سنڌ ۾ جديد ڪهاڻيڪارن جي پهرين صف ۾ بيٺل امر لغاريءَ سانگهڙ ڪانفرنس ۾ ڪهاڻي بابت اهم ۽ محققانه مقالو پڙهيو ۽ ٻڌايو ته سانگهڙ قصا گو ماڻهن جي ڌرتي آهي. سانگهڙ سنڌ ۾ ڪهاڻيءَ جو ٽرينڊ سيٽر آهي. هن انهيءَ تحقيقي مقالي ۾ ٻڌايو آهي ته سنڌ جي پهرين ماڊرن ڪهاڻي سانگهڙ متعلق “حر مکيءَ جا” لکي وئي هئي. جيڪا 1914ع ۾ لال ڏني امر لال جڳتاڻي لکي هئي، جيڪو ان دور ۾ سانگهڙ جو مختيارڪار هو. هن ڄاڻايو ته انگريزن جي حاڪميءَ واري دور ۾ سنڌيءَ جي پهرين مزاحمتي ڪردارن تي ڪهاڻي لکي وئي هئي، اهي سانگهڙ جا ڪردار هئا. انگريزن خلاف پهرين حر تحريڪ 1884ع ۾ شروع ٿي هئي. سانگهڙ جي مکي ٻيلي ۾ بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جي اڳواڻي ۾ 12 حر گوريلين پاران انگريزن خلاف بغاوت طور متبادل حڪومت جو اعلان ڪيو ويو هو. ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ حرن خلاف سنڌ ۾ پهريون ڀيرو مارشل لا لاڳو ڪيو ويو هو. مقامي طور ان مارشل لا کي ليوڪس وارو مارشل لا سڏيو ويندو آهي. (سکر ۾ اڄ به ليوڪس پارڪ موجود آهي) امر لغاري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي پسمنظر ۾ تحقيقي مقالي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ورهاڱي کانپوءِ لکيو ويندڙ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو حر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل “سانگهڙ” ناول هڪ تاريخي ناول آهي. ايڇ ٽي ليمبرڪ پڻ “دي ٽيررسٽ” به حر تحريڪ جي پسمنظر ۾ انگريزن جي نقطه نگاه کان لکيو هو. جنهن جو عطا محمد ڀنڀري سنڌي ترجمو ڪيو آهي. جنهن ۾ اضافي طور ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ پاران مقدمو ناول جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو هو.
سانگهڙ واري ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۽ ان جي موجوده صورتحال تي محققانه بحث ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي بابت سنڌ جي جديد ڪهاڻيءَ جي امام جمال ابڙي جو چوڻ آهي ته “ڪهاڻي لکڻ ڪنهن ڪرڙ ڪانڊيري جي مجال ناهي، منهنجو ايمان آهي ته عظيم شاعر يا اديب اهو ٿيندو جو اول الهه لوڪ هوندو. اهوئي اهڙين بلندين کي پهچي سگهندو.” هو پنهنجي سوانح عمري جي مهاڳ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته “چڱو ماڻهو ٿيڻ ۽ چڱي ليکڪ ٿيڻ لاءِ موضوع، ٽيڪنڪ ۽ اسلوب جي ڄار ۾ ڦاسڻ ضروري ڪونهي. شاه لطيف جا ٻه ٽي لفظ کڻو ته انهن ۾ سڀئي فني خوبيون پاڻمرادو اچي وڃن ٿيون. اديون آئون اڻ ڄاڻ،الا ڏاهي م ٿيان، آڏو ٽڪر ٽر، ڇپون ڇپر کٽ، ڪنين سانگو سر جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن، مائيءَ هڻان مار، ڇا جي ڏنگو ڏينهن، تتي ٿڌي ڪاهه، ڏمرجي ته به ڏئي.” ڏسو ته ڪيڏيون نه اثرائتيون دانهون ۽ پڪارون آهن. زمين آسمان کي هيٺ مٿي ڪرڻ واريون لفظ صرف ٻه ٽي.”
سانگهڙ ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري تاج جوئي صفا شاعراڻي انداز ۾ پهرين سانگهڙ تي ڳالهايو. عبدالواحد آريسر به سانگهڙ تي ائين ڳالهائيندو هو. چوندو هو ته سانگهڙ جو نالو ٻڌي قبر ۾ پيل ليمبرڪ ۽ آئوٽ رام جي هــڏن جي پاسراٽين مان اڄ به ٺڪاءَ ٿا نڪرن. تاج جوئي چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو اصل ڪم تخليقي پهلو آهي. سنگت جي هر شاخ جا ڪلاس ٿيندا آهن. جتي ڏٺو ويو ته ڪهاڻيون گهٽ پيون لکيون وڃن. ان ڪري ڪهاڻي ڪانفرنس جو فيصلو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ مرڪز پڻ ان ڪانفرنس ۾ شامل هيو، پر اصل ۾ سڄو ڪم سانگهڙ سنگت وارن ڪيو آهي. جيڪا پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي ۽ جيڪا ڪامياب ڪانفرنس ڪئي وئي آهي. تاج جوئي چيو ته هتي مزاحمت جون ڪئين ڪهاڻيون موجود آهن. سانگهڙ ڪهاڻين جو ديس آهي. هتي انسان جي عظمت جون ڪهاڻيون آهن. جتي سامراج دشمني جون ڪهاڻيون آهن. هتي حب الوطني ۽ سرفروشيءَ جون ڪهاڻيون آهن. جڏهن ته سانگهڙ جي چپي چپي ۾ ٻاري ٻاري ۾ ڪهاڻيون دفن ٿيل آهي. اهي حر تحريڪ جي سورهيائي جون ڪهاڻيون آهن. جتي سنڌ جي عظيم سورهين جو رت سمايل آهي. سانگهڙ ۾ مزاحمت هئي، ان ڪري سانگهڙ کي ريل نه ڏني وئي.
سانگهڙ ۾ 80ع واري ڏهاڪي ۾ شهيد آفتاب نظاماڻيءَ جي ڪوششن سان ڪهاڻي ڪانفرنس ٿي هئي. جنهن ۾ حميد سنڌي، ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، ابراهيم خشڪ، نثار حسيني، سرائڪي ناول نگار محمد اسماعيل احمداڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا هئا. ان کان به اڳ ۾ ون يونٽ واري زماني ۾ جهول ادبي سنگت تمام گهڻو سرگرم رهندڙ شاخ هئي، جتي طالب الموليٰ جي صدارت ۾ مشاعرو پڻ ٿيو هو. ادبي طور ماحولياتي ڪهاڻي به سڀ کان پهرين سانگهڙ ۾ لکي وئي. ڪهاڻيڪار جمال رند کان وٺي سلطانه وقاصي تائين ۽ شاهپور چاڪر جي رهواسي محمد حسن شيخ جنهن مشهور ناول لکيو هو. 80ع واري ڏهاڪي ۾ سانگهڙ ۾ ڪهاڻي ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارو آفتاب نظاماڻي ٻن ڪتابن جو ليکڪ هو. ان ڪري ادبي تاريخ ۾ سانگهڙ جو ذڪر ضرور رهڻو آهي.