ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند نه ڪريو

Editorial

ملڪ ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ جي حوالي سان بيان بازي ۽ بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن، سياسي طور پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي توڙي پي ٽي آءِ به اهڙا بيان جاري ڪنديون رهنديون آهن ته جيئن ماڻهن جو ووٽ بئنڪ قائم رکي سگهي پر مسئلو اهو آهي ته سنڌ ۾ نون صوبن جي ڳالهه بنهه گهڻُو حساس معاملو آهي. سنڌي قوم ان حوالي سان سدائين متحد نظر ايندي آهي ته جيئن ڪنهن به ريت سنڌ کي ٽڪرا نه ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم سدائين اهو مطالبو ڪندي رهي آهي ته سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا قائم ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچايو وڃي. تازو ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي پڻ اهڙو بيان ڏنو آهي، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو وري سنڌ کي ٽوڙي نوان صوبا قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
هن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم صوبن کي انتظامي يونٽ سمجهي ٿي، ڌرتي ماءُ صوبو نه، رڳو پاڪستان آهي، عوام جي ضرورت ۽ آبادي جي تناسب سان صوبا وڌائڻ ئي اصل حب الوطني آهي. صوبن جي انگ ۾ واڌ کي غداري قرار ڏيندڙ ئي اصل غدار آهن. سنڌ جو عوام سدائين اهو موقف رکندو آيو آهي ته صوبن جي ضرورت جتي آهي، اتي قائم ڪيا وڃن. سنڌ سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ وطن جي حيثيت رکي ٿو، سنڌي قوم هزارين سالن کان هتي آباد آهي ۽ اها ڪڏهن به اهو چاهيندي ته سنڌ جي وحدت کي ڪو نقصان رسايو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ سان غير مشروط محبت ڪري ٿي ۽ اها ڪڏهن به ايم ڪيو ايم جي ان گندي سياست جو حصو نٿي ٿيڻ چاهي. ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر به اهڙُو بيان جاري ڪيو هو، جنهن ۾ هن موجوده صوبن ۾ هڪ کان وڌيڪ صوبا قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. جيڪي ماڻهو به ان قسم جا بيان جاري ڪندا آهن، انهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ملڪ ۾ صوبا قائم ڪرڻ اڪ جي ماکي ڪونهي. ان لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جي رضامندي ضروري آهي. جڏهن سرائيڪي صوبي جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته اهو اتان جي ماڻهن جو تاريخي وطن آهي. اتي اهي ماڻهو صدين کان آباد آهن ۽ اتي صوبي جو قائم ٿيڻ ڪا سياسي سازش ڪونهي. جيئن هتي ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. تنهنڪري ايم ڪيو ايم کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. اها رڳو پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ سنڌ جي زمين کي تين وال پئي ڪري. جيڪڏهن اها ڪندي به سهي ته ماڻهو انهن کي ڪا موٽ ڪونه ڏيندا.
اسين سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي هاڻوڪي پاليسي ڪنهن به ريت سنڌ جي عوام جي مفادن وٽان ڪونهي. ايم ڪيو ايم پاڻ هڪ وکريل جماعت آهي. پهرين اها پنهنجو پاڻ کي وکرڻ کان بچائي. سنڌ جو عوام ايم ڪيو ايم جي ان سازش کي ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏيندو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نئون صوبو سياسي بيان بازي وسيلي ٺهرائي سگهي ٿي. تنهنڪري بهتر اهو آهي ته سنڌ جي وحدت سان ڪا به هٿ چراند نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ اجائي سياسي بيان بازي ڪري سنڌي عوام جي جذبن سان کيڏيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button