ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سهپ دنيا ۾ امن جي ضامن آهي

Editorial

دنيا ان وقت پرامن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اها سهپ جو مادو ڌاري. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته دنيا ۾ هڪ ئي خيال، ساڳي رنگ ۽ قد بت جا ماڻهو هجن. هي دنيا ان ڪري سهڻي آهي جو ان ۾ گهڻ رنگائپ آهي. ماڻهو هڪٻئي کي مختلف نالن، رنگ ۽ نسلن سان سڃاڻن ٿا. تنهنڪري ڪن ماڻهن کي ڪي ماڻهو وڻن ٿا ته ڪي وري نٿا وڻن پر جيڪي وڻن ٿا، انهن جو وڻڻ به فطري آهي. ڪجهه وقت کان پاڪ ڪتاب جي بيحرمتيءَ جا واقعا منظر عام تي اچي رهيا آهن. جڏهن ته ڪوبه مذهب ڪنهن ٻئي مذهب کي اها اجازت نٿو ڏئي ته ان جي مقدس ڪتاب کي ساڙيو وڃي. ان جي بيحرمتي ڪئي وڃي يا وري ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي وڃي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. تنهنڪري سهپ جو هجڻ ضروري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سوئيڊن ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو ڏکوئيندڙ آهي، جنهن تي اسلامي تعاون تنظيم احتجاج پڻ ڪيو آهي.
سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتيءَ جي واقعي تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سمورن اسلامي ملڪن کي پاڪ ڪتاب ۽ پيغمبر جي توهين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتيءَ تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس جده هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان، اردن، انڊونيشيا، ملائيشيا، آذربائيجان، گڏيل عرب امارات، بحرين سميت ميمبر ملڪن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اسلامي تعاون تنظيم ۾ پاڪستاني نمائندي فواد شير پاڪستان طرفان پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته هڪ طرف پوري امت مسلمه عيد ملهائي رهي آهي ته ٻئي طرف پاڪ ڪتاب کي ساڙڻ سراسر ناانصافي ۽ ناقابل برداشت عمل هو، هڪ اهڙو قدم کنيو ويو، جنهن سڄي مسلمان دنيا کي وڏو ڏک ٿيو. ان موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو ته پاڪ ڪتاب ۽ پيغمبر اسلام جي بيحرمتيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ عالمي قانونن جي فوري طور تي لاڳو ٿيڻ جي ضرورت آهي جيئن نفرت کي روڪي سگهجي. هن زور ڏنو ته سمورن اسلامي ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. واضح رهي ته 28 جون تي عيد جي ڏينهن سوئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم جي مسجد ٻاهران قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمتيءَ جو واقعو پيش آيو هو.
اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به مذهب جو ڪتاب هر ڪنهن لاءِ مقدس آهي ۽ ماڻهن جو پنهنجن مذهبن سان جذباتي لڳاءُ هوندو آهي، تنهنڪري انهن جي ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکڻ ڪنهن به ريت جائز ڪونهي. دنيا ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مذهبن جو احترام ڪيو وڃي. انهن ماڻهن کي عزت ڏني وڃي، جيڪي ڪنهن به مذهب جا مڃيندڙ آهن. هن صورتحال ۾ دنيا ۾ نفرت ئي پکڙي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪٻئي لاءِ سهپ ڪونهي ۽ مذهبن جو احترام ڪونهي ته پوءِ هر پاسي نفرت ئي نفرت هوندي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مذهبن جو احترام هر صورت ۾ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button