پنجين جولاءِ قومي ڪيلينڊر جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو. ان ڏينهن ان وقت جي آرمي چيف جنرل ضياءُ الحق چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو. 7 مارچ 1977ع تي ملڪ اندر چونڊون ڪرايون ويون، انهن چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڪاميابي حاصل ٿي پر مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ جماعتن 1977ع واري چونڊن جي نتيجي کي قبولڻ کان انڪار ڪيو. 9 جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد عرف “9 ستارن” ڌانڌلين جا الزام هڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. ان دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جيڪي تقريبن ڪامياب به ٿي چڪيون هيون، جنهن ۾ ملڪ اندر نين چونڊن ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو هو. 4 جولاءِ 1977ع تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ ڊرافٽ به تيار ٿي ويو هو پر بدقسمتيءَ سان جنرل ضياءَ جنهن اڳواٽ سامراجي قوتن جي اشاري تي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو، تنهن 5 جولاءِ 1977ع تي رات جي آخري پهرن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري چونڊيل وزيراعظم ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي چيئرمين شهيد ڀٽي کي حراست ۾ وٺي ڪوهه مريءَ ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ 1973ع جي متفقه آئين کي به معطل ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ پ پ پ جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، سون جي انگ ۾ ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن کي گولين سان اڏايو ويو. ان جي باوجود به پيپلز پارٽي جا ڪارڪن “جيئي ڀٽو سدا جيئي” ڀٽو جا نعرا هڻندا رهيا. ضيائي آمريت واري دور ۾ پ پ جي ڪارڪنن کانسواءِ صحافين، دانشورن ۽ سياستدانن کي به ڪوڙا هنيا ويا ۽ جبل اندر بند ڪري اذيتون ڏنيون ويون. جنرل ضياءَ حق ۽ سچ لکڻ تي ڪيترن ئي اخبارن مٿان سينسرشپ جو قانون مڙهي ڇڏيو.
اصل ۾ پي اين اي جي تحريڪ پٺيان آمريڪا جو هٿ هو، ان ڪري پي اين اي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڊالرن جا ڍير لڳي ويا. اهڙي ريت جنرل ضياءَ مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ ۽ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال کي جواز بڻائي 5 جولاءِ 1977ع تي هڪ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر آمريت جو بنياد وجهي ڇڏيو. جنرل ضياءَ اسلامي نظام جو ڪوڙو نعرو هڻي ملڪ اندر 11 سالن تائين اقتدار تي قابض رهيو. ان دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي عدالتي قتل ڪري ڇڏيو.
جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ جو جهاز تباهه ٿيو ته هن جا هڏا به مالڪن کي ڪونه مليا. جنرل ضياءَ جي تابوت کي ان جي گهر وارن جي سامهون رکيو ويو ته ان جا وارث فقط روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، پر ان جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته قدرت سندس اهڙو حشر ڪري ڇڏيو جو ڪوبه شخص هن جي “ميت” کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هو،
ذوالفقار علي ڀٽي کي پھريون ڀيرو 12 نومبر 1968ع تي گرفتار ڪيو ويو، انهيءَ ڏوهه ۾ ته عوام کي حڪومت خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي. 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياءَ مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ ڀٽي کي گرفتار ڪرايو. 28 جولاءِ 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو. 3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪراچيءَ مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. 10 ڏينھن کان پوءِ وري ٻيھر کيس آزاد ڪيو ويو. گرفتارين جو سلسلو هلندو رهيو. 9 آڪٽوبر 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانتي درخواست رد ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي فُل بئنچ جو سربراهه مولوي مشتاق کي بڻايو ويو. اهڙي عوامي ليڊر کي 18 مارچ 1978ع تي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، گهڻين ڪوششن کان پوءِ به ڀٽي صاحب کي ڪٿان به مدد نه ملي. چونڊيل وزيراعظم کي 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو. زندگيءَ جي آخري ملاقات 3 اپريل 1979ع تي ذلفي ڀٽي سان سندس شريڪِ حيات بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ڪئي. انھيءَ ملاقات ۾ ڀٽي صاحب نصرت ڀٽو کي چيو ته “اڄ توهان ٻئي گڏ آهيو ڇا منھنجي آخري ملاقات آهي؟” انهيءَ ملاقات ۾ بلڪل ماٺار ڇانيل هئي. 4 اپريل 1979ع جو واقعو جنرل (ر) ڪي ايم عارف به تفصيلي لکيو آهي پر ملڪ جي هيرو مقتل گاهه ۾ قوم کان موڪلايو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ آرامي ٿي ويو.