سياري جي سرد رات هئي، اسين گهر چلهه ۾ باهه کي ڦريا ويٺا هئاسين ته مون کي گهران سڏڻ لاءِ ايندڙ چيو ته ٻاهر نظاماڻي وڪيل پيو سڏي. آئون حيرت ۾ پئجي ويس ته نظاماڻي وڪيل هن مهل مون وٽ ڪيئن آيو آهي. ٻاهر ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ ڪار ۾ انور محمود نظاماڻي ۽ قاسم پٿر ويٺا هئا. انور محمود جي لغت ۾ گاريون تمام گهڻيون هونديون هيون. گار ڏئي مون کي چيائين اوهان کي رات جو جيڪو ڪرڻو هجيو اهو ڪري، صبح جو ماني مون وٽ اچي کائجو.
ڪامريڊ قاسم پٿر سندس گهرو دوست هو. انور محمود نظاماڻيءَ جا قومپرست ۽ ڪامريڊ تمام گهڻا دوست هئا. ڪيترائي روپوش ڪامريڊ ۽ قومپرست وٽس ايندڙ هئا. هڪ ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقي هن وٽ رهيل هو، جڏهن بس اسٽاپ تي واپس پئي ويو ته گرفتار ٿي ويو هو. مٿس ڄام ساقيءَ کي گرفتار ڪرائڻ وارو الزام به لڳو. پوءِ ڄام ساقيءَ کي خود ان معاملي تي ڳالهائي ڪامريڊن مان انور محمود جي ضمانت ڪرائي هئي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئشن ڪئي هئي. چار مارچ ۽ ٻين شاگرد تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. هو ڪيترائي ڀيرا جيل ويو هو. هن ايل ايل بي به جيل مان ڪئي هئي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ قومپرست ۽ حرن جو وڏو انگ جيل ۾ رهيو هو. ان ڪري ان دور جا سياسي قيدي انور محمود جا گهرا دوست هوندا هئا. عبدالواحد آريسر کان وٺي، ابراهيم منشي تائين هن جا گهرا دوست هئا. هو پير پاڳاري جي چيف خليفي امين مڱرئي سان به جيل ۾ گڏ قيدي رهيو هو. جتان امين فقير کي مسنگ ڪري پوءِ قتل ڪيو ويو هو.
هو قد جو ننڍو ۽ موڪري ڇاتي وارو هو. هن جو هڪڙو گڙدو فيل هو. هو چرچن ۾ ٻڌائيندو هو، هڪڙي گڙدي جي باوجود ٽي شاديون ڪيون اٿم. ٻار ايترا ڄڻيا اٿم جو مون کي ته نالا به ياد ڪونه ٿا پون. هڪڙي ڀيري هڪڙي نڪاح خوان دانهون ڪيون ته انور محمود نڪاح نامي واري ڪتاب مان اٺ ڏهه پنا ڦاڙي ويو آهي. اسان نڪاح نامي وارن پنن جو پڇيس ته هوٽل وارن کي ٻٽي گاريون ڏئي چيائين ڪنهن مائيءَ سان هوٽل تي وڃون ٿا ته پهرين نڪاح نامون ٿا پڇن. هو وڏو وڪيل هو. بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ڳالهائيندو هو. هو مقرر به وڏو هو هو. تقرير اهڙي ته بي ڊپي ڪندو هو جو جنهن خلاف ڳالهائي ان جا کنڌا کڻي ڇڏيندو هو. ان ڪري سانگهڙ ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي پروگرام ڪندڙ ڪو وڙيو انور محمود کان تقرير ڪرائڻ جي همٿ ڪري سگهندو هو. هو حر جماعت جو انتهائي سرگرم ماڻهو هو.
65ع واري جنگ ۾ پير صاحب جي حڪم تي رحيم يار خان ۽ عمرڪوٽ سيڪٽر تي هندستان خلاف جنگ ۾ پڻ حصو وٺي چڪو هو. هن حر جماعت جو ڪيس هر فورم تي رکيو ۽ زوردار نموني سان رکيو. پر حر جماعت ۾ خليفن جي اسٽيبلشمينٽ جو سخت مخالف هو. هو ڄام صادق علي جو به دوست هو. ڄام صادق علي هن جي چرچائي طبيعت جو مداح هو. ڄام صادق علي جڏهن پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري لنڊن ۾ رهيل هو ته انور محمود لنڊن ۾ ساڻس ملڻ لاءِ ويو هو. هو ڄام صادق علي جي وڏ وزارت ۾ صلاحڪار به ٿيو. هن وٽ ڪيترائي ايم ڪيو ايم جا باغي لڪيل هوندا هئا. جيڪي پوءِ حقيقي ٿي ويا. ڀٽي صاحب جي دور ۾ پير پاڳارو شاهه مردان شاهه وڏو عرصو لاهور ۾ رهيل هو. جتي انور محمود به پير صاحب سان لاهور ۾ رهيل هو. پير صاحب کي چيائين: “سائين موڪل ڏيو ٻه زالون اٿم، ڏسي اچان، آهن يا ڀڄي ويون.” چيف جسٽس افتخار چوڌري سان به هو چرچن واري ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو هو. چيف جسٽس بار جي دعوت تي سانگهڙ آيل هو. انهن ڏينهن ۾سانگهڙ جا سمورا روڊ سخت خراب حالت ۾ هئا. بار ۾ چيف جسٽس کي ويلڪم اسپيچ ۾ چيائين سانگهڙ ضلعي مان سڄي سنڌ ۾ گهڻي کان گهڻو تيل ۽ گئس نڪري ٿو. پر روڊن جي اهڙي حالت آهي جو زالن کي ميٽرنٽي اسپتال ۾ وٺي وڃڻ دوران ئي ڊليوري ٿيو وڃي. چيف جسٽس هن جي بار واري تقرير کي پٽيشن ۾ تبديل ڪيو هو. سپريم ڪورٽ جي حڪم جي نتيجي ۾ گئس ڪمپنين جي پئسن مان سانگهڙ جا سمورا روڊ جڙي راس ٿيا.
هو اٺهتر سالن جي ڄمار ۾آچر جي ڏينهن گذاري ويو. هن جي وفات تي سانگهڙ توڙي ملڪ جا ماڻهو جيڪي هن جا واقف هئا، سي سندس بهادري، جرعت ۽ همت جي واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهن.