يونان ۾ سمنڊ ۾ ٻيڙي جي ٻڏڻ ۽ ان ۾ سوار ماڻهن، جن ۾ اٽڪل ٽي سو کن پاڪستاني به شامل هئا، جو ٻڏي مري وڃڻ هڪ الميو آهي. معاشي هجرت هن وقت هڪ عالمي مسئلو آهي. مختلف ڏتڙيل ملڪن جا ماڻهو معاشي خوشحالي جي حصول، سياسي حالتن ۽ گھرو ويڙهه جي ڪري پنهنجي جان جوکن ۾ وجھي خاص طور يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يورپ جي مختلف ملڪن پاران ان کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن پر ان جي باوجود اهو سلسلو جاري آهي.
قانوني طريقي سان پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو يورپ، آمريڪا ۽ ڪينيڊا وغيره وڃڻ هڪ ڌار مسئلو آهي. اهي ماڻهو سڀ قانوني ضرورتون پوريون ڪري پنهنجا فنڊز انهن ملڪن ڏانهن منتقل ڪري انهن ملڪن کي پنهنجيون صلاحيتون آڇين ٿا. اهڙن ماڻهن جي آجيان ڪئي وڃي ٿي.
هن وقت مختلف ڪارڻن جي ڪري مختلف ملڪن ماڻهن جي اچ وڃ تي پابنديون وڌائي ڇڏيون آهن جنهن جي ڪري خاص طور انهن ماڻهن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيون آهن جن وٽ محدود صلاحيتون ۽ تعليم آهي.
تازو ان ٻيڙي جي ٻڏڻ واري حادثي ۾ اٽڪل سڀني پاڪستانين جو واسطو جي ٽي روڊ جي شهرن گجرانوالا، گجرات، کاريان، جهلم ۽ آزاد ڪشمير وغيره سان آهي. ان المئي جو واسطو معاشي ڪارڻن سان گڏوگڏ ان علائقي جي ڪلچر سان به آهي. پراڻي دور کان وٺي هن علائقي جي شهرت شاهي لشڪرن ۽ فوجن لاءِ افرادي قوت فراهم ڪرڻ واري رهي آهي. انگريزن جي دور ۾ به اها صورتحال هئي ۽ نئين ملڪ ٺهڻ کانپو به ان ۾ تبديلي نه آئي. ان جو هڪ اهم ڪارڻ پوٺوهار جي علائقي جو باراني هئڻ ۽ زراعت جو گھڻو دارومدار مينهن تي هئڻ آهي. روزگار جي محدود وسيلن هئڻ جي ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ هڪ بهتر چونڊ هئي.
ٻاهر ملڪن خاص طور يورپ جي مختلف ملڪن ۾ روزگار جي موقعن مهيا هئڻ ڪري اها ترجيح بدلجي ويئي. فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ بجائي انهن ملڪن ۾ وڃڻ وڌيڪ لاڀائتو ۽ پرڪشش محسوس ٿيڻ لڳو. منهنجو پنهنجي آفيس جي ڪم جي حوالي سان انهن علائقن ۾ وڃڻ، اتي رهڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي.
جي ٽي روڊ صنعت، زراعت ۽ واپار جي لحاظ کان پنجاب جي سکين علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. تعليم، واپار ۽ روزگار جي لحاظ کان هتان جو ماڻهو ملڪ بلڪ پنجاب جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ گھڻو اڳتي آهي. هتان جو ماڻهو عمليت پسند آهي. کيس هر اها ڳالهه پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي ۽ پرڪشش لڳي ٿي جنهن ۾ سندس مادي فائدو هجي. لاهور مان جيئن ئي سفر شروع ڪبو تيئن هڪ تبديل ٿيندڙ پنجاب نظر ايندو. زرعي زمينن جي جاءِ تي ڪارخانا ۽ هائوسنگ اسڪيمون وغيره قائم ٿي رهيون آهن. هي علائقو جيڪو پنهنجي زرخيز زمينن جي ڪري سڄي هندوستان کي خوراڪ مهيا ڪندو هو اهو هن وقت پنهنجيون ضرورتون به پوريون نه ٿو ڪري سگھي.
هتان جو ماڻهو پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سکيو آهي ۽ ان کي روزگار جا وڌيڪ موقعا ميسر آهن. پر ان جي باوجود ٻين علائقن جا ماڻهو ڏيساور وڃڻ لاءِ ايڏا اتاولا ناهن. ٻيڙي ٻڏڻ واري ان حادثي کان اڳ به ڪنٽنيرن وغيره ۾ ٻوساٽجي مري وڃڻ جا گھڻا واقعا ٿيا آهن پر اهو سلسلو بند ناهي ٿيو. هتي مسئلو معاشي کان وڌيڪ ماڻهن جي ڪلچر ۽ مزاج جو آهي.
منهنجي اتي اهڙن همراهن سان ملاقات ٿي جيڪي اڃا اٺين ڪلاس ۾ مس پهتا هئا ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ بيچين هئا. سندن ڀائر وغيره اڳ ئي انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ رهائش پذير هئا. سندن لاءِ پڙهائي جي ترجيح نه هئي. اهي پڙهائي ڇڏي پرڏيهه روانا ٿي ويندا هئا. کاريان، جهلم گوجر خان ۽ ان جي ويجھو آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ اهڙا گھڻا گھر نظر ايندا جيڪي يا ته خالي پيا آهن يا انهن ۾ هڪ اڌ پوڙهو يا پوڙهي رهيل آهي ۽ سندن اکيون پنهنجن پيارن جي انتظار ۾ در ۾ کتل هونديون آهن.
اهڙي ريت ڪنهن به ريت قانوني يا غير قانوني طريقي سان پرڏيهه وڃڻ هتان جي ماڻهن لاءِ هڪ عزت ۽ وقار جو مسئلو آهي. معاشي مسئلي کان وڌيڪ اهو سندن ڪلچر جو مسئلو آهي. ان تازي واقعي کان اڳ به اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن ۽ حڪومت جي اعلانن وغيره جي باوجود ان ۾ ڪو فرق ناهي پيو. آئندي اهڙن واقعن کي روڪڻ ڏکيو نه پر ناممڪن ٿو لڳي.