ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون مهينن کان پوءِ واري نِٽهڻ

Editorial-Article- Irshad Leghari

جولاءِ جي ٻارهين تاريخ ۾ پاڻ بيٺا آهيون ۽ آگسٽ 2023ع ۾ اسيمبلين جو مُدو مڪمل ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڏسجي ته پي ڊي ايم جي اتحادي سرڪار جا باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن. نئين اليڪشن مقرر وقت تي ٿي ٿئي يا ان ۾ ڪنهن به بهاني سان ڪا دير ٿئي ٿي، ان کان في الحال قطع نظر هڪڙو معاملو جيڪو اهم آهي، سو آهي ان سوال جو گهربل جواب ته عمران خان مان جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪي به ڌريون اتحادي بڻيون، سي ايندڙ اليڪشن به گڏجي وڙهنديون؟ سرڪار به رلجي جوڙينديون يا انهن جي رڌڻي ۾ رولو پوندو!؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن کان ڪوبه نٿو لنوائي سگهي ۽ اڄڪلهه جيڪڏهن ڏسجي ته ميڊيا توڙي سياسي حلقن ۾ سڀ کان گهڻو بحث به انهي سوال تي ئي ٿي رهيو آهي. هاڻ اچو ته ان سوال جو جواب ماضي، حال ۽ مستقبل جي تجربن ۽ زميني حقيقتن جي روشني ۾ ڳوليون.
ماضي ۾ جيترا به سياسي اتحاد جُڙندا ۽ ٽُٽندا رهيا، تن سڀني اتحادن مان سڀ کان وڌيڪ ذڪر جمهوريت جي ان ميثاق جو ٿيندو رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻن اهم ترين اڳواڻن ۽ پارٽين وچ ۾ ٿيو. محترمه شهيد ۽ ميان نواز شريف ۾ ٿيل اهو معاهدو پاڪستان اندر نئين سياسي اخلاقيات ۽ جمهوري قدرن جا بنياد وجهڻ لاءِ ڪيو ويو هو. پوءِ الميو اهو ٿيو جو محترمه رات جي رهزنن هٿان شهيد ٿي وئي ۽ جمهوريت واري ميثاق جو چهرو به جيئن زرد ٿيو ته اڄ ڏينهن تائين ان جي رونق ناهي موٽي سگهي. ان وچ ۾ عمران خان جي شڪل ۾ هڪ اهڙي ڀنڊڙي سڄي ملڪ جي مٿي ۾ لڳي جو هڪ ٻئي جا اهي مستقل سياسي مخالف، جيڪي هر لمحي هڪ ٻئي کي رٿيو پئي هليا، سي به لالي مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ اچي مڙي مُٺ ٿيا. ڀلو ٿيو جو انهي اتحاد جي سگهه، جوڙ توڙ واري صلاحيت ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته عمران خان جو اسٽبلشمينٽ لاءِ ڳلي جو ڳٽ بڻجي پوڻ وارو معاملو ايترو ته بگاڙ جو شڪار ٿي ويو جو عمران خان وڃي پُٺا کوڙيا. هاڻ جڏهن عمران خان گهر ڀيڙو ٿي چُڪو ۽ هن لاءِ ڊگهي قيد جون امڪاني کوليون وات ڦاڙي بيٺيون آهن تڏهن پي ڊي ايم جا به پويان پساهه آهن.
پي ڊي ايم جي پوين پساهن جو بنيادي سبب پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جون الڳ الڳ ترجيحون ٻڌايون پيون وڃن. انهن ترجيحن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان ويندي ايندڙ حڪومت جي عهدن لاءِ ماڻهو مقرر ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي ۽ اهڙن عهدن ۾ وزيراعظم جي عهدي مٿان سڀني جي اک آهي. نواز ليگ جي ڪوشش اها آهي ته ميان نواز شريف ۽ مريم نواز ٻنهي مان ڪو هڪ وزيراعظم ٿئي ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان ڪو نٿو ٿئي ته پوءِ شهباز شريف به ٺيڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف اهو آهي ته عمران خان کي ڊاهڻ ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت جوڙڻ ۾ سموري محنت پيپلز پارٽي ڪئي، تنهن ڪري ايندڙ وزيراعظم پيپلز پارٽي جو ئي ٿيڻ گهرجي. ظاهر آهي وزيراعظم جي ڪرسي هڪڙي ۽ اميدوار ٻه هجن ته انهن مان ڪرسي ڪنهن هڪڙي کي ئي ملندي ۽ اهو هڪڙو پنهنجا جيڪي وس هلائيندو، تنهن عمل دوران پيدا ٿيندڙ وَٺ جي وِير ۾ پراڻو اتحاد ڪيئن نه لُڙهندو!!
سو بهرحال اتحاد ته ان ساڳي صورت ۾ ناهي رهڻو پر اصل ڳالهه ته اڃان اڳتي آهي. اها ڳالهه آهي ملڪ جي معاشي گاڏي کي ڌڪڻ. آءِ ايم ايف ته في الحال رڳو نَون مهينن جو مشروط معاهدو ڪيو آهي ۽ ان معاهدي سان به ٽي ارب ڊالرن جي جيڪا رقم ملڻي آهي سا ته ڪنهن کاتي ۾ ئي شمار نه پئي ٿئي. ته پوءِ سوال اهو آهي ته جڏهن اهي نوازشن جا نئون مهينا پورا ٿيندا، تڏهن ڇا ٿيندو؟ ڇا اڳيان وري به آءِ ايم ايف وٽان وڌيڪ قرض ملي ويندو؟ پاڻ امڪان اهو ٿا رکون ته ملي ويندو. ته پوءِ ڇا اها مهانگائي ختم ٿي سگهندي، جنهن حقيقت ۾ عمران خان جو به سِر وڃايو؟ جواب آهي مهانگائي گهٽ ته ڇا پر ويتر وڌي ويندي. ۽ جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ پاڻ نَون مهينن کان پوءِ جنهن نِٽهڻ جو شڪار ٿيڻ وارا آهيون، تنهن ۾ عوام وٽ اقتداري ٽولن جي محلاتن ڏانهن رُخ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هوندو ۽ اهو پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته ستايل ۽ بکايل عوام جڏهن ڪاوڙجي ڪنهن پاسي ڪاهيندو آهي ته اُتي ڇا ٿيندو آهي؟ هاڻ سڀ ڏسڻ لاءِ پاڻ کي نئون مهينا انتظار ڪرڻو پوندو. سو اچو ته انتظار ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button