ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ وقت تي عام چونڊون ڇو نه ٿينديون؟

ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان هينئر به صورتحال ٻڏتر جو شڪار آهي، ڪيترائي اهڙا اشارا ملي رهيا آهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته چونڊون هڪ سال لاءِ ملتوي ٿي وڃن. اهڙي صورتحال ۾ آئين تي عمل ڪيئن ٿيندو؟ آئين ۾ ته نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون نه ڪرائڻ وارو معاملو به پينڊنگ ۾ آهي، جنهن بابت عدالت جو ڪوبه فيصلو موجود ناهي. ممڪن آهي ته موجوده سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ان حوالي سان فيصلو ڏئي وڃي؟10 آگسٽ تي موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻو آهي ۽ نئون نگران سيٽ اپ سامهون اچڻو آهي. نئين سيٽ اپ اچڻ تائين سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به پنهنجي عهدي تي موجود هوندو، ان سان ڪجهه ٻيا اهم معاملا به انهيءَ مهيني ۾ طئي ٿيڻا آهن. جيڪڏهن هي ڳالهه درست آهي يا ڪجهه حلقن جي دعويٰ صحيح آهي ته انهن کي 2018 جي چونڊن جيان ايندڙ چونڊن جي نتيجن جي ڄاڻ آهي! اهڙي صورتحال ۾ ته عام چونڊن کي وقت تي ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جن کي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪرڻو آهي، انهن پنهنجو هوم ورڪ به پورو ڪري ڇڏيو هوندو!
هينئر تائين واضح طور تي ڪوبه هي چئي نه رهيو آهي ته موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ جي صورت ۾ اها گهر ڀيڙي نه ٿيندي ۽ نگران حڪومت قائم ڪرڻ يا نگران حڪومت جو مدو ٽن مهينن کان هڪ سال تائين ڪيو ويندو. وزيراعظم به واضح طور تي چئي چڪو آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ هو مينڊيٽ ختم ٿيندي ئي نين چونڊن جي تياري ڪندا. ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ راجا رياض به ڪجهه ٽاڪ شوز ۾ چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ضرورت هوندي ته موجوده حڪومت يا نگران سيٽ اپ جي مدي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿو. موجوده حڪومت جي دور ۾ ڪيترائي اهم معاملا طئي ٿي وڃڻا آهن. انتهائي حساس اداري جي سربراهه جي مقرري موجوده حڪومت جي دور ۾ ٿيڻي آهي، جيڪا وزير اعظم ئي ڪندو آهي، هي مقرري مستقبل جي سياسي سيٽ اپ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسٽيٽس ڪو رکيو ويو ته ممڪن آهي ته ٻه اهم عهديدار پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي حدن ۾ رکندا. جيڪڏهن ايڪسٽينشن ڏني وئي ته ان سان هي اشارو ملندو ته موجوده اتحادي حڪومت جو سيٽ اپ گهڻو ڪري قائم رهندو.
موجوده حڪومت رڳو نگران حڪومت جي قسمت جو ئي فيصلو نه ڪندي،پر آگسٽ ۾ پاڪستان کي عالمي مالياتي اداري کان قرض جي پهرين قسط به ملڻي آهي، جيڪا وٺڻ کانپوءِ موجوده حڪومت اهو تاثر ڏيندي ته انهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ملڪ ڊيفالٽ کان بچي ويو ۽ هو اها ڪاميابي ايندڙ چونڊ مهم دوران به ڪيش ڪرائيندا. جيڪڏهن موجوده حڪمرانن جي دور ۾ آءِ ايم ايف معاهدي تي صحيحون نه ڪيون ته اهو يقينن اتحادي حڪومت لاءِ سيٽ بيڪ هوندو. آءِ ايم ايف جو وفد جيڪو پهريان ئي ملڪ ۾ موجود آهي ۽ اهو نه صرف اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، پر پي ٽي آءِ سان به ملي چڪو آهي. جيتوڻيڪ آءِ ايم ايف جي وفد سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملڻ بدران حڪومت سان شرط طئي ڪري ورتا آهن، انڪري وڌيڪ مشق ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پر جيئن ته معاملي کي ڊيگهه ڏيڻي آهي، انڪري هو، ڪڏهن ڪنهن سان، ته ڪڏهن ڪنهن سان ملاقات ڪري رهيا آهن. آءِ ايم ايف جي شرطن تي جيڪڏهن عمل ڪرڻو آهي ته حڪومت ئي ڪندي. جيڪڏهن اتحادي حڪومت قرض جي قسط وٺي نه سگهندي ته معاملي کي ڊيل نگران حڪومت ڪندي، اهڙي صورتحال ۾ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته نگران سيٽ اپ جو سربراهه ڪو ٽيڪنوڪريٽ يا معاشي ماهر کي ئي ان اهم سيٽ تي ويهاريو ويندو، اهڙي صورتحال ۾ حفيظ شيخ ۽ حفيظ پاشا جهڙن ماهرن جي ضرورت پوندي، جيڪي ان عالمي اداري سان ڊگهي عرصي تائين گڏ رهيا آهن.
هي ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته موجوده حڪومت جيترو پنهنجي مدي کي ڊيگهه ڏيندي، ان جو سياسي نقصان ٿيندو. هي ڪم ن ليگ ته ڪرڻ لاءِ راضي ٿي سگهي ٿي، پر پيپلز پارٽي شايد نه ڪري، انهن کي ته خبر آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ٿيڻو ڇا آهي؟ موجوده حڪومت کي اهم حساس مقرري ڪرڻ سان گڏ، هي ڏسڻو پوندو ته سپريم ڪورٽ جي ايندڙ چيف جسٽس، قاضي فائز عيسيٰ سان معاملا ڪهڙو رخ ۾ وٺي وڃي سگهن ٿا. ان سان گڏ موجوده چيف جسٽس جا آخري ڏينهن هوندا، انڪري هو وڏن فيصلن ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو. هو هينئر کان چئي رهيو آهي ته اعليٰ عدليا ۾ پنهنجي legacy ڇڏي وڃڻ چاهي ٿو، ان کان اڳ ۾ هو جنهن قسم جا وي لاگرز سان ملاقاتون ڪري انڪشاف ڪري رهيو آهي،اهي به حيران ڪندڙ آهن. ڪنهن اهم شخصيت لاءِ چيف پاران هي چوڻ ته هو بهادر آهي ۽ ان کي مات ڏئي نٿي سگهجي! ان سوچ مان سمجهي سگهجي ٿو ته ان ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي، ان مان ڪجهه به نه سکيو آهي. پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ چيو ويندو آهي ته اتي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، انڪري ڪابه اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي. جنهن وقت ملڪ تبديلي جي عمل مان گذري رهيو هوندو، ان وقت صدر عارف علوي جا ڏينهن به پورا ٿي ويندا. هو چاهيندو ته جيستائين اليڪٽورل ڪاليج مڪمل ٿئي، اهم معاملن تي اثرانداز ٿيندو رهي. انڪري اتحادين لاءِ لازم ٿي ويندو ته جيترو جلد ٿي سگهي صدر عارف علوي کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏين. ان دوران عارف علوي کي گهر رواني ٿيڻ جو اشارو به ڪري سگهن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ وقتي صدر لاءِ سينيٽ جو چيئرمين موجود هوندو. ان جون همدرديون انهن ڌرين سان نه هونديون، جيڪي واڳ ڌڻين جي خلاف آهن. نه ئي وري هن کي ڪنهن معاملي تي اثرانداز ٿيڻ ڏنو ويندو. هن ڀيري چونڊن جي تاريخ به اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته صدر کان اهو اختيار واپس ورتو ويو آهي.
ايندڙ چونڊن جي حوالي سان وڌيڪ امڪان هي آهي ته اهي وقت تي ٿي وينديون، ائين ڪرڻ سان موجوده حڪمرانن لاءِ مثبت تاثر پيدا ٿيندو. ايندڙ حڪومت جا معاملا به اتحادين جي حق ۾ وڃي سگهن ٿا. هي سمجهيو پيو وڃي ته عمران خان کي ڊيڄارڻ لاءِ اهڙيون ٿيوريز منظر تي آنديون پيون وڃن. ان دوران هي به شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته عمران خان سياسي منظر نامي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو يا نه؟ جيڪڏهن هن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ٿي وڃي ٿي يا وري نو مئي واري معاملي کي سامهون رکندي عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪمزور وڪيٽ تي هوندي. هينئر رڳو هڪڙي ڳالهه تنگ ڪري رهي آهي ته يورپي يونين جي ڪن ۾ هي ڳالهه ڪنهن وڌي آهي ته چونڊون هڪ سال تائين ملتوي ٿي سگهن ٿيون،انڪري ان اليڪشن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ماهرن جو وفد پاڪستان نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يورپي يونين لاءِ مشڪل ناهي ته هو عام چونڊن جو ماحول تيار ٿيندي ئي وفد موڪلڻ جو فيصلو ڪري وٺي. ان دوران هي ڏسڻو پوندو ته حڪومت کي آءِ ايم ايف جي قرض جي قسط کان وٺي، حساس اداري جي سربراهه جي مقرري، سان گڏ نگران سيٽ اپ جي قيام سميت اهم فيصلا ڪرڻا آهن. هي Vacuum وارو دور هوندو، ان دوران واڳ ڌڻين کي به اهم فيصلا ڪرڻا پوندا، ممڪن آهي ته اهي چونڊن کان اڳ ئي ٿي وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button