جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ افسانوي ادب تي نظر وجهجي ته ان ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف اهڙي آهي جنهن ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن ۽ منهنجي نظر ۾ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪهاڻي وڌيڪ سگهاري ۽ اثر ڇڏيندڙ لکي وئي آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جو هي سفر ائين ته 1914ع کان شروع ٿيو ۽ اڄ سڌو به هلي رهيو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي هن شاندار سفر ۾ اسان کي ڪيتريون ئي ڪمال جون ڪهاڻيون پڙهڻ لا مليون آهن ۽ اڳيان به پڙهڻ لا ملنديون. ڪهاڻي جو هي سفر رڪجڻ جو ته آهي ئي ڪونه ڇو ته هي ڪائنات ئي ڪهاڻين جي ٺهيل آهي. سنڌي ٻولي جي مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“افسانوي ادب جي سڀني صنفن ۾ ڪهاڻي ڏکئي ۾ ڏکئي صنف آهي، اهو ايئن آهي جيئن ڪنهن رسي تي هلي ڪرتب ڏيکارڻ، هڪ ته مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻي هوندي آهي. ٻيو اهو به خيال رکڻو هوندو آهي ته رسي تان نه ڪرجي. ڪو هڪ جملو يا اضافي لفظ به ڪهاڻيءَ ۾ جهول پيدا ڪري سگهي ٿو.”
هتي مان جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پنهنجو هڪ خيال رکڻ گهران ٿو ۽ انهي کانپو مان اختر جي هن خوبصورت ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پنهنجي را رکندس. عام طور جمال ابڙي کي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بنياد رکندڙ سمجهيو وڃي ٿو. پر منهنجو خيال آهي ته جمال ابڙو انهي ڪهاڻي جو تسلسل هو جيڪا حقيقت نگاريءَ جي سري هيٺ سن 1914ع کان شروع ٿي. جمال ابڙو ڪهاڻيءَ ۾ نه فني طور ڪا وڏي ٻرانگهه ورائي سگهيو نڪو ئي موضوع جي حوالي سان. هن سادي سودي انداز ۾ ڳالهيون پيش ڪيون. ان جي ڀيٽ ۾ مان سمجهان ٿو ته جديد سنڌي ڪهاڻي علي بابا جي ڪهاڻين کان ڳڻڻ شروع ڪجي. جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ دلڪش انداز ۽ نرالن موضوعن کي جا ڏني. انهي کانپو (هتي اسان سرحد جي هن پار لکيل سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون) سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻي وڏي اهم تبديلي کڻي آيا اسان جا جديديت وارا ليکڪ جن ۾ مشتاق شورو، ماڻڪ، مدد علي سنڌي ۽ حليم بروهيءَ جون لازوال ڪهاڻيون پڙهڻ لا ملن ٿيون. اهڙي ريت 80 ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هن خوبصورت باغ ۾ حفيظ ڪنڀر ۽ رحمت الله ماڃوٺي نالي ٻه اهڙا خوبصورت گل ٽڙيا جن سنڌي ڪهاڻي کي هڪ نئون دڳ ڏنو. هنن ٻنهي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو اهڙو نرالو ۽ شاندار طريقو پنهنجايو جيڪو اڳ ڪنهن وٽ ڪونه هو. جيڪڏهن جديديت پڄاڻا لاڙي تي تحقيق ڪجي ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ان جا نمايان نالا حفيظ ڪنڀر ۽ رحمت الله ماڃوٺي کان ئي شروع ٿيندا ۽ انهي حوالي سان رسول ميمڻ ۽ اڪبر سومري جو ذڪر به ضرور ٿيندو.
هاڻي اچون ٿا پاڻ اختر حفيظ جي ڪهاڻي “والار” تي. اختر سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان اهڙو نالو آهي جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ بيباڪي ۽ ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿو. اسان ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان بحث ٿيندو رهندو آهي. انهي حوالي سان اسان ٻئي ٻن الڳ الڳ ڌارن جا ليکڪ آهيون. اختر مختصر ڪهاڻيءَ سان گڏ حقيقت نگاريءَ جي وڪالت ڪندو آهي، جڏهن ته مان ڊگهي ڪهاڻيءَ سان گڏ جادوئي حقيقت نگاريءَ جي وڪالت ڪندو آهيان. اهو بحث ايتري ته شدت وٺي ويندو آهي جو ڪو نئون ماڻهو اسان کي بحث ڪندي ٻڌي ته چئي ڄاڻ پاڻ ۾ وڙهيا. پر جڏهن به مان ڪا ڪهاڻي لکي پوري ڪندو آهيان ته سڀ کان پهرين اختر ڏانهن موڪليندو آهيان ۽ جڏهن هو ڪا ڪهاڻي لکي وٺندو آهي ته مون ڏانهن ئي موڪليندو آهي. بلڪل ايئن ئي هن ڪهاڻي “والار” جي خيال کان ويندي لکجڻ تائين اختر سان گڏ ڄڻ مان به سمورن مرحلن ۾ حصو رهيو آهيان.
هي ڪهاڻي پوليٽڪل ايليگري جو بهترين مثال آهي. www.sparksnotes.com جي هڪ مضمون موجب پوليٽڪل ايليگري مان مراد ڪهاڻيءَ ۾ اهڙا خيالي ڪردار ۽ واقعا ڏجن جن جي مدد سان حقيقي سياسي واقعن تي طنز ڪري سگهجي. اهڙي ريت وري www.study.com موجب پوليٽڪل ايليگري مان مراد ڪنهن افساني ۾ ڏنل اهو سياسي پيغام جنهن کي سڌي نموني چوڻ جي اجازت نه هجي يا وري ان ڪا تڪراري ڳالهه ڪيل هجي. هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ ظاهري طور ڪا هڪ ڳالهه ڪئي وئي هجي، پر انهي جي معنا ڪجهه ٻئي هجي.
سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب ۾ به اسان کي پوليٽڪل ايليگري پڙهڻ لا ملي ٿي جنهن جو بهترين مثال جارج اورويل جو ناول “اينمل فارم” (1945 يا وري وليم گولڊنگ جو ناول لارڊس آف فلائيز (1954ع) آهي. انهن مان هڪ ناول 1917ع کانپو واري سويت يونين جي سياسي صورتحال ۽ انقلاب کانپو آيل آمريت تي ٺٺول ڪري ٿو. جڏهن ته ٻيو ناول يورپ جي حڪمرانن جي ناڪامين تي ٺٺول ڪري ٿو. (هلندڙ)