انٽرنيشنل ڪورٽ مان ڪيس هارائڻ بعد مودي حڪومت کي پاڪستان مٿان ڪاوڙ هئي. عالمي عدالت ڀارت کي صاف لفظن ۾ چيو ته هن کي ان علائقي اندر ڊيمن جو سلسلو جوڙڻ جو ڪو قانوني حق حاصل ناهي، جتان پاڪستان به پاڻي کڻي ٿو. ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح سان پاڪستان کي عالمي سطح تي “پاڻيءَ جي ڪيس” ۾ به مات ڪري پر موديءَ کي سوڀ حاصل ٿيڻ بدران بدترين مات ملي ۽ ان شڪست جو زخم کڻي مودي حڪومت مناسب وقت جو انتظار ته ڪرڻ لڳي پر تمام گهڻي بيچينيءَ سان! پر مودي حڪومت کي ان حوالي سان ڪو گهڻو انتظار ئي نه ڪرڻو پيو. ڇو ته مند جا بادل ڀرپور انداز سان وسڻ لڳا ۽ اهي ايتري ته شدت سان پاڻي وسائڻ لڳا جو ڀارت کي هڪ وقت دوران ايترو گهڻو پاڻي کڻڻ ۾ تمام وڏو خطرو محسوس ٿيو. اهڙي طرح ڀارت پنهنجي حصي کان وڌيڪ وارو پاڻي پاڪستان طرف اماڻي ڇڏيو. اهڙي طرح راوي درياهه ۾ پاڻي ڌڌڪا ڏئي داخل ٿي ويو. هاڻي ته پنجاب ۾ صرف راوي ئي هڪ ندي نه رهي آهي، جنهن ۾ دهشت وارو وهڪرو هلندو هجي پر چون ٿا ته چناب ۽ ستلج جي صورتحال به ڏاڍي تشويشناڪ آهي. پاڪستان کي هن مهل پريشان ٿيڻ جي ضرورت هجي يا نه هجي پر پاڪستان پريشان آهي ۽ نه صرف پريشان آهي پر تمام گهڻو پريشان آهي. ڇو ته مون سون جو سلسلو جيڪو اڃان پوري طرح سان پنهنجي جوڀن ۾ ئي نه آيو آهي پر هن جي ابتدا لاهور ۽ پنجاب جي ٻين شهرن جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو ڏسي ته نه صرف مٿانهن پر هيٺانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو هيانءُ به مٺ ۾ اچي ويو آهي. ڇو ته هن وقت عام طور تي عالمي سطح ۽ خاص طور تي اسان جو ملڪ جنهن مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان کي ماحولياتي مصيبت ڪوٺيو پيو وڃي ۽ اها مصيبت اهڙي آهي، جنهن جو ڪو مقابلو ڪري نه ٿو سگهي.
پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارو ادارو پي اين ڊي ايم اي اڳواٽ چئي رهيو آهي ته برسات سبب ڏهه لک ماڻهو متاثر ٿيندا. پاڪستان جي سلسلي ۾ ان اداري جي اها پيشن گوئي به تمام گهڻي دلچسپ آهي. ڇو ته هن مهل تائين پاڪستان جي سلسلي ۾ جيڪي پيشن گويون ٿيون آهن، اهي گهڻي ڀاڱي غلط ثابت ٿيون آهن. پوءِ اهي پيشن گويون ڀليون هجن يا بريون! نيگيٽو هجن يا پازيٽو! پاڪستان ۾ پيشن گويون ڪرڻ وارا نجومي به پنهنجا دوڪان بند ڪري ڀڄي ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهڻ وارو جيڪو فارمولو عمل ۾ رهيو آهي، ان جو ڪهڙو به نتيجو نڪري سگهي ٿو ۽ ان جو سبب اهو آهي ته پيشن گوئي سدائين ان شيءَ جي ڪئي ويندي آهي، جيڪا پنهنجي فطري يا غيرفطري يعني آرٽيفيشل سسٽم ۾ هلندي هجي. پاڪستان ۾ ڪنهن به وقت ڪو وڏو ۽ غيرمتوقع فيصلو اچي سگهي ٿو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو عمران خان جيڪو پاڻ کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان مضبوط وزير اعظم ٿيندو ڏسي رهيو هو ۽ سوچي رهيو هو ته ڀرپور مينڊيٽ کان پوءِ اقتدار ۾ اچي هو ڇا ڇا ڪندو؟ ان سان اهڙي صورتحال پيش اچي وئي، جو هن جي سياست ته ڇا پر هن جو پنهنجو وجود به هڪ سواليا نشان بڻجي ويو. اهوئي عمران خان جنهن جي سلسلي ۾ سوچيو پئي ويو ته هن کي ڪهڙي وقت ڪهڙي جهاز ۾ بلوچستان جي جيل ۾ پهچايو ويندو؟ ان عمران خان وري ٻيهر ٻليءَ وانگر ساهه کڻڻ شروع ڪيا آهن ۽ هو وري سياسي طور تي سگهه پڪڙي رهيو آهي. هن جي ڪنهن جيل بدران پنهنجي پراڻي آشياني بني گالا ۾ آمد هڪ نئين صورتحال جي طور تي ڏٺي پئي وڃي.
انگريزيءَ ۾ هڪ مشهور پهاڪو آهي ته “ويندڙ حڪومت جي هٿن مان اختيار اڏامي ويندا آهن” ڇا عمران خان کي اهو احساس ٿيو آهي ته هيءَ حڪومت هاڻي هن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندي، جنهن حڪومت جي حوالي سان ملڪ جي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هڪ مهيني اندر اسيمبيلون ٽٽي وينديون. ممڪن آهي ته ابوقاسم کي احساس بدران ڪو اشارو مليو هجي!
هن ملڪ ۾ ڪجهه به ممڪن آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ سياسي حوالي سان سڀ ڪجهه ممڪن نه هجي ته ڇا مولانا فضل الرحمان جهڙو سياستدان پنهنجي اتحادي ڌر يعني مسلم ليگ ن سان ايتري ناراضگيءَ جو اظهار ڪري سگهي ها؟ جيتري ناراضگيءَ جو اظهار هن پنهنجي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ هن پي ڊي ايم جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پڇيو آهي ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي دبئيءَ ۾ ميٽنگ ڪري معاملا طعه ڪرڻ جو اخلاقي حق حاصل نه هو ته انهن اهو ڇو ڪيو؟ مولانا فضل الرحمان ميان نواز شريف جو تمام اعتبار جوڳو اتحادي رهيو آهي ۽ هن جي حوالي سان پوري پاڪستان کي خبر آهي ته مولانا اقتداري سياست جو اسير بڻجي ويو آهي ۽ هو ڪنهن به ڌر سان هٿ ملائڻ ۾ ڪا هچڪچاهٽ محسوس ڪرڻ وارو مڙس ناهي. پر هن جا جيڪي قول قرار نواز شريف سان رهيا آهن، هاڻي انهن جي مٿان هن جي ڪاوڙ جا ڪارا بادل ڪڙڪي رهيا آهن. ڇو ته مولانا کي اهو شڪ شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻي هن سان اهو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪم نڪرڻ کان پوءِ ڊکڻ سان ٿيندو آهي. هونءَ به مولانا مذهبي قاضي گهٽ ۽ سياسي قاضيءَ جو ڪردار وڌيڪ نڀائيندو رهيو آهي، ان ڪري هن ڀيري هن مٿان اردوءَ جو اهو پهاڪو پوري طرح سان فٽ ويهي ٿو ته “ميان بيوي راضي تو ڪيا ڪري گا قاضي؟” جيتوڻيڪ مريم نواز ۽ هن جو والد شهباز شريف جي پ پ دوست پاليسيءَ مان خوش ناهن ۽ انهن پنهنجي ان ناخوشيءَ جو اظهار هڪ ڀيرو نه پر بار بار ڪيو آهي پر پوءِ به پارٽيءَ جي اصل قيادت ملڪ کان ٻاهر هجڻ ۽ پنهنجي مٿان قانون جا بار هجڻ ۽ پاڪستان ۾ سازشي سياست جا وار هجڻ واري صورتحال سبب هو اهو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو ڪجهه چاهي ٿو ۽ هاڻي ميان نواز شريف کي به اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته هن کي نه چاهيندي به پيپلز پارٽيءَ سان گذارو ڪرڻو پوندو. پ پ ۽ مسلم ليگ ن جو ڪڏهن به پاڻ ۾ پيار ۽ محبت وارو رشتو نه رهيو آهي پر هن مهل هو هڪ مجبور رشتي ۾ ٻڌل آهن ۽ دبئيءَ واري ميٽنگ به ان سلسلي جو هڪ روپ سروپ هئي پر ان ميٽنگ ۾ مولانا کي پري رکڻ سبب مولانا جو ڪاوڙ ۾ اچڻ ۽ هن جو جذباتي ٿيڻ به هڪ فطري عمل آهي. مولانا اهڙي رويي کي پنهنجي شان ۾ گستاخي به سمجهي يا نه سمجهي پر اهو عمل هن جي مفادن خلاف ضرور هو. مفاد جڏهن اقتدار وارا هجن ته پوءِ اهي ڪيترا پيارا هوندا آهن؟ ان سوال جو هاڻي ملڪ جا اڪثر سياسي اڳواڻ سوچڻ سوا ڏئي سگهن ٿا.