هن ملڪ ۾ گند ڪندڙن تي گند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪوبه ڏنڊ يا سزا ڏيڻ جو رواج ناهي. پر گند صاف ڪندڙ کي زنده رهڻ جيترو به پگهار ڏيڻ جو رواج ناهي. اسان جي شهرن جون گهٽيون، روڊ رستا ۽ گٽر صاف ڪندڙ هي ورڪر خاص طور گٽر صاف ڪندڙ ورڪر ڪم ڪرڻ دوران پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏين ٿا. پر هن مهانگائي واري دور ۾ هو معمولي پگهار تي گذارو ڪن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ حڪومت پاران انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جي سربراهه اقبال ڏيٿي جي اڳيان هيومن رائيٽس ڊفينڊر بوٽا امتياز ڪراچيءَ جي هڪ نجي هوٽل ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ دردناڪ انداز ۾ سوئيپرن (جمعدارن) کي ميونسپل اختيارين پاران ملندڙ گهٽ پگهار جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ حڪومت پاران ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيل آهي. خبر ناهي ڪميشن جي اختيارين اهو اهڙو ڪيس انساني حقن جي حوالي سان اعليٰ اختارين تائين پهچايو يا نه. هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ميونسپل اختيارين جي سينيٽيشن جي شعبي ۾ سينيٽري ورڪر کي پڪي ملازم طور رکڻ بدران ٺيڪيداري نظام تحت ڪم ورتو وڃي ٿو. ڪميشن کي ڏنل لسٽ موجب حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن پاران 19 هزار رپيا، واسا حيدرآباد پاران گٽرن جي صفائي ڪندڙ ملازمن کي 10 هزار رپيا، ڪوٽڙي جي سينيٽري ورڪرن کي 15 هزار رپيا، نواب شاه ۾ 15500 رپيا، ٽنڊو آدم ۾ 15 هزار رپيا، ٽنڊو الهيار ۾ 12 هزار رپيا، سڪرنڊ 13 هزار رپيا، دوڙ 11 هزار رپيا، ٽائون ڪميٽي ڄام صاحب ۾ 10 هزار رپيا، ٽائون ڪميٽي ٻانڌي 11 هزار رپيا ۽ ٽائون ڪميٽي بڇيري ۾ 11 هزار رپيا ماهوار پگهار ڏنو وڃي ٿو.
هوڏانهن سنڌ جي حڪومت 2023ع ۽ 24 جي بجيٽ ۾ ملازم کي گهٽ گهٽ پگهار 35 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ ۾ گٽرن جي صفائي ڪندڙ سينيٽري ورڪرن جو مختلف وقتن تي گٽرن ۾ گئس ڀرجي وڃڻ سان ساهه گهٽجي وڃڻ سبب موت پڻ واقع ٿيندو رهي ٿو. جن ۾ ڪاسموپوليٽن سٽي ڪراچيءَ کان وٺي حيدرآباد، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن. پر انهن سڀني شهرن ۾ گٽرن جي صفائي ڪندڙ سينيٽري ورڪرن کي سيفٽي ڪٽس مهيا نه ڪيو ويون آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ سماجي تنظيم پاران اهڙيون ڪٽون ڏنيون ويون آهن، پر سينيٽري ورڪرن کي ان جي استعمال جو پابند نه بڻايو ويو آهي. جڏهن ته هن ملڪ ۾ هيلمٽ نه پائڻ ۽ ڪار ۾ بيلٽ نه ٻڌڻ واري تي ته ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي ٿو، پر سينيٽري ورڪرن کان ڪم وٺندڙ سپروائيزر ان عملي کي سيفٽي ڪٽس استعمال ڪرڻ وقت لاتعلق بڻيل آهي. هوڏانهن شديد مهانگائيءَ ۾ نجي ادارن ۾ ملازمن کي گهٽ پگهار ملڻ هن ملڪ جو عام ڪاروبار بڻيل آهي. ان ڪري تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائي ۽ رپئي جو قدر ڊالر جي مقابلي ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ سبب عام مزدور جي پگهار وڌڻ بدران گهٽ ٿيندي رهي ٿي.
جڏهن ته پاڪستان ۾ سينيٽري ورڪرن جي صورتحال تي عالمي سطح تي انساني حقن واري اداري ۽ آءِ ايل او پاران وڏو نوٽيس ورتو ويو آهي. ايس ڊي جي 6 پاران پاڪستان خلاف ايف او ٽي ايف پاران ڪارروائي ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي. دنيا ۾ پائيدار ترقيءَ جي حوالي سان (ايس ڊي جي 6) تي عمل ڪرڻ لاءِ هر شهريءَ کي ٽوائليٽ جي سهولت مهيا ڪرڻ جو هدف 2030ع تائين ٽوائليٽ آرگنائيشن پاران مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گڏيل قومن پاران عالمي ٽوائليٽ ڊي کان اڳ ۾ 14 نومبر 2019ع تي پهريون ڀيرو ترقي پذير ملڪن جي صفائي ڪندڙ ورڪرن (سينيٽشن جي عملي) جي حالت زار جي نشاندهي ڪندي ان جي ازالي جو ذڪر ڪيو آهي. گڏيل قومن جي اجلاس ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته سينيٽري ورڪرن جي تحفظ، صحت ۽ وقار خطري ۾ آهي، جنهن جو تحفظ ڪيو وڃي. ساڳئي اجلاس ۾ لکين سينيٽري ورڪرن جي زندگيءَ کي درپيش خطرن جي نشاندهي ڪندي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن کي آگاهه ڪيو آهي ته سينيٽيشن سان لاڳاپيل عملو هيڏيون ساريون ضروري خدمتون سرانجام ڏيندڙ آهي. ان جي باوجود انهن جي صحت، تحفظ، عزت ۽ وقار جو خيال نٿو رکيو وڃي. اهڙي اهم معاملي تي ترقي پذير ملڪ خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهن. گڏيل قومن جي انهيءَ قرارداد کي نظر ۾ رکندي ڊبليو ايڇ او سينيٽري ورڪرن بابت پنهنجي مرتب ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سينيٽري ورڪر انساني فضلي، گند ۽ ٻيو ڪچرو کڻڻ ۽ گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف رهندڙ آهي. جڏهن ته ترقي پذير ملڪن ۾ اهي ورڪر اهڙو سڄو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندڙ آهن، جنهن سبب هو ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي چڪا هوندا آهن. جن ۾ هيپاٽائيٽس، پوليو، چمڙيءَ جون بيماريون، ٽائيفائيڊ ۽ گيسٽرو وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ هو گٽرن ۾ اندر گهڙي جان جو خطرو کڻي ڪم ڪن ٿا ۽ ڪيترن هنڌن تي هو گٽر صاف ڪرڻ دوران گئس ۾ گهٽجي مري ويندا آهن.
هوڏانهن سينيٽ چيئرمين ۽ هر سينيٽر جو پگهار ۽ الائونسز وڌائڻ واري قانون سازيءَ جي منظوريءَ تي سوشل ميڊيا ۾ وڏو بحث هلندڙ آهي. اهڙي ئي هڪ بحث جو تفصيل ڪجهه هن ريت هلندڙ آهي. سينيٽ چيئرمين لاءِ الائونس ۾ 44 هزار ۽ گهر جي مسواڙ لاءِ 1 لک 47 هزارن جو اضافو گهر جي مسواڙ هڪ لک 3 هزار رپين کان وڌائي اڍائي لک رپيا ڪئي وئي آهي، سرڪاري رهائشگاهه جي فرنيچر لاءِ هڪ ڀيري جا خرچ هڪ لک رپين کان وڌائي 50 لک رپيا ڪيا ويا آهن، پرڏيھي سفر تي چيئرمين کي ڊپٽي هيڊ آف اسٽيٽ يا نائب صدر جو پروٽوڪول ملندو، چيئرمين پرڏيهه سفر تي ڪمرشل فلائيٽ تي پنهنجي گهر جي هڪ ڀاتي يا ريڪيوزيشڊ جهاز تي چار ماڻهن کي گڏ وٺي وڃي سگهي ٿو. چيئرمين سينيٽ جي روڊ رستي سفر ڪرڻ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 300 رپيا في ڪلوميٽر ۽ پنهنجي گاڏيءَ تي سفر ۾ 400 رپيا في ڪلوميٽر ڏنا ويندا. چيئرمين سينيٽ جي سفر ۾ ترسڻ تي روزانو الائونس 10 هزار رپيا هوندو. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين کي 12 ملازمن جو عملو ملندو. رهائشگاهه تي سيڪيورٽيءَ جا 6 اهلڪار، چار پوليس، رينجرز، فرنٽيئر ڪور ۽ فرنٽيئر ڪنسٽيبلريءَ جا اهلڪار هڪ اسڪواڊ گاڏيءَ ۾ ملندا. هوائي حادثي جي صورت ۾ معاوضو 3 لک رپين کان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا ڪيو ويو. سينيٽ ميمبرن جو روڊ رستي سفر جو الائونس 10 رپيا في ڪلوميٽر کان وڌائي 30 رپيا في ڪلوميٽر ڪيو ويو آهي. چيئرمين آفيس جو خرچ 1975ع ۾ 6 هزار هو، جنهن کي 50 هزار ڪيو ويو آهي. 1975ع ۾ پارليامينٽ ميمبر کي 10 رپيا في ڪلوميٽر سفري الائونس ملندو هو جنهن کي 30 رپيا ڪيو ويو آهي.