اردو ٻوليءَ جي پياري شاعره پروين شاڪر لکيو آهي:
“وڻ کي دعا ڏئي، مان ته بهارن کان ڪٽجي ويس
گل ايترا ته گهڻا ٽڙيا آهن جو دريون نه ٿيون کلن!”
گذريل ڏينهن لاهورين سان به اهو حشر ٿيو. هن ڀيري مون سون جو نشانو ملڪ جو اهو شهر بڻجي رهيو آهي، جنهن لاءِ پنجابي مخصوص انداز سان چوندا آهن “لهور نئين ويکيا تي جميا ئي نئين” هن وقت لاهور کي ڇا ڏسجي؟ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. تاريخي شهر جا نشيبي يعني هيٺيان علائقا ته تلاون جو روپ وٺي چڪا آهن ۽ اها نهر جيڪا شهر جي مٿي مٿان سينڌ وانگر وهندي ويندي آهي، ان ۾ هن ڀيري ته ٻوڏ جو منظر هو.
لاهور مٿان مون سون جو پهريون وسڪارو به شديد هو. لاهوري چئي رهيا هئا ته ايتري گهڻي برسات اڳ ۾ نه پئي آهي. پر هن ڀيري وارو مينهن ته 30 سالن جو رڪارڊ به لوڙهي ويو. گذريل ڏينهن واري مينهن جي حوالي سان اسان هاڻي ان نظرئي ۾ اعتبار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويا آهيون ته پاڪستان واقعي به ماحولياتي تباهيءَ جي وڪڙ ۾ اچي رهيو آهي يا اچي ويو آهي. ڪجهه به آهي پر جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو سڀ تمام سخت ۽ سنگين آهي. ڇو ته لاهور کان اڳ ۾ گذريل اڻ مندائتي مينهن ۾ سنڌ لڙهي هئي. سنڌ اهي برساتون ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهندي، جن جي ڪري ٻوڏ اچي وئي هئي ۽ ماڻهن جا ڳوٺ ۽ انهن جا گهرگهاٽ لڙهي ويا هئا. هو پنهنجي وطن ۾ بي وطن بڻجي سرڪاري ڪيمپن ۾ ڪرم نوازين جو تماشو ڏسي رهيا هئا. حڪومت انهن جي ڪيتري هيلپ ڪئي؟ ان مدد جي مد ۾ سرڪار پنهنجا کيسا ڪيترا ڀريا؟ اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. پر هن وقت جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو تمام گهڻو خطرناڪ به آهي ۽ اسان جي ڌيان کي ان طرف ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن طرف اسان ڪڏهن تڪڻ به گوارا نه ڪيو هو. ڇو ته هن مهل تائين پاڪستان جا ماڻهو “ماحوليات” لفظ جي تعليم يافتا طبقي جي اها مشڪري سمجهندو هو، جنهن جي هن کي ڪا پروڙ نه هئي. هن ملڪ جي ماڻهن لاءِ “ماحوليات” هڪ اجنبي لفظ هو. ڇو ته ماحوليات جي سلسلي ۾ پاڪستان جي هر سرڪار صرف خاناپوري ڪندي رهي آهي. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبا پنهنجي ور جناب آصف علي زرداريءَ کي سياست ۾ انٽري ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو هو ته هن پهريون ڀيرو “ماحوليات جي وزارت” قائم ڪئي هئي. ڇو ته ان وزارت کي ڪجهه ڪرڻو ته هونءَ به نه هو. پر ظاهر آهي ته پاڪستان جي “مرد اول” کي اهڙو سرڪاري پروٽوڪول به ڏيڻو هو، جنهن کي ان وقت جي مخالف ڌر يعني ميان نواز شريف ۽ ڪمپني ان طرح سان تنقيد جو نشانو نه بڻائي سگهن، جهڙي طرح هو بڻائيندا هئا.
اها ڪيتري نه افسوسناڪ حقيقت آهي ته هن مهل تائين پاڪستان جي حڪومتن کي ماحوليات جي بگاڙ سبب امڪاني تباهيءَ جو ڪو به اندازو ناهي. ڇو ته هن وقت به ماحوليات جي وزارت جنهن شخصيت وٽ آهي، اها ڪڏهن نه اس ۾ هلي آهي ۽ نه وري هوءَ ڪڏهن بنا ڇٽيءَ جي برسات ۾ نڪتي آهي. جي ها! پاڻ پاڪستان جي ان شخصيت جو تذڪرو ڪري رهيا آهيون، جنهن جو محل نما گهر قيمتي پينٽنگس ۽ اينٽيڪس جي حوالي سان ميوزم سمجهيو ويندو آهي ۽ اها شخصيت شيري رحمان کان سواءِ ٻي ڪير ٿي سگهي ٿي؟
پاڪستان ۽ ٽين دنيا جا اهي ملڪ جن مٿان شدت سان مينهن وسي رهيا آهن ۽ جن جون موسمون پنهنجا مزاج تبديل ڪري چڪيون آهن، اهي ته انهن ملڪن جي ڪرتوتن جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن، جيڪي ملڪ پاڻ کي وڏي فخر سان تهذيب يافتا قرار ڏيندا آهن. جڏهن ته انسانيت ۽ ماحول جا سڀ کان وڏا دشمن اهي ئي ملڪ آهن. اهي ملڪ جن جيئرن انسانن جي مٿان ايٽم بم وسائي دنيا جي دهشتناڪ هٿيار جو ڪامياب تجربو ڪيو ۽ اهي ملڪ اڄ به زهريلن گيسن وارن ڪارخانن کي ڏينهن رات هلائن ٿا ۽ انهن جي ڪري ئي ڌرتيءَ کي تحفظ ڏيندڙ اوزون پردو (Ozone Layer) غيرمحفوظ بڻجي چڪو آهي.
دنيا ۾ سرمائيدار ملڪ ماحولياتي تباهيءَ جا ذميوار آهن. ڇو ته انهن جا تجربا ۽ انهن جا ڪاروبار ان ڌرتيءَ کي تباهيءَ جي ڪناري طرف ڌڪي رهيا آهن، جنهن ڌرتيءَ جهڙو حسين ۽ حياتيءَ سان شرابور سيارو هن مهل تائين هبل کي به نظر نه آيو آهي. اها ڌرتي جنهن جهڙو ڪو سيارو ناهي، ان ڌرتيءَ لاءِ سوويت يونين جي آخري سربراهه ميخائل گورباچوف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “پروستريڪا” ۾ لکيو هو ته “هيءَ ڌرتي اسان جو اڪيلو سهارو آهي. جيڪڏهن هن ڌرتيءَ کي نقصان پهتو ته قدرت اسان کي وري ٻيهر ڪا نوح جي ڪشتي نه ڏيندي. ان ڪري هن ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ اسان کي پنهنجا اختلاف وساري گڏ ويهڻ جي سخت ضرورت آهي. پر اها به حقيقت آهي ته گڏ ويهي به دنيا جا امير ملڪ ڌرتيءَ جي تحفظ جي سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهن. اهي ملڪ پنهنجين حڪومتن جي حوالي سان مجرم آهن، جن ملڪن ۾ حرص سبب ايتري ماحولياتي تباهي ٿي رهي آهي ۽ ايتري گرمي وڌي رهي آهي جو ڌرتيءَ جا اهي گليشئير نه ڳري رهيا آهن، جيڪي اربن سالن کان وٺي اتر قطب ۽ بلند پهاڙن جي آس پاس موجود آهن.
پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي سڀ کان اهم شهر ۾ هن مهل تائين پاڻي ئي پاڻي آهي. ان پاڻيءَ کي ڪڍڻ جون ڪوششون به هلي رهيون آهن پر اصل نقطو ان سورس (Source) کي ڪنٽرول ڪرڻ جو آهي، جتان اهي پاڻيءَ سان ڀريا تريا بادل اچن ٿا ۽ اهي ايترو ته وسن ٿا جو انسان طبقاتي فرق به فراموش ڪري دعا لاءِ هٿ کڻن ٿا ۽ قدرت کي قياس ڪرڻ جو عرض ڪن ٿا. جڏهن ته هو اهو نه ٿا سوچين ته انهن کي دعا سان گڏ ان دوا جي ضرورت به آهي، جيڪا هن بيمار بڻايل ڌرتيءَ کي وري چڱو ڀلو ڪري سگهي.
اها دوا ڪهڙي آهي؟ ها دوا ڪٿان ملي سگهي ٿي؟ اها دوا شعور جي آهي. اها دوا صرف ۽ صرف سياست جي انهن هٽن تي ميسر ٿي سگهي ٿي، جن وٽ هن مهل تائين اهو ادراڪ ئي ناهي ته ماحولياتي تباهي ڪهڙي بلا آهي؟
آمريڪا ۾ “سانا” جي پليٽ فارم تي ڳالهائيندي ذوالفقار ڀٽو جونيئر جهڙي طرح ماحول دوست سياست تي اصرار ڪري رهيو هو، هن جي اها ڳالهه نه صرف سڻڻ پر سمجهڻ جي به تمام گهڻي ضرورت آهي. اسان جي مروج سياست جن سرڪارن کي پيدا ڪيو آهي، انهن ماحول کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن مهل ضرورت آهي، اهڙي سياست جي جيڪا ماحول دوست به هجي ۽ جيڪا ڌرتيءَ جي تحفظ ۾ گهربل ڪردار ادا به ڪري سگهي.
اقتدار جي چيئرگيم کيڏڻ وارن کي صرف ايترو عرض آهي ته جڏهن ڌرتي ئي نه رهندي ته پوءِ اقتداري راند ڪٿي کيڏي ويندي؟
خلا ۾؟ خلا جي خاموش دنيا ۾ ٻي ڪا به ڌرتي ڪونهي!!