ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نصرت چانڊيو اڄوڪي دور ۾ سنڌي ٻولي جي نمائندا ڪهاڻيڪاره آهي. سندس ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو عورتن سان لاڳاپيل اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿي جن تي اڳ ڪڏهن ڪنهن لکڻ جي همت نه ڪئي آهي. ان سڀ کان وڌيڪ هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار بيباڪيءَ سان ڪري ٿي. هن جي ڪهاڻين جي هڪ خوبصورتي اها به آهي ته هو ڪهاڻيءَ ۾ ڳالهيون فلسفياڻي انداز ۾ ڪرڻ بدران سڌي ۽ سادي نموني ڪري ٿي. مون جڏهن نصرت چانڊيو جون ڪهاڻيون “گم ٿي ويل آڱر”، “پل جي پار”، “گلنار ولا” ۽ “ٻٽي قبر” پڙهيون ته ايئن لڳو ڄڻ ايلس منرو، ورجينا وولف يا وري ٽوني موريسن جي ليول جي ڪنهن ليکڪه جون ڪهاڻيون پڙهندو هجان.
بلڪل اهڙي ئي ڪهاڻي “اڇي چادر” به آهي، جيڪا سنڌي ادبي سنگت جي هن “ڪهاڻي ڪانفرنس” ۾ پيش ڪئي وئي آهي. اها به پنهنجي موضوع ۽ انداز جي حوالي سان هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ جا شروعاتي جملا پڙهندي ئي احساس ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻي ٻن پيڙهين جي عورتن جي ڏکن سان ڀريل زندگي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ اهي پاڻ ۾ ما ۽ ڌي آهن. زليخان بيماري سبب بيوسيءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته هن جي ڌي پٺاڻيءَ کي شادي جي رات پنهنجي پاڪدامني ظاهر ڪرڻي آهي. مان هن ڪهاڻيءَ کي سنڌ ۽ بلوچستان جي قبيلائي ريتن رسمن، خاص ڪري عورت جي حوالي سان ناڪاري روين تي هڪ همت واري ٺٺول سمجهان ٿو. جنهن کي انگريزيءَ ۾ ڊارڪ هيومر چئجي ٿو.
ڊارڪ هيومر ادب خاص ڪري جديدت پڄاڻا ادب جو اهم جز سمجهيو وڃي ٿو. ايئن ته ڊارڪ هيومر آڳاٽي زماني کان ادب ۾ استعمال ٿيندو رهيو آھي پر 9/11 کانپوءِ آمريڪي ادب ۾ وڌ کان وڌ استعمال ٿيڻ لڳو.
ڊارڪ هيومر کي ڪنهن عمل جي ردعمل طور به وٺي سگهجي ٿو. اهڙي لکڻي جنهن ۾ ڪنهن مخصوص عمل تي چٿر (ridicule) ڪيل هجي. ان ۾ ممنوع (taboo) موضوع جهڙوڪر ريپ، انسيسٽ، رتو ڇاڻ يا جنسي لاڳاپا وغيره اچي وڃن ٿا. ڊارڪ هيومر ليکڪ جي جرعت جو اظهار هوندو آھي. ان ۾ ليکڪ سنجيده ڳالهه اهڙي انداز ۾ ڪري ويندو آھي جو پڙھندڙ کلڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي.
نصرت چانڊيو جو هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻن هنڌن تي ڊارڪ هيومر پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿو، پهريون جڏهن زليخان جي بيوسي ڏيکاري وئي آهي، اتي هن جي سئوٽ رضيه جا چيل جملا ۽ ٻيو جڏهن ماسي پٺاڻيءَ کان احوال وٺندي هن کي اڇي چادر تي رت هڻڻ جي صلاح ڏئي ٿي. اها قبيلائي ريتن رسمن موجب شادي جي رات ڇوڪري جي پاڪدامني ثابت ڪرڻ واري اجائي رسم تي ٺٺول آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن عورت کي اوهان پابندين ۾ قيد ڪري رکندا ته هو پنهنجي بچا لا ٻيا به ڪيترا طريقا پنهنجائي سگهي ٿي جن جي مردن کي ڪا خبر ئي نه پئجي سگهندي. اهڙي ريت اهو به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پٺاڻيءَ سان ٿيل جنسي ڏاڍائيءَ ۾ هن جو ته ڪوبه ڏوهه نه هو، پو به هن کي مڙس اڳيان پنهنجي پاڪدامني جو ثبوت ڏيڻو هو ۽ جيڪڏهن هو ايئن نه ڪري سگهي ته وري به سڄو ڏوهه هن مٿان ئي اچي ڪرندو.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي واري ڪڌي عمل کي به سهڻي نموني قلم بند ڪيو آهي. پٺاڻي هڪ اهڙي ڇوڪري آهي جنهن جي ماءُ بيمار آهي، ويڳي ماءُ هن جو ڌيان نٿي رکي ۽ ايئن هو هڪ جنسي بگهڙ جي ور چڙهي وڃي ٿي. اسان جي آس پاس به اهڙا ڪيترائي ٻار آهن جن کي ماءُ پيءُ طرفان شفقت، پيار ۽ ڌيان نٿو ملي ۽ آخر ۾ گهٽين ۾ لاوارثن جيان گهمندي جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
نصرت چانڊيو جي ڪهاڻي “اڇي چادر” کي مان جديد سنڌي ڪهاڻين جي حوالي سان هڪ اهم ڪهاڻي سمجهان ٿو، ٻولي جي حوالي سان هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا جملا پڙهڻ لا ملن ٿا جن کي پڙهندي دل سان گڏ اکيون به ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون. وري جيڪڏهن هن ڪهاڻي کي اسٽوري ٽيلنگ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجي ته هي ڪهاڻي ان حوالي سان به مڪمل ڪهاڻي آهي. اسٽوري ٽيلنگ جا ٻه اهم جز آهن هڪ ڪا اهڙي ڳالهه اهڙي انداز ۾ ڪجي جيئن اڳ نه ڪئي وئي هجي ۽ ٻيو پرهندڙ کي provoke ڪجي ۽ هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته نصرت چانڊيو اسٽوري ٽيلنگ جي فن ۾ ڪمال جي مهارت رکي ٿي. منهنجي خواهش آهي ته نصرت چانڊيو جون ڪهاڻيون اسان کي ڪتابي صورت ۾ به پڙهڻ لا ملن.