ميڊيا ۾ هندستاني دريائن جو ڇوڙ پاڪستان ۾ ٿيڻ واريون خبرون، انڊيا جي درياءَ گڙدي طور رپورٽ ٿين پيون، پر سنڌ ۾ انهن خبرن سان ڪچي ۽ ڊيلٽا جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي. سنڌ ۾ گڊوءَ کان کاري ڇاڻ تائين ڪچي جي 25 لک ايڪڙ زمين آهي. جنهن ۾ ساڍا چار لک ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين آهي. 6 لک ايڪڙ دريائي وهڪري ۾ اچي ٿي ۽ 50 هزار ايڪڙ دريائي ڍنڍن ۽ واهڙ تي مشتمل آهي. هڪ اندازي موجب 15 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي زرعي پوکي ڪئي وڃي ٿي. هندستان مان ايندڙ پاڻيءَ جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ شروع ڪيو ويو آهي. ڊيلٽا ۾ ماهيگرن ۾ خوشي پکڙجي وئي آهي، ته گهڻن سالن کان پوءِ راوي جو ڳاڙهسرو پاڻي ڏسڻ لاءِ ملندو. حيدرآباد جي گهٽين ۾ ڪئين سالن کان پوءِ درياءَ جو پلو، درياءَ جو پلو،وارا هوڪا ٻڌڻ لاءِ مليا آهن.
ورهاڱي کان تيرهن سال پوءِ پاڪ انڊيا جي وچ ۾ 1960 ۾ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ سنڌ طاس معاهدو ٿيو. جنهن موجب سنڌو سڀيتا جا ٽي درياءَ راوي، ستلج ۽ بياس انڊيا جي حصي ۾ ڏنا ويا. انهن ٽنهي دريائن جو سراسري 33 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هو. جن مان انڊيا فقط 8 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻندو هو، باقي 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ پاڪستان جي حصي جو انهيءَ معاهدي ۾ ڏنو ويو. جنهن کان پوءِ پنجند کان سنڌو ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي سواءِ ٻوڏ جي، ٻيو پاڻي اچڻ بند ٿي ويو. سراسري طور تي ربيع ۾ هڪ پوائنٽ ٻيانوي ملين ايڪڙ فوٽ ۽ خريف ۾ اوڻٽيهه پوائنٽ ڇٽيهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هو. ان جي عيوضي ۾ ورلڊ بينڪ ۽ ٻين مالي ادارن پاڪستان کي متبادل وهڪرن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ، 62 ملين پائونڊ مالي معاوضو ڏنو ويو.
جنهن جي بنياد تي پاڪستان ۾ 13 منصوبا مڪمل ڪيا ويا. جن مان ٻه ڊيم تربيلا ۽ منگلا ٺاهيا. چار نوان بئراج، جن ۾ رسول بئراج، چشما بئراج، قادر آباد بئراج، نئي سنڌنائي بئراج جوڙيا ويا ته جيئن هڪڙي درياءَ جو پاڻي ٻئي درياءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي. اهڙي ريت سنڌو، جهلم ۽ چناب دريائن جو پاڻي لنڪ ڪئنالن جي ذريعي راوي، ستلج ۽ بياس دريائن جي پيچ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جنهن جي لاءِ جهلم درياءَ مان رسول بئراج مان، قادر آباد لنڪ ڪئنال، سنڌو مان چشما لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال، قادر آباد بلوڪي لنڪ ڪئنال، بلوڪي سلمانڪي لنڪ ڪئنال، بي آر بي ڊي لنڪ ڪئنال، ٽرمو اسلام لنڪ ڪئنال جوڙيا ويا. سنڌ طاس معاهدي موجب ٻوڏ واري صورتحال ۾ هندستان راوي، ستلج ۽ بياس دريائن جو پاڻي پاڪستان ۾ ڇوڙ ڪندو. جنهن موجب ڄاڻايل پاڻي هن وقت پاڪستان ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ته پنجاب کي انهيءَ معاهدي جي نتيجي ۾ وڏو نقصان پهتو. عارضي طور لنڪ ڪئنالن جي ذريعي دريائن جي پوڇڙ وارن ايراضين ۾ لنڪ ڪئنالن جي ذريعي پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. پر اهو ناڪافي هو. ان ڪري پنجاب ۾ سڪي ويل ٽنهي دريائن جي ڍورن جي پيٽ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي ٻوڏ جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ وارو بحث به هلندڙ آهي. ساڳي ريت سنڌ جي کاٻي توڙي ساڄي طرف ڍورن جي پيٽ ۾ ذخيرو ٿيندڙ پاڻي پڻ ننڍن ڊيمن جي صورت ۾ ذخيرو ڪرڻ واري پلاننگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ميڊيا ڀلي کڻي ڪيئن به رپورٽ ڪري، پر انڊيا مان سڪي ويل دريائن ۾ وهي ايندڙ پاڻيءَ سان پنجاب کي ڪوبه نقصان نه ٿيڻو آهي. جيئن ڪيڏي به وڏي ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ سنڌ جي ڪچي ۾ رهندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان نه ٿيندو آهي. ساڳي صورتحال پنجاب جي به آهي. سنڌ وانگر پنجاب جي دريائن کي ڪوبه بچاءُ بند ڏنل نه آهي. ان ڪري وڏي وهڪري ۾ پاڻي ميداني علائقن ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ پوءِ سيراب ڪيل زمينن ۾ لٺ وجهي موٽي ويندو آهي. جنهن سان پنجاب جون زمين وڌيڪ زرخيز ٿين ٿيون. البت سڪي ويل دريائن جي پيٽ ۾ قبضو ڪري ويٺلن کي عارضي طور لڏائڻ وارو معاملو پنجاب جي حڪومت وارو هلندڙ آهي. پنجاب ۾ سڪي ويل دريائن ۽ سڪي ويل ڪچي جي ڏک واري لوڪ شاعري نوحن کي ڪنهن به ايڊيٽر ۽ پبلشر گڏ نه ڪيو آهي. جيڪو ادب جو وڏو ذخيرو آهي. اهو فقط پنجابين ۽ سرائڪين جي سينن ۾ محفوظ ٿيل آهي.