ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجليءَ جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ

Editorial

سنڌ جي هر شهر مان بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جون خبرون اچي رهيون آهن، هاڻوڪن ڏينهن ۾ جڏهن گرمي بنهه گهڻي زورن تي آهي ته ان دوران بجلي بند ڪري عوام کي عذاب ڏيڻ ۾ بجلي اختيارين وسان ڪين گهٽايو آهي. ان حوالي سان عوام نه رڳو ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهيو آهي ته پر اهو احتجاج به ڪندو رهيو آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان نه رڳو بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي آهي پر ان سان گڏ بجليءَ جا ڳرا بل موڪلڻ وارو سلسلو به هلندڙ آهي. پاڪستان ۾ بجليءَ جا اگهه هاڻ آءِ ايم ايف جي مرضيءَ کان سواءِ طئي ڪونه ٿيندا آهن، نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهو پريشان آهن پر اهي ان تي به ويچاري رهيا آهن ته اهي حيسڪو يا سيپڪو جي ايندڙ بجلي بدران بجليءَ جو ڪو متبادل وسيلو استعمال ڪن ته جيئن انهن کي گهٽ ۾ گهٽ بجلي ته فراهم ٿي سگهي. تازو عيد جي ٽن ڏهاڙن تي به بجليءَ جي سخت لوڊشيڊنگ اختيار ڪئي وئي. جنهنڪري ماڻهن جي معمول واري زندگي سخت متاثر ٿي آهي. حڪومت ته اهو چوندي نٿي ٿڪجي ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو آهي پر جڏهن حقيقتن کي پسجي ٿو ته خبر ٿي پوي ته نه رڳو لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي پر ان جي ختم ٿيڻ جا پري پري تائين امڪان ڪونه آهن.

پاڪستان ۾ توانائيءَ جا ٻيا ڪيترائي ذريعا موجود آهن پر تنهن هوندي به اهو انهن مان فائدو وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي. دنيا هن وقت سمنڊ، ڍنڍن ۽ ميدانن ۾ سولر پينل هڻي بجلي پيدا ڪري رهي آهي ۽ اها سستي توانائي عوام تائين پهچائي رهي آهي پر هتان جي حڪومت نه ته ان پاسي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو ارادو ٿو لڳي. تنهنڪري ان امڪان کي رد ٿو ڪجي ته عوام کي سستي بجلي ملڻ جا امڪان آهن. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ اهو بهانو اهو گهڙيو ويندو آهي ته ڊيم ڪونه ٿا ٺهڻ ڏنا وڃن، خاص طور ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر گهڻو ڪيو ويندو آهي ۽ ان تي ئي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو ڊيمن وسيلي ئي بجلي ٺاهي سگهجي. ٻيا ڪي به اهڙا وسيلا موجود ڪونه آهن، جن وسيلي بجلي ٺاهي سگهجي ۽ اها عوام تائين پهچائي وڃي. هن وقت تائين نظر ائين اچي رهيو آهي ڄڻ هاڻوڪن توڙي ماضي جي حڪمرانن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جو ذريعو رڳو ڊيمن کي رکڻو آهي. جڏهن ته هاڻ دنيا ڊيمن مان جان ڇڏائڻ ۾ لڳي پئي آهي. وڏن وڏن ڊيمن سان جيڪي ماحولياتي نقصان ٿي رهيا آهن، انهن کي نظر ۾ رکندي، ڊيمن کي مسمار ڪيو پيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته بل پيارڻ باوجود به عوام کي بجلي نه فراهم ڪرڻ ان سان زيادتي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمسي توانائيءَ کان وٺي هوا تي ٺهندڙ بجليءَ کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي اها خبر پوي ته بجليءَ جو رڳو هڪ وسيلو ڪونهي. ان کان به اهم ڳالهه ته اسين انهن ٻنهي متبادل ذريعن سان سستي ۽ ججهي بجلي تيار ڪري سگهون ٿا، جنهن سان ملڪ کي روشن رکي سگهجي ٿو. پر حڪمران شايد عوام ۽ ملڪ کي اونداهيءَ ۾ رکڻ چاهين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button