ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زندگيءَ جا گيت I-

پاڻ جڏهن لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم.اي انگلش جا شاگرد هئاسين ته ان وقت سر حسن شيخ جن اسان کي پريويس ۾ رومانٽڪ پويٽري پڙهائيندا هئا. پويٽريءَ ڏانهن سندن لاڙو تڏهن کان محسوس ڪندا هئاسين. وري بعد ۾ فيسبوڪ تي سندن شاعريءَ جون سٽون پڙهندا رهياسين ۽ ادبي پروگرامن ۾ سندن شعر پڙهڻ وارا منظر به ڏسندا ۽ ٻڌندا رهياسين. تازو ئي انگريزي ۽ اردو ٻولين تي مشتمل سندن شاعريءَ جو مجموعو Songs Of Life ڇپجي آيو آهي. ٻن ٻولين ۾ ڇپيل هي ڳٽڪو حسناڪيت ۽ رومانس سان ڀريل آهي. جڏهن ته پيار، امن، تصوف، فيمينزم، جدوجهد، ڌرتيءَ سان محبت ۽ ٻين موضوعن تي پڻ خيال سرجيا ويا آهن.
انگريزي حصي جو پهريون گيت A Poem To Peace امن جي نالي ٿيل آهي. جنهن ۾ رنگ، نسل، ذات ۽ مذهبن کان مٿانهون بڻجي امن ۽ اتحاد جو نياپو ڏنو ويو آهي.
My poems dressed in mysticism sound songs of love
That console sad souls like flight of delightful dove
هنن سٽن ۾ گيتن کي تصوف جي لباس ۾ اوڙهي پيار جا گيت ڳائڻ ۽ غمگين دلين جا ڏک ڳيري جي اڏام جيان اڏائي ڇڏڻ جي ڳالهھ ڪيل آهي. ڳيرو امن جي علامت آهي. جڏهن ته تصوف پڻ رنگ، نسل ۽ مذهبن کان مٿانهون ٿي ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. ان ريت ڳيري ۽ تصوف کي گيت ۾ آڻي خيال کي فڪري اڏام ڏني وئي آهي.
جڏهن ته ٻيو گيت When I From You Depart محبوب کان جدائيءَ وارن اڌمن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان گيت ۾ تشبيهن جي سهڻي عڪاسي ملي ٿي. محبوب کان جدائيءَ واري درد کي “ڏکن جي سمنڊ ۾ دل جو ٻڏڻ” سان ڀيٽ پنهنجي اندر وڌاءَ چڙهاءَ hyperbole واري صنعت پڻ سمائي رکي آهي. محبوب پاران سندس اکيون کڻي ڏسڻ کي “ڪوهنور جيان چمڪڻ” واري خوشي ملڻ، محبوب جو منهن موڙڻ تي “ٻرندڙ بٺيءَ جيان جلڻ”، ۽ محبوب جي مسڪراهٽ تي “پنڊپهڻ بڻجي وڃڻ” جهڙيون تشبيهون ڪمال اثر پيدا ڪن ٿيون.
ان ريت ايندڙ گيتن ۾ تشبيهن ۽ استعارن جو انتهائي سهڻو تال ميل نظر اچي ٿو. هر گيت اثرائتين صنعتن سان سينگاريل ملي ٿو. ڪٿي محبوب کي “بهشت جي ميوي جهڙو مٺو” شمار ڪيل آهي ته ڪٿي محبوب سبب ئي “ڪائنات جون خوشيون ملڻ” جو سبب قرار ڏنل آهي. ڪٿي محبوب جي ياد کي “نازڪ گلن تي پوپٽن جي نچڻ” سان ڀيٽ ڏنل آهي ته ڪٿي محبوب جي جدائيءَ کي “ذهن جو سک ختم ٿيڻ” ۽ “زندگيءَ جو وحشي ظالم بڻجڻ” سان ڀيٽ ڪيل آهي. ان ريت تشبيهن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي جيڪو هر گيت ۾ مختلف انداز سان موجود آهي. تشبيهن ۽ استعارن جي ان جهجهي استعمال سبب ئي زبير احمد چاچڙ ڪتاب ۾ سندس لکيل مضمون ۾ حسن شيخ کي “تشبيهن ۽ استعارن جو شاعر” قرار ڏنو آهي.
گيتن ۾ ثقافت ۽ تهذيب سان پيار پڻ ملي ٿو. حالات حاضره جي عڪاسي ڪندي سنڌي ثقافت تي مختلف طريقن سان ڪيل مخالفتن جي احتجاج طور Cultural Celebration وارو گيت سرجيو ويو آهي.
From Sindh rose civilisation’s delightful dawn
ان گيت جي هن سٽ ۾ سنڌ کي “تهذيبن جي ماءُ” سڏي نه فقط پنهنجي سنڌي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪيل آهي پر ايندڙ سٽن ۾ ٻين قومن جي ثقافتن ڏانهن عزت ڀريو پيغام پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن وسيلي ٻين ثقافتن کي پڻ عزت ۽ پيار ڏنو ويو آهي.
مختلف گيتن ۾ عالمي امن ۽ عالمي اتحاد جو پيغام ڏنل آهي. دنيا کي ڏکن، جنگين ۽ پريشانين کان پاڪ ڪري ڌرتيءَ کي انسانذات لاءِ جنت بڻائڻ واري خواهش ڏيکاريل آهي. ان صورت ۾ ڌرتيءَ تي ڪٿي به انسان کي پهتل تڪليف تي درد ۽ احتجاج جي دانهن ملي ٿي. اهڙو هڪ مثال 11 سيپٽمبر واري واقعي جي پسمنظر ۾ لکيل چئوسٽو From Beauty To Garbage آهي. جنهن جي نالي مان ئي Twin Towers جي سهڻي عمارت جو ملبي ۾ تبديل ٿي وڃڻ جي عڪاسي ملي ٿي. اهو چوسٽو شاعر جو رنگ، نسل ۽ مذهب کان مٿانهون ٿي ڪري انسان جي قتل ۽ انسانيیت جي درد تي دانهن ڪيل آهي. ٻئي پاسي هي مختصر مرثيو شاعر جي عالمي سطح تي ٿيندڙ واقعن تي گهري نظر سان گڏ سندس ذهن تي پوندڙ اثرن جي به عڪاسي ڪري ٿو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button