مارڪسي لينني سمجهه مطابق ته پورهيت عوام کي استحصال کان آزادي ئي سمورين آزادين جي پاڙ هوندي آهي. سوشلزم جي جمهوري نوعيت سڀ کان پهرين ته پيداوار جي سوشلسٽ رشتن ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ ان جو اصل مقصد هوندو آهي ته سماج زندگيءَ جون جيڪي سٺيون شيون پيدا ڪندو آهي اهي سموري عوام کي ئي ملن، ڪنهن ٻئي کي نه. ان ڪري جمهوريت جو بنياد، جڏهن ته لينن باربار زور ڏنو آهي، سياسي لفاظيءَ تي نه پر معاشي حقيقت تي هوندو آهي، ڪميونسٽ ان ڳالهه سان جمهوريت جي اصل طاقت جو اندزو لڳائيندا آهن ته اها معاشي ۽ روحاني فائدن جي صورت ۾ عام ماڻهن کي اصل ۾ ڇا ٿي ڏيئي.
استحصال ڪندڙن جمهوريت وٺي ڪري جيڪي طبقاتي بنياد قائم ڪري رکيا آهن انهن کي سوشلسٽ انقلاب ڊاهي ڇڏي ٿو. سوشلسٽ رياست پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان ئي پورهيت عوام کي اهي سموريون سهولتون پهچايون جيڪي جمهوري حقن لاءِ ضروري هونديون آهن. پيداواري اوزارن ۽ پيداواري وسيلن کي سموري عوام جي ملڪيت ۾ ڏيڻ ۽ پريس، ريڊيو، تهذيبي ۽ تعليمي ادارن کي عوام حوالي ڪرڻ سان جمهوريت جي بنياد ۾ معياري تبديلي اچي وڃي ٿي. سموري پيداوار ۽ رياستي معاملن جو نظم ۽ ضبط ذاتي مالڪ نه پر عوام ڪندو آهي.
سوويت يونين ۾ سوشلزم جا جمهوري اصول زندگيءَ جو لازمي ترڪيبي جزو بڻجي ويا آهن، انهن جي حيثيت عادت ٿي وئي آهي. سرمائيدار ملڪن ۾ ڪروڙين بيروزگارن لاءِ ڪم ڪرڻ جو حق وارو خواب اڃا ساڀيان نه ماڻي سگهيو آهي سويت عوام لاءِ ڪم ڪرڻ ڪرڻ جو حق زندگيءَ جو قائدو آهي ۽ ان کي ايئن ئي هئڻ گهرجي. سوشلزم سڀنيءَ کي تهذيب جي فائدن مان لطف وٺڻ جو هڪ جيترو حق ڏنو آهي. تهذيبي انقلاب پورهيت عوام لاءِ هر قسم جي تعليم، سائنس جي ڪارنامن، ادب ۽ فن جا رستا کولي ڇڏيا آهن. عوام جي پيش قدمي ۽ فن لاءِ وڏي گنجائش ۽ امڪان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سوشلزم تحت تهذيب تي ڪجهه چونڊ ماڻهن جو “وڏن ماڻهن” جو حق ناهي پر عام ماڻهن جي ملڪيت آهي. اهو سوشلسٽ جمهوريت جو هڪ وڏو گڻ آهي.
انسان هٿان انسان جي استحصال کي ختم ڪرڻ جي ڪري جمهوريت جي اهڙن تاريخي مسئلن کي حل ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي جيئن قومي جبر ۽ غلاميءَ جو خاتمو ۽ سمورين قومن ۽ قوميتن لاءِ برابريءَ جا حق رائج ڪرڻ. اهڙي نموني جمهوريت جي هڪ ٻئي اهم مسئلي کي يعني معاشي، سياسي ۽ تهذيبي زندگيءَ جي سمورن ميدانن ۾ عورتن جي حقيقي برابري حاصل ڪرڻ به سوشلزم ئي حل ڪري ٿو.
سچي جمهوريت جو اظهار گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون ٻئي عوام جي مفاد مطابق تيار ڪرڻ ۾ ٿئي ٿو. لينن چيو آهي ته جمهوريت جي اصلي مواد جو واضح اظهار جنگ ۽ امن جي اصل سوال تي ٿئي ٿو. اتي ئي مفروضي طور جمهوري پر اصل ۾ سامراجيت جي ڦورو طاقتن جي اڳرائي واري پاليسي ۽ سچي جمهوري سوويت يونين ۽ ٻين ملڪن جي حقيقي جمهوري امن پسند پاليسي وچ ۾ واضح فرق آڏو اچي ٿو.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سوشلسٽ جمهوريت ۾ وڌيڪ گهرائي پيدا ٿئي ٿي، اها ترقي ڪري ٿي ۽ واڌويجهه جي عمل ۾ جيڪي ڪوتاهيون پيدا ٿي وڃن ٿيون انهن کي ختم ڪري ٿي. ان عمل کي جيڪو پنهنجي مواد جي لحاظ کان ترقي پسند هوندو آهي، بورجوا پروپئگنڊا ۽ سوشلسٽ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهي ڪميونسٽ پارٽين جي سرگرميءَ کي بدنام ڪرڻ، سماج جي معاملن جي رهنمائي سان مزدور طبقي کي ان جي مارڪسي لينني ڪميونسٽ هراول کي برطرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن آخرڪار سوشلسٽ جمهوريت کي بورجوا جمهوريت جي هيٺين سطح تائين ڪيرائي سرمائيداراڻي نظام کي بحال ڪيو وڃي.
)هلندڙ)