جتي پوري دنيا مان هڪ رڙ اچي رهي آهي ته ويهين صدي کان وٺي ماحولياتي تبديليون تيزي سان وڌي رهيون آهن اتي سنڌ تي به ان جا گهرا اثر ملن ٿا. انٽر گورمينٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج IPCC جي مطابق ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو پنجون نمبر متاثر ترين ملڪ آهي. شايد توهان اچرج ۾ پئجي وڃو ته ورلڊ اڪانومڪ فارم WEF جي مطابق اپريل 2022 جي آخري هفتي ۾ جيڪب آباد دنيا جو گرم ترين علائقو رهيو. جتي گرمي پد 49 سيلسيس رهيو جيڪا هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهھ آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ماحولياتي تبديلين جا اثر واضح آهن جيئن شديد موسمون، ڏڪار ۽ قحط سالي سامونڊي طوفان ۽ ابراهيم حيدري، ڪڍڻ ۽ گهارو وغيره جهڙا علائقا عربي سمنڊ هيٺ اچڻ. ازانسوا ماحولياتي تبديلين جا لڪل اثر وڌيڪ نقصان ڏئي رهيا آهن جيئن شديد گرمي جي ڪري ذهني ۽ جسماني بيمارين ڪر ڪڍيا آهن سامونڊي علائقن جو پاڻي هيٺ اچڻ مهاڻن ۽ سامونڊي جيوت کي ڇيهو رسايو آهي. شهري ٻوڏن انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچايو آهي.
نفسياتي ماهر ماحولياتي تبديلين جا ٽي مکيه لڪل اثر ٻڌائين ٿا.
- ورتا ۾ تبديلي: دي آمريڪن سائيڪالوجيڪل ايسوسيئيشن جي مطابق، “ماحولياتي تبديليون ماڻهن جي ورتا ۾ به تبديلي آڻين ٿيون” جيئن انسان جو بنا ڪنھن وجهه جي چڙچڙو ٿيڻ، هم خيال نه رکڻ واري سان وڳوڙ تي لهي اچڻ وغيره. هونئن ته منهنجي نظر مان پاڪستان ۾ اهڙو ڪو ادارو نه گذريو آهي، جيڪو ماحولياتي تبديلين سبب انساني ورتا ۾ تبديلين تي ريسرچ ڪري، ازانسواءِ، ڪجهه دوستن ان تي پاڻ مرادو ڪم ڪيو آهي هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هيومن ريسورس جي Phd اسڪالر ڊاڪٽر ياسر سولنگي ٻڌايو ته، “جڏهن آئون سبزي خريد ڪرڻ لاءِ بازار وڃي رهيو هوس ته هڪ شخص غلط روڊ ڪراس ڪندي منهنجي گاڏي جي اڳيان اچي ويو غلطي هئڻ جي باوجود مونکي ڪاوڙ مان بدشد ڳالهائيندو رهيو جنهن کي مون پرامن طورتي نظرانداز ڪيو. ان شخص جي ذهن تي موجوده گرمي جي لهر گهرا اثر ڇڏيا آهن.”
- ماحولياتي بي چيني Climate Anxiety: The handbook of Climate Psychology جي مطابق ماحولياتي بي چيني ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. الف: شديد گرمي جي ڪري ورتا ۾ تبديلي جيڪا ذھني بيمارين کي جنم ڏئي ٿي. ب: ٻيلن جي ڪٽائي سبب جهنگلي جيوت جو ختم ٿيڻ ان سان اداسي ۽ ڳڻتي پيدا ٿئي ٿي جنهن جو اثر جسم تي به پوي ٿو. ان سان گڏ ماحولياتي بي چيني جون ڪجهه نشانيون هي به آهن؛ Panic attack، بي چيني ۽ لڇ پڇ، بک نه لڳڻ، ۽ ننڊ نه اچڻ. هن جا اثر نوجوانن تي وڌيڪ ٿين ٿا ڪلائميٽ سائنسدان ۽ اسڪالر ان خطري جو تڪڙو اپا ذهني علاج ٻڌائن ٿا جيڪا Eco therapy سان ممڪن آهي. مٿين ٻنهي ڪيفيتن سان گڏ هڪ وڌيڪ ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي؛
- Post-Traumatic Stress Disorder (PTSD)
ٻوڏن، ڏڪار ۽ قحط سالي جي وچ ۾ جيڪو به اچي ٿو اهو PTSD واري ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو. پروفيسر هيلن پيري جي مطابق، “ماڻهو قدرتي آفتن جي ڪري گهڻي وقت لاءِ بار بار پنهنجا ڪکڙا ڇڏي اچن ته انهن جا گهر مڪمل تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي دماغي حالت شدت اختيار ڪري وڃي ٿي جنهن ڪري اهي PTDS ۾ هليا ويندا آهن.” PTSD جي علامت؛ دل جو تيز ڌڙڪڻ، وڙهو يا پرواز ڪيو واري علامت”fight or flight response” – اهڙي ڪيفيت جيڪا خوف ۽ ذهني دٻاءُ واري حالت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ نروس سسٽم تي شديد دٻاءُ وجهي ٿي ان صورت ۾ وڙهو يا پرواز ڪيو واري حالت ٿي ويندي آهي.
اڃا تائين ڇا واضح نه آهي: Climate Psychologist Leslie Devenport لکي ٿي، “ماحولياتي تبديلين سان تحفظ ۽ استحڪام طرف واپسي جو چانس ئي ناهي جيڪو انسانن پهرين ڏٺو هو ڇو ته اسان ٽڪراءُ واري رستي تي گامزن آهيون جيڪو وڌندڙ خطرو ۽ وڌندڙ تڪليف پيدا ڪري رهيو آهي.
آخر حل ڇا آهي؟ فردي، سماجي، ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون وٺي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي بحال ڪرڻ مٿي ڄاڻايل سڀني مسئلن جو بنيادي حل آهي. ٻهراڙين ۾ جٿي زمين جو ٽڪڙو ملي اتي وڻ لڳائڻ ۽ شهرن ۾ بهترين پلاننگ سان لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ ئي ماحولياتي تبديلين جي لڪل اثرن کي نچوڙي سگهن ٿا. هن مسئلي تي عمل ڪرڻ انڪار ڪرڻ کان بهتر آهي.