هڪ پشتو ٽپو آهي:
”دشمن سان منهنجو ٺاهه
صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي
جڏهن هٿ جي تريءَ تي وار پيدا ٿين“
پر سچ اهو آهي ته ڪنهن سبب سان هٿ جي تريءَ تي وار به ڄمي سگهن ٿا. هاٿيءَ جو ٽٽل ڏند به جڙي سگهي ٿو. پپل جي پنن مٿان برسات جا قطرا به ترسي سگهن ٿا. گنگا ندي ابتي وهي سگهي ٿي. ممڪن آهي ته ڪو ماڪوڙيءَ کي لپ اسٽڪ به لڳائي وٺي. پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته دنيا جي ڪا به قوت سنڌ جي اديبن کي پاڻ ۾ کير ۽ کنڊ وانگر ملائي هڪ نه ٿي ڪري سگهي.
اها حقيقت آهي ته اديبن وٽ پئسا نه هوندا آهن. انهن وٽ مال ۽ دولت نه هوندي آهي پر انهن کي قدرت اهڙي دل ۽ اهڙي دماغ سان ضرور نوازيندي آهي، جنهن لاءِ جڳ جا بادشاهه به حسرت ڪندا آهن. هو جيڪي تلوارون کڻي ميدان ۾ نه ٿا لهن پر انهن جا قلم تلوارن کي مات ڪرڻ جي طاقت جا مالڪ ضرور آهن. اهوئي سبب آهي ته نظرياتي سياست ڪندڙ اديبن کي خاص اهميت ڏيندا آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هو پاڻ ۾ نه ٿا ملن. هو موتي آهن پر مالها نه ٿا جوڙين. سنڌ ۾ ته خاص طور تي نه!!
اديبن جي اتحاد لاءِ جڏهن منهنجو دوست ۽ مون کان وڌيڪ سنڌ جو دوست محمد خان ابڙو ميدان ۾ آيو آهي. جڏهن ”وڃن سور سندا ڪيو“ جي مصنف اهو ڪم شروع ڪيو هو، تڏهن مون کي پوري پڪ هئي ته هو ناڪام ۽ مايوس ٿيندو. پر جي ايم سيد جي فڪري اس ۾ اسريل هن شخص جو پنهنجي پاڻ مٿان اعتبار ٽاريءَ جي ڪاٺ جيان مضبوط آهي. هن پنهنجي پوري حوصلي سان وک وڌائي ته آهي پر دراصل سنڌ جي اديبن ۾ انتشار جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سنڌي اديبن جو پاڻ ۾ مڙي مٺ نه ٿيڻ سبب سنڌي قوم تائين نفاق جو نياپو پنهنجي ڀرپور صورت ۾ ويو آهي. جڏهن ته ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ ان لاءِ آيو هو ته سنڌ جي اديبن جو هڪ تخليقي ۽ جمهوري فورم اهڙو به هجي، جتي مختلف نقطه نظر ۽ فڪر جا ماڻهو گڏجي ويهن ۽ هڪ ٻئي کي نه صرف برداشت ڪن پر هڪ ٻئي جي تخليقي حسن جي تعريف به ڪن. ادب جي معرفت محبتن جا عظيم مقصد ماڻين. وڏي ڳالهه ته پنهنجي هم وطن ماڻهن تائين ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو پيار ڀريو پيغام پهچائين ۽ سنڌي ماڻهن کي سمجهائين ته ايڪي ۾ ڪيتري نه سٺائي ۽ سچائي آهي.
چوندا آهن ته سياستدان ايندڙ اليڪشن جو سوچيندو آهي. جڏهن ته اديب ۽ دانشور ايندڙ نسل جي باري ۾ محو فڪر هوندو آهي. هن جي نظر ڪرسيءَ تي نه پر قوم جي ان وقار تي هوندي آهي، جيڪو وقار قوم جو اصل روح هوندو آهي. اديب قومن لاءِ آسمان مان ستارا لاهي اچڻ جا سياسي واعدا نه ڪندا آهن پر هو پاڻ فڪر ۽ فن جا ستارا بڻجي پنهنجي ڀٽڪيل ماڻهن کي اها واٽ ضرور ڏسيندا آهن، جيڪا منزل جي طرف ويندي آهي.
سنڌي ادبي سنگت جو ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ وارو عمل سنڌ سان پيار ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ افسوسناڪ هو پر انهن کي معلوم هو ته سنڌ ۾ هر اديب پنهنجي قد کان وڏي انا جي صليب گهلي رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جي اديبن کي ميڙي مٺ ڪري وري هڪ موتين جي مالها ۾ تبديل ڪرڻ ائين ممڪن آهي، جيئن ڏڌل کير وري ٿڻن ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اهو بظاهر ناممڪن مشن محمد خان ابڙو جي ڪاوش سبب ممڪن ٿيندو نظر اچي ٿو. محمد خان جي ڪوششن ڪري جهڙي ريت سنڌي ادبي سنگت جا ٻيئي ڌڙا هاڻي هڪ ٻئي سان گڏ ويهي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٿيڻ لاءِ آماده ٿيا آهن ته هن وقت ان قسم جي ننڍڙي ڪاميابي به هڪ وڏي اتساهه جو باعث بڻجي رهي آهي. ڇو ته گهڻي وقت کان وٺي سنڌ مٿان صرف بريون خبرون بي وقتي برسات وانگر وسي رهيون آهن. ان وهه جهڙي وسڪاري ۾ جيڪڏهن ڪا وقتي وٿي به اچي ٿي ته اهو پل اسان کي روشن ڪرڻي جهڙو محسوس ٿئي ٿو.
سنڌي ادبي سنگت جو سنگم تاريخي ڪاميابي نه ٿيندي پر اهو عمل تاريخي ڪاميابين جي طرف مضبوط وک جي طور تي ضرور ياد رکيو ويندو. تاريخ ۾ صرف تلخ رڪارڊ کي ئي تحفظ حاصل آهي. اسان جو اتهاس مايوسين جو ميڙ آهي. اسان جي تاريخ بقول حسن درس ذلتن ۽ شڪستن جو سلسلو آهي. پر تاريخ جي ان ڏاڍ ۽ جبر ۾ جتي به ڪو ڏار پوي ٿو ۽ اتان ان ڏونگر مان اميد جو ڪو سائو سلو ڦٽي نڪري ٿو ته ان آس ۽ اميد جي مسرت تمام گهڻي آهي.
سنڌي ادبي سنگت جڏهن ٽٽي ٻه ٽڪر ٿي هئي تڏهن اهو خدشي جو خيال ۾ اچڻ فطري هو ته هاڻي ڀڃ ڊاهه جو اهو سلسلو اتي نه رڪبو. جهڙي طرح سنڌي جي قومي سياست ڏيڍ سر جي مسيت ٺاهڻ واري روش جي ور چڙهي وئي آهي، تهڙي طرح سنڌ جي سڄڻن کي محسوس ٿي رهيو هو ته هاڻي ادبي سنگت جو به اهوئي مقدر ٿيندو. پر جڏهن ٽٽل وجود کي ٽاڪو لڳي، وري ان کي ساڳيو سلامت ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون ٿيون آهن، تڏهن نه صرف هڪ بهتر مند جي بوءِ اچڻ لڳي آهي پر ان ويچار تي ويساهه وڌي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي پنهنجي پوري سچائيءَ سان ڪو بظاهر ناممڪن ڪم پنهنجي هٿ ۾کڻي ٿو ته اهو ناممڪن مشن (Mission Impossible) ڪجهه وقت کان پوءِ ممڪن مشن (Mission Possible) ٿيندو نظر اچي ٿو. اهڙي ريت نااميديءَ جي دور ۾ اميد جو ننڍڙو ئي سهي پر هڪ سائو وڻ ته لهلائيندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سنڌ جي اديبن کي سوچڻ گهرجي. انهن کي پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻ کپي. انهن پنهنجي ڪردار سان مايوس قوم کي وڌيڪ مايوس ڪيو ته تاريخ ۾ انهن کي اهڙو مقام ملندو جو انهن جا ڪتاب انهن جون قبرون بڻجي ويندا ۽ انهن ڪتابن جي قبرن مان عذابن سبب اٿندڙ رڙيون، ڪا قوت نه روڪي سگهندي.
نئين سنڌ نه صرف سهڻي ۽ من مهڻي آهي پر ممڪن به آهي. ان ممڪن جي سفر ۾ سنڌ جي اديبن کي پنهنجي ڪردار جو نئين سر جائزو وٺي، انتشار بدران ايڪي ۽ اتحاد جي ان آواز طرف وڌڻ گهرجي، جنهن مان نون امنگن جا نغما ايئن ڦٽي نڪرڻ لاءِ آتا آهن، جيئن پهاڙن جي پٿرن مان آبشار ڦٽي نڪرندا آهن.
موجوده دور جي مايوس موسم ۾ سنڌ جي اديب جو ايڪو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سنگم هڪ نئين سفر جو سڏ بڻجي سگهي ٿو ۽ نه رڳو بڻجي سگهي ٿو پر بڻجڻ به گهرجي.
اسان جي خوابن جو مقدر جنگي قيدين جهڙو ڇو هجي؟
آزادي اسان جي خوابن جو حق آهي.
قومن جي آزادي دراصل خوابن جي آزادي آهي!!