ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آئي ايم ايف ۽ قرض

Editorial-Article-Asar Imam

هڪڙي خبر اها آهي ته آئي ايم ايف پاران پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جو قرض ڏيڻ جي منظوري ملي وئي آهي جنهن تي خوشيءَ وچان دهل شرنايون وڄايون ويون آهن. هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ورتيون پيون وڃن. پر ٻِي خبر اها آهي ته هن ئي مهيني ۾ 17 ارب ڊالرن جي سيڙپ سان هندوستان چنڊ تي پنهنجو خلائي مشن موڪلي رهيو آهي. اهو آهي فرق انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪي هڪڙي ئي ڏينهن آزاد ٿيا پر هڪڙي ملڪ کي هلائڻ وارن جو ان وقت ئي ذهن صاف هو ته هيءُ پوري هڪڙي دنيا جيڏو وڏو ملڪ کين ڪيئن به ڪري هلائڻو آهي. ان کي ترقي وٺرائڻي آهي. نوآبادياتي زماني ۾ ساڻس جيڪي جُٺيون ڪيون ويون آهن انهن جو علاج ڪرڻو آهي. ٻئي پاسي اسان جو هيءُ ملڪ هو جنهن کي هلائڻ وارا پهرئين ڏينهن کان وٺي ٻڏتر جو شڪار هئا. جن وٽ مستقبل جي ڪا به رٿابندي ڪانه هئي. جن وٽ اهو تصور ئي ڪونه هو ته اڳتي نيٺ ڪرڻو ڇا آهي؟ سگهو ئي اسان جي ان بنا مهار هلندڙ ملڪ کي آمريڪا بادشاهه پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريو ۽ سرد جنگ دوران هڪڙي خاص اتحادي يا ايجنٽ طور ڀرتي ڪري ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي سڌاري جا جيڪي ٿورا ٿڪا امڪان موجود هئا اهي به ختم ٿي ويا. هاڻي پاڪستان هڪ اهڙي رياست بڻجي ويو جنهن کي جيڪو ڊالر ڏيندو رهي، هيءُ ان جي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪندو رهندو. هن جي پنهنجي ڪا حڪمت عملي، پنهنجو ڪو نصب العين ڪونه هو. پنهنجا ڪي ملڪي مفاد به ڪونه هئا. جيڪي هو سو اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جا پاليل مهرا هئا، انهن جا مفاد هئا.
1947 ۾ انگريز سامراج کان ورتل آزاديءَ کي مني صدي گذري چڪي آهي. مني صديءَ جو اهو سفر مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به اسان پنهنجو پاڻ کان اهو سوال پڇڻ لاءِ مجبور آهيون ته اسان کي نوآبادياتي غلاميءَ کان آزادي ته ملي وئي پر ڇا اسان جديد نوآبادياتي غلاميءَ کان به آزادي ورتي آهي؟ جواب آهي نه. اها اڃان به برقرار آهي يا وري ائين چوڻ گھرجي ته جديد نوآبادياتي غلامي ۽ ان جي جڪڙ بندي اڃان وڌيڪ سخت آهي. ڪڏهن نه لهي سگهندڙ قرض جي بار هيٺ اسان اڳي کان وڌيڪ بري نموني غلام بڻايا ويا آهيون. ان ڪري قرض جي قسط ملڻ ته ٺهيو پر هيءُ موقعو آزاديءَ جون خوشيون ملهائڻ جو به نه آهي. ابتو اهو افسوس ڪرڻ ۽ نهايت ئي غور ويچار سان اڳتي وڌڻ جو وقت آهي. گذريل مهيني جي 29 هين تاريخ تي آئي ايم ايف سان 3 ارب ڊالرن جي نئين قرض ملڻ جو معاهدو طئي ٿيو وزيرِ اعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ان خبر کي خوشخبري بڻائي پيش ڪيو ۽ ان تي اهڙي نموني مبارڪن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خوشي ملهائي وئي ڄڻ 14 آگسٽ واري ڏينهن ملهائجندڙ خوشي هجي. پوري دنيا اسان کي حيرت منجهان پئي ڏٺو ته هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي اهو پنهنجي پيرن تي بيهڻ، پنهنجي ماڻهن لاءِ روزگار جا وسيلا ۽ ذريعا پيدا ڪرڻ، پاڻ ڀرو ٿيڻ بدران قرض جي قسط ملڻ تي ايترو خوش ٿي رهيو آهي ڄڻ ڪو خلا فتح ڪري ورتي هجائين.
اسحاق ڊار نواز ليگ پاران چوٿون ڀيرو ناڻي جو وفاقي وزير ٿيو آهي. پر جهڙي نموني 2013 ۾ آئي ايم ايف کان ساڍا ڇهه ارب ڊالر قرض ملڻ کان پوءِ سالياني بجيٽ کي آئي ايم ايف جي مرضيءَ مطابق بڻايو ويو هو. 2023 ۾ به 3 ارب ڊالرن جي قسط تي رضامنديءَ کان پوءِ ڊار صاحب پيش ڪيل سالياني وفاقي بجيٽ کي آئي ايم ايف جا سڀ شرط قبوليندي ٻيهر ڀڃ ڊاهه ڪري پيش ڪيو آهي. عوام کي جيڪو ٿورو ٿڪو سهارو ڏنو ويو هو، اهو به واپس ورتو ويو آهي. ان ڪري به جو قرض جي نفسيات اها آهي ته ڏيڻ وارو هميشه اها ضمانت وٺڻ چاهيندو آهي ته سندس قرض طور ڏنل رقم واپس به ٿيندي؟ ۽ جيڪڏهن ها ته ڪيئن؟ پر جيئن ته آئي ايم ايف مکيه طور تي آمريڪي اثر رسوخ ۾ ڪم ڪندڙ مالياتي ادارو آهي ان ڪري ان جا سموري دنيا اندر پنهنجا معاشي سان گڏوگڏ سياسي مفاد به آهن. آئي ايم ايف جڏهن به اسان کي قرض ڏيندو تڏهن اهو اها پڪ ڪندو ته پاڪستان آمريڪي جديد نوآبادياتي ۽ مالياتي غلاميءَ منجهان آزادي حاصل نه ڪري سگهي. هڪ عام آمريڪي شهري ائين نه به چاهيندو هوندو يا ان کي اها خبر به نه هوندي ته مالياتي سامراج ڪهڙي نموني دنيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايون ويٺو آهي پر آمريڪي اشرافيا کي چڱيءَ ريت پتو آهي ته ڇا پيو ٿئي؟ ڪيئن ۽ ڪنهن جي لاءِ پيو ٿئي؟
آئي ايم ايف سان پاڪستان جي ياري تمام پراڻي آهي. پاڪستان 1958 کان وٺي آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ شروع ڪيو آهي. جيڪو لڳاتار وڌندو رهيو آهي. لهي وڃڻ ته ٺهيو، گھٽ به نه ٿيو آهي. پر هن ڀيري جيڪي شرط رکيا ويا آهن اهي پوري تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سخت سمجهيا وڃن ٿا. 2019 ۾ تحريڪِ انصاف جي اتحادي حڪومت آئي ايم ايف کان 13 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ قرض ورتو جيڪو پوري تاريخ ۾ ٻيو سڀ کان وڏو قرض هو. ان کان به وڌيڪ افسوس ناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو قرض هاڻي رڳو ان لاءِ پئي ورتو ويو ته جيئن اسان اڳ ئي ورتل قرض ۽ قرض جو وياج ادا ڪري سگهون. پرڏيهي ناڻي جا جيڪي ذخيرا اسان جي خزاني ۾ موجود آهن انهن کي بچائي رکڻ جي لاءِ اهو قرض وٺڻو پيو. مثال طور 2017 کان 2019 تائين ڪل 29 ارب ڊالر قرض کنيو ويو جنهن منجهان 19 ارب ڊالر رڳو وياج ادا ڪرڻ ۾ هليا ويا. باقي رقم منجهان ڪجهه مُور موٽايوسين ۽ ڪجهه ڪرپشن جي ديويءَ کي نذرانو ڏئي بوڇڻ ڇنڊي اٿياسين. 2018 ۾ پاڪستان 16 ارب ڊالر قرض ورتو جنهن منجهان 9 ارب ڊالر قرض جي ادائيگيءَ ۾ باقي هيڏي هوڏي ڪري ڪهاڻي ختم ڪئي وئي.
پاڪستان کي ايندڙ هڪ سال اندر 23 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪرڻو آهي. ظاهر آهي ايترا پيسا ڪٿان ايندا؟ ان ڪري چٽا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته ان قرض جو اڌ نئين سر قرض جي صورت وٺي ويندو. يعني جنهن کي معاشي ٻوليءَ ۾ رول اوور چيو وڃي ٿو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ 1 سيڪڙو جو اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ سالياني انڪريمينٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو به وڏن صاحبن جي صحيح جي انتظار ۾ سندن ٽيبل تي پيو آهي. آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻو آهي ته ان جا فيصلا قبول ڪرڻا پوندا. دفاعي بجيٽ گھٽ نه ٿي ڪري سگهجي. حڪمران اشرافيا جون رعايتون ۽ فضول خرچيون ختم نه ٿيون ڪري سگهجن. ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ بند نه ٿي ڪري سگهجي ته پوءِ باقي اهو ئي بچي ٿو. بجلي، گيس ۽ تيل جون قيمتون وڌايو. سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن گھٽايو يا ختم ڪريو وغيره.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button