ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪمزور عوام…..ڪرپٽ پوليس

Editorial-Article- Umer Qazi

ڪراچيءَ جو مشهور علائقو گلستان جوهر ڪنهن به طور تي هڪ محفوظ علائقو نه رهيو آهي ۽ نه وري آهي. ان علائقي ۾ هميشه ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري پوليس پريشان ٿي پوندي آهي. اسان ان سلسلي ۾ انهن چورين، ڌاڙن ۽ قتلن جي وارداتن جو تذڪرو نه ٿا ڪريون، جيڪو هن علائقي جو معمول آهي پر اسان انهن خاص واقعن جي سلسلي ۾ اڄ سوچڻ چاهيون ٿا، جيڪي هن شهر جي هن علائقي ۾ هميشه کان وٺي ٿيندا رهندا آهن. اسان کي ياد اچڻ گهرجي ته ڪجهه وقت اڳ پوليس تمام گهڻو پريشان هئي ۽ ماڻهو سخت خوف ۽ هراس جو شڪار هئا. ڇو ته هڪ اهڙو مجرم هيو، جيڪو هن علائقي ۾ خنجر کڻي هلندو هو ۽ هو عورتن جي مٿان حملا ڪندو هو ۽ خاص طور تي انهن عورتن کي هو پنهنجو نشانو بڻائيندو هو، جيڪي پردي جو تمام گهڻو خيال نه رکنديون هيون. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي هن ٿورو لبرل مزاج رکندڙ علائقي لاءِ تمام گهڻي مصيبت وارو ماحول پيدا ٿي پيو هو. جڏهن ته هن ڀيري وري هڪ ٻئي مسئلي گلستان جوهر جي پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ ته پوليس سدائين عوام کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ پيدا ٿيل مخلوق جو درجو حاصل ڪندڙ رهي آهي پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪجهه واقعا اهڙا به رونما ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري پوليس ويچاري ٿي پوندي آهي ۽ ان تي نه صرف عام ايس ايڇ اوز پر صحافين جا پسنديده پوليس آفيسر به پريشان ٿي پوندا آهن.
ڪراچيءَ جي تمام ڳتيل آباديءَ واري علائقي گلستان جوهر جي حوالي سان اڄ ڪلهه نه صرف سوشل ميڊيا پر پاڪستان جي عام ميڊيا به ان واقعي کي اهميت سان پيش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي شخص جي تلاش هن مهل تائين جاري آهي، جيڪو ڏينهن ڏٺي جو هڪ نوجوان عورت کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي ڪارروائي ڪندي سي سي ٽي وي ڪيمرا تي رڪارڊ ٿي ويو ۽ جڏهن اها وڊيوڪلپ سوشل ميڊيا کان ٿيندي ملڪ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين پهتي ته پوءِ انهن آفيسرن جي مٿان شامت اچي وئي، جيڪي هونءَ ته ڪراچيءَ جي اوڀر واري علائقي ۾ پرسڪون ۽ مزي واري پوسٽنگ جو فائدو حاصل ڪندا آهن.
ڪراچي ايسٽ جو ايس ايس پي زبير نذير شيخ هر ڏينهن صحافين جي گهيري ۾ رهي ٿو ۽ هن کان ان ڪيس جي باري ۾ بار بار پڇا ڪئي وڃي ٿي، جيڪو هڪ عجيب ڪيس آهي. ڇو ته ان ڪيس ۾ صرف جوابدار ئي لاپتا ناهي پر ان ڪيس ۾ اهو انسان به ظاهر نه ٿيو آهي، جنهن کي جنسي طور تي هراسان ڪيو ويو ۽ ان عمل سبب اصولي طور تي ان عورت کي فريادي هجڻ گهرجي پر هوءَ هن مهل تائين منظرعام تي نه آئي آهي. جڏهن پوليس فريادي هجڻ جي همت نه ڪرڻ واري انسان جو پتو لڳائي نه سگهي آهي ته هوءَ ان مجرم کي ڪهڙي طرح گرفتار ڪري سگهي ٿي، جنهن جي خلاف رياست جي طرفان ٽي قلم هڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ ظلم ۽ زيادتيءَ جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن کي پوليس ان حق کان محروم رکندي آهي ته انهن جي من پسند ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي پر جڏهن پوليس جي مٿان پريشر پوندو آهي ته اهڙيون ايف آءِ آرون به داخل ٿينديون آهن، جن ۾ ٻيئي حصا غائب هوندا آهن. معنيٰ ته جنهن ڏوهه ڪيو اهو ته غائب هوندو ئي هوندو آهي پر جنهن جي خلاف ڏوهه ٿيو اهو به ظاهر ٿيڻ کان خوف کائيندو آهي ۽ اهو حشر آهي، هن مهل ان ڪيس جي مک ڪردارن جو جيڪي هن وقت تائين بقول پوليس قانون جي گرفت ۾ اچي نه سگهيا آهن. جڏهن ته پوليس پنهنجي سدا سائي موقف تي قائم آهي ته انهن کي ان ڏس ۾ ڪافي ثبوت مليا آهن ۽ انهن ثبوتن جي روشنيءَ ۾ اهو جوابدار تمام جلد قانون جي هٿن ۾ هوندو. پر اسان کي معلوم آهي ته قانون جا هٿ صرف ڪمزورن جي خلاف حرڪت ۾ ايندا آهن ۽ اهي صرف ننڍڙن ماڻهن جي لاءِ وڏا هوندا آهن. جڏهن ته جيڪي طاقتور هجن ٿا يا جن کي عقل وڌيڪ هوندو آهي، اهي پوليس جو اهوئي حشر ڪندا آهن، جيڪو هن وقت تائين ڪراچيءَ جو گمنام ڏوهاري ڪري رهيو آهي. هن کي اڃان تائين پوليس ٽريس نه ڪري سگهي آهي. ڇو ته هو ڪو اتفاقي قسم جو مجرم نه ٿو لڳي. هو تمام سوچيل سمجهيل منصوبي سان پوليس کي پريشان ڪندڙ مجرم محسوس ٿي رهيو آهي. ڇو ته هن جيڪو عمل ڪيو آهي، اهو عمل هن جي نفسياتي لاڙي کي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڪري. ڇو ته هن جهڙي طرح پرديدار عورت ۾ صبح جو 11 وڳي سرعام هٿ وڌا ته ڇا هن کيس ريپ ڪرڻ پئي چاهيو؟ ڇا هڪ مرد سرعام هڪ عورت جو سج جي روشنيءَ ۾ ريپ ڪري سگهي ٿو؟ جواب آهي ته اهو ڪنهن به طرح سان ممڪن محسوس نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اهو ڪجهه ممڪن ناهي ته ڇا هن عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ان سوال جو جواب به نهڪر ۾ ڏئي سگهجي ٿو. ڇو ته هو ڪنهن ويگو يا ڪنهن ڪارن شيشن واري ڪار ۾ نه آيو هو. هو سڌو صاف هڪ موٽرسائيڪل تي سوار هو ۽ موٽرسائيڪل تي ته هڪ عورت ڇا پر ڪنهن ٻليءَ کي به اغوا ڪرڻ ممڪن ناهي. ان ڪري هن جو اهو عمل صرف ۽ صرف هن جي مجرميت واري ذهنيت جو عڪس پيش ڪري رهيو آهي.
پوليس ۽ اها به ڪراچيءَ جي ڪرپٽ پوليس اهڙي ڪيس کي سلجهائي سگهڻ جي سگهه رکي ٿي؟ ان سوال جو جواب ڪاش ”ها“ ۾ هجي ها. پر سوال اهو آهي ته جنهن معاشري ۾ انسان پنهنجي خلاف ٿيل ڏوهن تي احتجاج ڪرڻ يا انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان تي نه اچن ته اهو معاشرو اندران ئي اندران ڪيترو نه خالي ۽ کوکلو ٿيندو ويندو؟
اسان جنهن معاشري جو حصو آهيون، اهو خوف ۾ ورتل هڪ ڀاڙي ۽ بزدل معاشرو آهي. ان معاشري ۾ ڏوهاري اهڙيون ڪارروايون ڪيئن نه ڪندا؟ جن جي شڪايت ڪرڻ بدران انهن زيادتين جو شڪار ٿيندڙ مظلوم ماڻهو ڇپندا رهن. اها عورت جنهن جي عزت جي مٿان سرعام حملو ڪيو ويو، اها هن مهل تائين گمناميءَ جي پردي پويان آهي. ان گمناميءَ جا به ڪي سبب هوندا. ان جا سبب اهي آهي ته عام طور تي غريب طبقن سان تعلق رکندڙ عورتون پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڏاڍائين تي ردعمل جو اظهار نه ڪنديون آهن. هو پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي مٿان پاڻ پردو وجهي ڇڏينديون آهن. ڇو ته انهن کي اهو معلوم هوندو آهي ته انهن کي انصاف جي بدران وڌيڪ بدنامي ملندي ۽ انهن جي مدد ڪرڻ وارو ڪير به نه هوندو. هن جا مٽ مائٽ ۽ نه ملڪ جي ورديءَ واري اسان جي ڪرپٽ پوليس!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button