻي ٽيڪنالوجي وارن پکن ۽ بلبن تي اضافي ٽيڪسز جي ترميم به منظور ڪئي وئي. پراڻي ٽيڪنالوجي وارن پکن تي پهرين جنوري کان 2000 رپيا ٽيڪس هوندو. جڏهن ته پراڻن بلبن تي پهرين جنوري کان 20 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. فنانس بل ۾ وڌيڪ ترميم تحت 215 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. ملڪيت جي خريد و فروخت تي ٽيڪس 1 کان 2 سيڪڙو وڌائڻ ۽ ڀاڻ تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي ترميم جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبلي فنانس بل 2023 جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.
جڏهن ته آئي ايم ايف جي دٻاءُ تي بجيٽ ۾ پيش ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم واپس ورتي وئي آهي. رپورٽن مطابق ٻاهرين ملڪ مان هڪ لک ڊالر موڪلڻ تي آمدني جا ذريعا ظاهر نه ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني وئي هئي. ذريعن موجب ٻاهرين ملڪ مان رقم بئنڪنگ چينل جي ذريعي موڪلڻ جو شرط لڳايو ويو هو ۽ آئي ايم ايف هن ايمنسٽي اسڪيم تي اعتراض اٿاريو هو. ايمنسٽي اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ هو. ان کان سواءِ 2 هزار سي سي کان وڌيڪ لگزري گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
سوال اهو آهي ته پي ڊي ايم سرڪار وٽ پنهنجي ڪهڙي معاشي ايجنڊا آهي؟ نيٺ هيءَ سرڪار عمراني سرڪار کان معاشي پاليسين جي حوالي کان ڪيئن مختلف آهي؟