ڪالهه مَٿس هڪ وڏو اوٿر چڙهي آيو ۽ رَتول رائو وسائي گذري ويو. انهي اوٿر دوران هو لڳاتار جاري لمحي سان همڪلام رهيو. هونئن به اهڙين گهڙين ۾ هو پنهنجي جاري لمحي سان ئي همڪلام ٿيندو آهي، جڏهن فطرت جو ڪو اوچتو غيرمعمولي لقاءَ سامهون اچيو وڃي ۽ ڪالهوڪي شام به ته ڄڻ ڪائي ازل جي مام ئي ته هئي، جنهن ۾ اول رتول رائو وسيو ۽ پوءِ سورج جرڪيو. بهرحال جرڪندڙ سورج ڪَني هئي ته نديءَ جي ڪناري اڪيلي بيٺل ٻيڙي مٿان هلڪي برسات جي چٽسالي سان سمورو منظر ڪنهن چرياڻ مصور جي تصور جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ هن کي تنهن لمحي لڳو ته هن گهڙي ڪائنات ۾ کائنس وڌيڪ ڌنوان ٻيو ڪير به ناهي!! ڇو ته انهي لمحي سندس گودڙي ۾ سج، ٻيڙي ۽ ندي ٽيئي هِڪ ٿيچڪا هئا. سج جيڪو زندگي جو ضامن آهي، ندي جنهن حياتي کي پاليو آهي ۽ ٻيڙي جنهن زندگي کي هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ ڀيٽڻ ۾ مدد ڪئي آهي، سي جڏهن ٽيئي هن جي گودڙي ۾ سمائجي ويا هجن ته پوءِ باقي کيس ٻيو گهرجي به ڇا!؟
سو بهرحال هو اهي ٽيئي امانتون گودڙي ۾ سانڍي سوچڻ لڳو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪيئن نه هڪڙي نهار ئي ماڻهو کي آد …جڳاد مان اڳتي اڪاري ٿي وڃي!! ها اها نهار جيڪا ڪالهوڪي شام ۾ کيس اتي وٺي وڃي پهتي هئي جتي ماڻهو کي اهو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته هو رڳو هڏ ۽ ماس جو ڳوٿري نه بلڪ اڃان ڪجهه ٻيو آهي. ها اهو ٻيو!! جيڪو سانوڻ رُت ۾ پنهنجين رڳن اندر ندي جا ڪُن ۽ گجگوڙون پسي ٿو. اهو ٻيو جيڪو سج سان گڏ سير ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي ٻيڙي پاڻ ملاح جي مام جي اثبات بڻجي جيئي ٿو.
اهو ٻيو ڪير آهي؟ ڪير به ته ناهي. بس اهو ئي آهي جيڪو آهي. پوءِ ان کي ڪير پهريون چوي، ٻيو چوي يا ٽيون يا ٽيهه هزارهون!! فرق ڪوبه ناهي. تنهن ڪري هو ڪالهه انهي نتيجي تي پهتو ته هيستائين جنهن کي هو پنهنجو ٻيو اڌ سمجهي ساڻس گفتگو ڪندو رهيو آهي، سو اصل ۾ ته هو پاڻ ئي آهي. بس اها ئي اصل گهڙي هوندي آهي جنهن کي ڌيان جي ديس ۾ جاڳرتا ڪوٺيو ٿو وڃي. اها گهڙي جنهن ۾ توهان ٻئي جي گمان مان نڪري هيڪڙائي هيڪ واري هولي جي رنگن سان رڱجي ٿا وڃو. ها اها هولي، جنهن جا رنگ جيڪڏهن گهرا ٿي وڃن ته هزارن لکن جو هجوم به هڪڙي ئي صورت بڻجيو وڃي. سڀ صورتون هڪجهڙيون، سمورا لِڱ هڪجهڙا رُوپ رڱيل.
ڪالهوڪي شام وارو اوٿر به ته ڄڻ هڪڙو رڱ ئي ته چاڙهي ويو هو هن جي مٿان!! جنهن ۾ هن پنهنجي ٻئي اڌ کي سمجهي ورتو. جي نه ته هيترا سال ته هو انهي اڌ کي پاڻ کي ڌار، الڳ ڪٿي ٻئي هنڌ سمجهندو رهيو هو. پر جڏهن هن سج، ٻيڙي ۽ ندي کي نينهن جي سنگم ۾ هڪ ٿيندي محسوس ڪيو تڏهن کيس سمجهه ۾ آيو ته ڪير به ڪنهن کان ڌار ناهي. ڪائنات جون سموريون صورتون هڪڙي ئي خيال جو پرتوَ آهن. تڏهن ته فقير محمد سائين کٽياڻ به اها هدايت ڪئي آهي ته …
“اي ڳولائو!! خيال ۾ گم ٿي خيال کي ڪماءِ. ڇو ته خيال جو مطلب اڳي پوءِ خيال مان ئي لڀڻو آهي.”
سو هاڻ انهي خيال جي بادشاهي جنهن کي نصيب ٿي وڃي ته پوءِ ان کان وڌيڪ امير ڪوئي ٻيو ٿي سگهي به ٿو ڇا؟ تڏهن ته هو به پنهنجي گودڙي جي شهنشاهي ساڻ کڻي نگر نگر بي نياز ٿي گهمي ٿو. ۽ تنهن ڏينهن به هو پنهنجي گودڙي کڻي خبر ناهي ڪهڙي ڏِسا ڏانهن نڪتو هو!! ها باقي سندس وِک مان لڳو ٿي ته کيس اڄ ڪئين ڪوهه پُڄائڻا آهن.