ٺيڪ اهڙي ريت هڪ ٻيو ڪردار جيڪو امير ڇوڪريءَ جو آهي، اِها خواهشن ۽ لگزري (Luxuries) تي ايترو ته هِريل آهي جو هر جاءِ تي Comfort ڳولي ٿي. منهنجو اِهو رايو آهي ته اوهان پنهنجي اولاد کي سهولتون ڏيو، آرام واري زندگي ڏيو، پر انهن کي ايترو قابل بڻايو جو اِهي مشڪل وقت کي منهن ڏئي سگهن. اِن جو بهترين مثال اسان وٽ پکين جو آهي. پکي سڀني کان پهرين پنهنجي ٻچن کي اڏام سيکاريندو آهي ته جيئن اِهو طوفان يا برسات ۾ پنهنجي پاڻ کي بچائي سگهي. ٺيڪ اهڙي ريت انهن ڊرامن ذريعي اڄ جي دور ۽ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ٿورو گهڻو اثر ٿيو آهي پر ڪجهه ماڻهو اِنهن ڊرامن کي ڊرامو قرار ڏئي ڳالهه ختم ڪري ڇڏين ٿا. جيئن صوبائي، قبائلي ۽ ٻيا مسئلا ٿين ٿا، اهڙي ريت سخت گير گهراڻن جا داستان به ڀريا پيا آهن. سنڌي هجن يا اردو ڳالهائيندڙ، سڀني جا مختلف طور طريقا ۽ رواج آهن.
ڪجهه عرصو اڳ هڪ پٺاڻ گهراڻي تي به ڊرامو هلايو ويو هو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو هو. اِن کان سواءِ هڪ بهترين ڊرامو جنهن جو نالو بختاور آهي، اِهو به هلايو ويو هو. اِن ڊرامي ۾ سماج جا اهي پهلو ڏيکاريا ويا جيڪي شايد ان کان اڳ ڪڏهن نشر نه ڪيا ويا آھن. جيئن اسان جي سماج جي سچائي هئي ته ڇوڪري هڪ جوا کيڏندڙ جي ڌي هوندي آهي ۽ سندس ماسي پنهنجي چرئي ۽ معذور پٽ سان سندس سڱ ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ اِها ڳالهه گهڻي ڀاڱي حقيقت به آهي ته جيڪا ڇوڪري غريب ماءُ پيءُ جو اولاد هوندي آهي، اها ڀلي ڪيتري به قابل ڇو نه هجي هر ماڻهو ھن کیي نفرت جي نگاہه سان ڏسندو آهي. ان کان سواءِ ھڪ ٻيو ڊرامو منظر عام تي آيو هو “تیيري بن”، جيڪو اڄڪلهه ٽاپ تي آهي. ماڻهو ان ڊرامي جا ايترا ته ديوانا آهن، ان لاءِ الاهي پرسنل ٿي ويا آهن. متعصم کي پنهنجو حقيقي هيرو قرار ڏيڻ وغيره.
ٺيڪ اهڙي ريت اِن ڊرامي ۾ هڪ “حيا” جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. حيا اها ڇوڪري آهي جيڪا متعصم جي گهر ۾ ئي رهي ۽ هن جي عاشق آهي. هي هنن ٻنهي کي بلڪل به برداشت نه ٿي ڪري، ايتري قدر جو ميرب کي هر تڪليف ڏيڻ ۾ حيا جو هڪ بهترين ڪردار آهي. جيئن ته هر ڊرامي جي ڪهاڻي هڪ مختلف رخ ڏانهن وٺي ويندي آهي. هي ڊرامو به ڪجهه ائين ئي آهي پر اسان جو عوام اِن ڊرامي کي ڊرامو نه حقيقي زندگيءَ جي ڪهاڻي يعني حال ۾ ڪنهن جي گهر ۾ هلندڙ ڪهاڻي سمجهي ورتو آهي. ڪجهه ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اِنهن سڀني ڪردارن کي ذاتي ردعمل ڏين ٿا. جيئن ميرب کي ميسيج ڪري چون ٿا ته متعصم جي غلطي ناهي، اِهو سڀ حيا ڪيو آهي ۽ متعصم کي ميسيج ڪن ٿا ته ميرب سٺي آهي، اِن کي سمجهڻ جي ڪر. ايتري قدر جو حيا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ماڻهو مون کي الاهي گارگند ڪن ٿا ۽ الاهي گندن غليظ نالن سان به پڪارين ٿا. جڏهن ته هي هڪ ڊرامو آهي ۽ آئون هڪ نيگيٽو ڪردار نڀايان پئي، مون کي ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ ناهي ايندو ته اسان جو عوام آخر ڪڏهن شعور ڌاريندو، اسان انهن فلمن، ڊرامن ۽ فلمي دنيا کي حقيقي زندگي ڇو ٿا ڏسون ۽ ڪجهه ڇوڪريون اِنهن ڪردارن کي کڻي حقيقي زندگيءَ مان نڪري پنهنجي زندگيءَ کي فلمي زندگي ٺاهي پنهنجو مستقبل ۽ حال وڃائين ٿيون ۽ سڄي زندگي هڪ آئيڊيل جي تلاش ۾ گذاري پنهنجي زندگي خراب ڪن ٿيون.
ِڊرامو يا آرٽ جو ڪوبه فن پارو ماڻهوءَ کي وندر فراهم ڪندو آهي، تنهنڪري ڪنهن ڊرامي ۾ جيڪڏهن ڪو ڪردار منفي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته اهو حقيقي طور اهڙو نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري اهي ماڻهو جيڪي ڪردار تي به ايترا جذباتي ٿي ٿا وڃن انهن کي اهو سوچڻ گهرجي ته گليمر جي دنيا حقيقي زندگي گهڻي مختلف آهي. مولانا رومي رحه جو چوڻ آهي ته ضرورت کان وڌيڪ هر شيءِ جي چاهه زهر آهي ته ان کي هر شي ايتري حد ۾ رکڻ کپي جيتري هن کي رکي سگهجي پر مقدار ضرورت کان مٿي ٿي وڃي ته زندگي بد کان بدتر جيان ٿي وڃي ٿي.
(پورو ٿيو)