ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اي ارسطو…!!

Editorial-Article- Irshad Leghari

اي ارسطو!! آئون ڪيترن ئي ڏينهن کان تنهنجي انهي ڳالهه بابت سوچي رهيو آهيان، جنهن ۾ تو بُک جي تاثير تي ڳالهائيندي چيو هو ته…
“بُک يا ته انقلاب کي جنم ڏيندي آهي يا ڏوهن کي”
انساني تاريخ جي تجربن بُک بابت ٻڌايل تنهنجا ٻئي اثر ثابت ڪيا آهن. هڪڙن خطن جي بُکايلن بُک جا سبب پيدا ڪندڙ ڦُورو اقتداري ٽولن خلاف شعلو بڻجي صدين جي غلامي ۽ محڪومي جون سنگهرون ڳاري انقلابن جا بنياد وڌا جڏهن ته هڪڙن خطن جا بکايل لڳاتار غدارين، وقتي شڪستن، ناڪامين، تهمتن ۽ سزائن جو کاڄ بڻجي اهڙي ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻجي ويا، جنهن جو ردعمل انقلابي راههِ عمل بدران موقعي پرستي ۽ ڏوهن جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي. ۽ انهي پس منظر ۾ آئون جڏهن پنهنجي ديس جي اڄوڪي روش کي ٿو ڏسان تڏهن مون کي سواءِ ڪجهه گيتن ۽ ڪاپڙي ڪردارن جي هتان جي گهڻائي موقعي پرستي ۽ ڏوهن ڏانهن ڌڪجي ويل ٿي ڏسجي.
ها ڏوهه!! صاف سُٿرا ڏوهه، معتبر ڏوهه، لڪل ڏوهه، ظاهر ڏوهه، ذاتي ڏوهه، گروهي ڏوهه!! اهڙن ڏوهن جي جهنگ ۾ معصوم حياتي روازني گهائجي رهي آهي. هر طرف هڪ اويساهي ۽ اوچتي اجل جو واسو آهي. ڪاروڪاري، ڪوڙا پوليس مقابلا، جرڳائي سزائون ۽ قبيلائي خونريزين ۾ سرِ راهه انهن گلابن جا قتل جيڪي اسان لاءِ جاڳرتا جو ويساهه هئا.
پر اي ارسطو!! توکي خبر آهي ته سنڌ ڇاهي؟ ته پوءِ ٻُڌ ميان!! سنڌ پنهنجي جوهر ۾ ازل کان ابد تائين جي اسرار جو محور آهي ۽ پُوربين جي پُور جو اڻ کُٽ پنڌ آهي. انهي سنڌ ۾ هاڻ بُک ڏوهه پيدا ڪري دنگ ڪيو. ياد رک!! هاڻ انقلاب جو وارو آهي. اهو انقلاب، جنهن جي بشارت صديون اڳ ڪراڙ ڪنڌيءَ تان ٻُرندڙ تنبوري جي تنوار مان هيئن مليل آهي ته…
بُک وِڌائون بُگريئين، جوڳي ڪندا جُڃ
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پيئن اُڃ
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ
سامهي جهاڳي سُڃ، وَسُنهن کي ويجها ٿيا
اي ارسطو!! آئون اها ڳالهه تڏهن ڪري رهيو آهيان جڏهن منهنجي ديس جي درياهه مان واهر جا سڏ ٻُرڻ لڳا آهن ۽ منهنجي ديس جي ڳڀروئن انهي واهر لاءِ وَر کُنجي ورتا آهن ۽ سموري جُوءِ کي جاڳائڻ لاءِ وستي وستي ڪاهي چڪا آهن.
اي ارسطو!! توکي خبر آهي ته سنڌ ۾ جڏهن جڏهن به جاڳ جي رُت موٽ کاڌي آهي تڏهن ٻيلا ٻُريا آهن. مڃان ٿو ته سنڌ مٿان صدين جي اگهور ننڊ جا دور به ڇانيل رهيا آهن پر پوءِ به اها ٻيهر جاڳي اٿي آهي. ڇو ته جاڳ سنڌ جي فڪري جوهر جو ڳَر رهي آهي. اي ارسطو!! مون کي اها خبر ناهي ته تو ڀڳوت گيتا جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ورتي هئي يا نه پر پوءِ به آئون گيان وِگيان جي نشاندهي ڪندڙ ان ڪَلا جي هڪڙي سِٽ هتي توسان ونڊيان ٿو، جنهن ۾ اها هدايت ڪيل آهي ته…
“گهڻي ننڊ ۽ گهڻو کائڻ روح جو روڳ پيدا ڪندا آهن”
ها ارسطو!! سنڌو سڀيتا جي اها بنيادي سکيا رهي آهي ته گهٽ کائو ۽ جاڳندا رهو. ۽ ها، توکي هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته اها جاڳ رڳو ظاهري اکين واري ناهي، اها جاڳ اندر جي جاڳ آهي. اها سجاڳي، جنهن جي نشاندهي سڌارٿ به ڪئي. اهو ٻڌ!! جنهن کي اڄ سموري دنيا اندر فطرت سان جُڙت جي حوالي سان بنيادي ڪردار تصور ڪيو وڃي ٿو. انهي ٻُڌ کي به سنڌ پنهنجي اندر ۾ ايئن سمايو جو اڄ سنڌ اندر ٻُڌ هڪ ذات بڻجي وئي آهي ۽ اڄ هتي ٻُڌن جا ڳوٺ آهن. سو هاڻ سنڌ جاڳ جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي. سنڌ جي عام لوڪ وٽ پنهنجن قومي وسيلن ۽ وجود جي بقا جو سوال ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ اجاڳر ٿي سامهون آيو آهي. سنڌ ڄام نِدي ۽ دولهه دريا خان جا قصا ڪري جيئن سرهي ٿيڻ لڳي آهي، سا سرهائي ڪيئن نه نتيجا ڏيندي؟ هونئن به جيڪا قوم ڏکين ڏينهن ۾ پنهنجا قومي انقلابي ڪردار اوساريندي آهي، سا “پلوَ پُراڻا ناهن ٿيندا” وارو اصول به ورجائيندي آهي.
اي ارسطو!! اهو ئي سبب آهي منهنجي انهي ويساهه جو جنهن ۾ آئون توکي اهو ٻڌائي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ ڏوهن جي ڄمار هاڻ پوري ٿي چڪي ۽ سماج جي سينوَر ۾ انقلابي ڪنول جو ٻُوٽو اُسري چڪو آهي، بس هاڻ رڳو گُل ٽڙڻو آهي. ۽ توکي ته اها خبر آهي ته جڏهن ڪنول جو گُل ٽِڙندو آهي تڏهن بِرهه جا ڀَنوار ان مٿان ڪيئن نه گهور ويندا آهن!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button