ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اختر حفيظ جي ڪهاڻي “والار”

Editorial-Article- Kaleem Butt

اهڙي ريت اختر جي هي ڪهاڻي وري هن ملڪ جي سياست تي ٺٺول ڪري ٿي. خاص ڪري هتان جي هڪ اهڙي سگهاري اداري جي ڳالهه ڪيل آهي جنهن هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لا هر حد پار ڪري ڇڏي آهي. انهي سگهه کي هن ڪهاڻيءَ ۾ اختر “بوٽ” سڏيو آهي.
ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ جي شروعات ئي ڪمال جي آهي. مک ڪردار جنهن وٽ ڪجهه ايڪڙ ٻنيءَ جا آهن، هڪ صبح جو گهر ڏانهن وڃي ٿو ته کيس ڪا شيءِ نظر اچي ٿي، ان تي هو ڪجهه هن نموني جو تاثر ڏئي ٿو:
” اهو هڪ عام رواجي صبح هو، آئون جيئن ٻنا ۽ شاخون ٽپندو، گهر ڏانهن ويندڙ پيچري تي پهتس ته پريان گپ ۾ ڪا اڀريل شيءِ نظر آئي، ائين ته منهنجا انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌل آهن جن ۾ ڪڏهن ڪنهن همراهه کي واٽ ويندي ڪا بوتل نظر ايندي آهي، جڏهن اهو همراهه ان بوتل کي کڻي کوليندو آهي ته ان مان هڪ جِن نڪرندو آهي ۽ ان همراهه کي رات پيٽ ۾ مالا مال ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن منهنجي نظر گپ ۾ پيل ان اڀريل شيءِ ڏانهن وئي ته ذهن ۾ پهريون خيال انهن ڏندڪٿائي قصن جو آيو ۽ ڀانيم اجهو منهنجي قسمت به بوتل جو ڍڪ لاهڻ سان بدلجي وئي، ساڳئي وقت من اندر اهو خوف به ٿيڻ لڳو ته ڪٿي ان ۾ ڪو شيطاني جِن بند ٿيل نه هجي. ان هوندي به منهنجو تجسس وڌڻ لڳو، ڪجهه گهڙيون بيهي مٽيءَ ۾ اڀريل ان شيءِ کي تڪڻ لڳس، اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته اڳيان وڌي ان اڀريل شيءِ کي کڻي وٺان يا نه….. جڏهن دماغ فيصلي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ويو ته مون دل جي ڳالهه ٻڌندي ان اڀريل شيءِ ڏانهن وک وڌائي، سڄو بت ڏڪڻ لڳو.
نيٺ ان اڀريل شيءِ وٽ اچي پهتس، منهنجي حيرت جي ڪابه حد نه رهي، اکين تي اصل ويساهه ئي نه آيو، سمجهي ويس هن جنم ۾ منهنجي حياتيءَ ۾ ڪوبه جادوئي بدلاءُ ڪونه ايندو ۽ منهنجا انيڪ نسل اها ئي ساڳي ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا، مون کي گپ ۾ ٻڏل هڪ ڪاري رنگ جو بوٽ نظر آيو، تڪڙ ۾ اهو بوٽ ڇڪي ڪڍي ورتم، اهو سخت ۽ دٻدٻي وارو لڳو.”
هن شروعاتي ٽڪري ۾ سموري ڪهاڻيءَ جو تت ڏنل آهي، هڪ ته مک ڪردار جي تڪڙ ۾ امير ٿيڻ واري لالچ، جيڪا اسان جي سماج جي انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪري ٿي جيڪي پنهنجي ننڍڙي مفاد لا قوم ۽ ڌرتي کي ڪو وڏو نقصان ڏيڻ کان به نٿا ڪٻائين. پر جڏهن بوٽ وڏا ٿيڻ لڳن ٿا ته مک ڪردار هن مان جان ڇڏائڻ جي ڪري ٿو. جنهن مان خبر پئي ٿي ته ڪردار جي هڪ حالت مان ٻئي حالت ڏانهن تبديلي ٿئي ٿي، جيڪو افساني ڪردار نگاري جي حوالي سان هڪ اهم جُز سمجهيو وڃي ٿو، هڪ سٺو ڪردار برائي ڏانهن هليو وڃي يا وري هڪ برو ڪردار چڱائي واري دڳ تي اچي وڃي.
ڪهاڻيءَ جو ٻيو اهم جملو جنهن ۾ اسان کي هن ملڪ جي سياسي صورتحال تي ٺٺول نظر اچي ٿي تڏهن پڙهڻ لا ملي ٿو، جڏهن مک ڪردار بوٽن کي ڪلهي تي رکي ٿو:
“مون بوٽ هٿيڪا ڪري ڪلهي تي رکيا، ان مهل احساس ٿيو ڄڻ ڪنهن ڪلهي تي جبل جيڏو بار رکي ڇڏيو هجي…”
جيڪڏهن هن جملي کي اسان پنهنجي معاشي حالت سان ڀيٽ ڪريون ته اوهان سڀئي سمجهي ويندا ته ڪنهن جو بار کڻندي کڻندي اسان جا ڪلها چٻا ٿي ويا آهن. ڪير آهي جيڪو اسان جي قدرتي وسيلن تي قبضو ڪيو ويٺو آهي، ڪير آهي جيڪو سنڌوءَ کي کاٽ هڻي اسان کي لاڳيتو تباهه ۽ برباد ڪري رهيو آهي.
ڪهاڻيءَ جو ٽيون اهم حصو بوٽن جو وڏو ٿيڻ آهي. جڏهن هن جو فصل تيار ٿي وڃي ٿو ته اهي بوٽ هن جي فصل تي قبضو ڪري وٺن ٿا. هن مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي کانپو واري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي علامتي انداز ۾ خوبصورت نموني قلمبند ڪيو ويو آهي. علامتي انداز ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪهڙي نموني اسان سخت بوٽن جي هيٺان چيڀاٽجي رهيا آهيون. انهن کي ڪيئن اسان پالي وڏو ڪيو ۽ هاڻي اهي اسان کي ڪيئن ختم ڪرڻ ۾ لڳل آهن. اڄ به ته اسان جي ڌرتي تي ڪنهن نه ڪنهن سخت بوٽ جو قبضو آهي.
اختر جي ڪهاڻي “ڪچي مسيت” سان گڏ هي به هڪ شاندار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اختر جي همت سان گڏ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي انداز جي ساراهه ڪئي بنا نٿو رهي سگهجي. هي ڪهاڻي سنڌي ادب ۾ ان مزاحمت جو هڪ بهترين نمونو آهي، جنهن جي ڪري سنڌي ادب مشهور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button