برما، جنهن کي هاڻي ميانمار چيو وڃي ٿو، پنهنجي سونهن، غربت ۽ جاگرافيائي اهميت جي ڪري دنيا لا گھڻي اهميت جو حامل رهيو آهي. هڪ ڊگھو عرصو ان تي برطانيا ۽ جپان وغيره جو تسلط رهيو آهي. مختلف پرڏيهي ليکڪن ان کي پنهنجين لکڻين جو موضوع بڻايو آهي.
تازو هڪ جپاني ليکڪ مچيوتا ڪي ياما جو هڪ ناول برما جو ستار پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو ٻي مهاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اها فوجين جي هڪ اهڙي ڪمپني جي ڪهاڻي آهي جنهن جي خاصيت موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ ذريعي پنهنجي حوصلي کي قائم رکڻ آهي. اها ڳالهه برطانيا کان شڪست کانپو اڃا وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿي. ان ڪمپني ۾ ڪارپورل ميزوشيما خاص طور ستار وڄائڻ جو ماهر هجي ٿو. ڪمپني جي ٻين سپاهين اتان جي مختلف شين مان موسيقي جا مختلف اوزار ٺاهيا هجن ٿا جن کي اهي گڏيل طور استعمال ڪن ٿا.
اهي پنهنجي ڀاڄ دوران برطانوي فوج سان منهن سامهون ٿين ٿا. گولين جي ڪجھه ڏي وٺ کان پو ميزو شيما ستار تي هڪ گيت شروع ڪري ٿو جنهن ۾ پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ جي خواهش هجي ٿي. ٻئي پاسي کان برطانوي فوجي به اهو ساڳيو گيت ڳائين ٿا. ٻنهي فوجن جا جوان ويجھو اچي هڪٻئي سان ملن ٿا ۽ جپاني فوجين کي ٻڌايو وڃي ٿو ته جنگ ٽي ڏينهن اڳ ختم ٿي چڪي آهي ۽ انهن سڀني کي جنگي قيدين جي طور تي مودان جي علائقي ۾ ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو.
ان ڪمپني جي فوجين کي پري ٽڪري تي دونهن ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. انهن سوچيو ته اهي پڪ جپاني فوجي هوندا جيڪي آخري مزاحمت ڪري رهيا هئا. سندن ليکي اهو ته ڄڻ آپگھات هو ۽ ڪنهن به ريت انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لا قائل ڪجي ته جيئن قيمتي جانين جو نقصان نه ٿئي. اهي پنهنجن برطانوي محافظن سان ڳالهائين ٿا ته کين اجازت ڏني وڃي ته اهي انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لا قائل ڪري سگھن. اجازت ملڻ کانپو ڪپتان پاڻ اتي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو پر ميزو شيما کيس چئي ٿو ته ان مشن تي هو ويندو. ڪپتان ان ڳالهه تي ان ڪري به راضي ٿئي ٿو ته ميزو شيما وٽ پنهنجي موسيقي ۽ ستار وڄائڻ جي جيڪا صلاحيت آهي ان وسيلي ان ڪمپني کي جنگ بندي لا راضي ڪري وٺندو.
ميزو شيما اوڏانهن روانو ٿئي ٿو پر هڪ ڊگهي عرصي گذرڻ کانپو به نه هو موٽي ٿو ۽ نه ئي سندس ڪا خبر چار ملي ٿي. هو سمجھن ٿا ته شايد هو مري ويو آهي. ڪپتان سڄو ڏوهه پاڻ کي ڏئي ٿو ته نيٺ هو پاڻ ان مشن تي ڇو نه ويو ۽ ميزوشيما کي ڇو موڪليو.
خط ميزو شيما پاران لکيل هجي ٿو جنهن ۾ هن پنهنجي سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي هئي. هو ٻڌائي ٿو ته برطانوي ڪمانڊر کيس جپاني فوجين کي جنگ بندي لا راضي ڪرڻ لا اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏئي ٿو جنهن ۾ هڪ منٽ جي به واڌ نه ڪئي ويندي. پر هو جڏهين جپاني فوجين کي جنگبندي لا چئي ٿو ۽ کين ٻڌائي ٿو ته جنگ جو ڪو فائدو ناهي ۽ اهي هروڀرو مارجي ويندا جنهن جو سندن وطن ۽ ماڻهن کي ڪو فائدو نه ٿيندو. پر اهي ڪنهن به ريت ان لا راضي نه ٿا ٿين ۽ آخري ساهه تائين وڙهڻ جو وچن ڪن ٿا. جنگ بندي جو وقت ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گوليباري شروع ٿي وڃي ٿي.
هو اتان نڪري ٿو. ٿوري فاصلي کان هو ڏسي ٿو ته انهن فوجين اڇو جھنڊو لهرايو هو پر هو پاڻ هڪ گولي لڳڻ جي ڪري ڦٽجي پئي ٿو. صحت مند ٿيڻ کانپو هاڻي سندس منزل مودان هجي ٿي جتي کيس پنهنجن ساٿين سان ملڻ جي توقع هجي ٿي. واٽ تي کيس جپاني فوجين جا لاش نظر اچن ٿا. هو انهن مان گھڻن جو ڪريا ڪرم ڪري ٿو ۽ گھڻن کي ساڙي ۽ گھڻن کي دفن ڪري ٿو ته جيئن سندن آتمائن کي سڪون ملي سگھي. هو مودان پهچي رات هڪ پگوڊا ۾ گذاري ٿو. اتي کيس خبر پيئي ٿي ته برطانوي فوج پاران ڦٽيل جپاني فوجين جي علاج لا هڪ اسپتال قائم ڪئي ويئي آهي جتي اڄ مري ويل فوجين لا هڪ تقريب رکيل آهي.
هو سوچي ٿو ته جنگ حڪمرانن جي فائدي لا وڙهي وڃي ٿي جڏهين ته ان ۾ مزدور، ڪلرڪ ۽ ٻئي عوام کي بندوقن ۽ توبن جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جنگ کي ئي ختم ڪيو وڃي.