اقتداري سياست سموري دنيا اندر لازمي طور تي خراب ئي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اقتداري سياست جو مطلب آهي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي پورائي لاءِ سمورا حربا هلائي اقتدار حاصل ڪرڻ. جيڪڏهن توهان اقتدار حاصل ڪري چڪا آهيو ته پوءِ هر طرح جي ڪوشش ڪري ان اقتدار تي پنهنجو قبضو قائم رکڻ، پر پاڪستان اندر اقتداري سياست ته بنهه بڇڙي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. ظاهري طرح ملڪ اندر جمهوري سياسي ادارا موجود ۽ فعال آهن پر حقيقت ۾ انهن جو نه ڪو ڪارج آهي نه حيثيت. اقتداري ڌريون سمورو اختيار پنهنجي هٿن ۾ اهڙي اگهاڙي نموني رکڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن جو هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل نه رهي آهي. مُني صديءَ کان اقتداري سياست جا داءَ پيچ ڏسندي ۽ ڀوڳيندي، اسان جون نام نهاد انقلابي سياسي پارٽيون ۽ گروهه به انهن جي پيروي ڪري رهيا آهن. نه کاٻي ڌر، نه قوم پرست سياسي گروهن ۾ توهان کي قيادت تبديل ٿيندي نظر ايندي، نه انهن گروهن ۾ حزبِ اختلاف لاءِ ڪا گنجائش هوندي نه وري سائين وڏي جي گروهه کان سواءِ ٻِي ڪنهن گروهه بنديءَ لاءِ ڪا گنجائش. جتي ڏسو، سڀ جو سڀ اختيار منهنجي مُٺِ ۾ هئڻ گھرجي واري ڇڪتاڻ جاري آهي. سياسي پارٽين ۽ گروهن کي به ڇڏيو؛ ٽريڊ يونين، شهري اتحاد، سنڌي ادبي سنگت جي ڪنهن شاخ جي سيڪريٽري يا ڪائونسلر وارو عهدو، استاد ۽ ڪلارڪن جي تنظيمن جا عهدا، ايتري تائين جو پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستريءَ تائين به اوهان کي اهڙا نوراني نظارا هر هنڌ نظر ايندا. هانس جي مورانٿائو چواڻي “دنيا جي ڪجهه ٻين ملڪن جيان پاڪستان به اهڙو ملڪ آهي جتي هر سياست اقتدار تي، اختيار تي قبضي جي سياست ئي آهي”. پارٽي ڪانگريس چمبڙ ۾ ٿئي يا چوهڙ پور ۾، سيڪريٽري جنرل اهو ئي ٿيندو جيڪو ڪانگريس کان گھڻو اڳ طئي ٿيل هوندو. يا ائين چوڻ گھرجي ته جيڪو اڳ ئي سيڪريٽري جنرل هو. ڇاڪاڻ ته جنهن وقت ڪانگريس نه ٿي رهي هجي ان سموري عرصي دوران پارٽي سيڪريٽري جنرل جو اهم ترين فرض اهو ئي هوندو آهي ته پارٽي اندر پنهنجو متبادل اڀرڻ نه ڏئي. کاٻي ڌر، قوم پرست ۽ انقلابي سياسي ڌرين کي ته رڳو پنهنجي ننڍڙين پارٽين، گروهن ۽ معمولي چندي تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ ائين ڪرڻو پوندو آهي پر اقتداري سياست ڪندڙ حڪمران سياسي پارٽين جي اڳواڻن اڳيان ان کان تمام گھڻا وڏا مفاد ۽ مقصد هوندا آهن جن جي حاصلات ۽ انهن تي قبضو برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪرڻي پوندي اٿن.
پاڪستان جي اقتداري سياست هونءَ ته لڳاتار منافقي، موقعي پرستي ۽ ڌوڪيبازيءَ جو استعارو رهي آهي پر هن سال سمورو پراڻو رڪارڊ ٽوڙيو ويو آهي. ايندڙ عام چونڊون جيڪي هن سال ئي آڪٽوبر مهيني ۾ متوقع آهن، لاءِ هاڻي کان ئي تياري ۽ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. گهوڙن جي خريد و فروخت تي سيڙپڪاري جاري آهي. اقتدار جي هوس اهڙي خطرناڪ ۽ پرڪشش آهي جو ماڻهوءَ کي صحيح ۽ غلط جي تميز ئي نظر نه ٿي اچي.
گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي عهدي تان هٽائڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف سان سندس تعلق ئي سڀ کان وڏي برائي آهي. ساڳيو ماڻهو هڪڙي زماني ۾ اک جو تارو بڻجي نئين صوبي جو وڏو وزير بڻجي ويو. ان وقت ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته سندس تعليمي ڪيريئر ئي جعلسازيءَ تي مبني آهي. اقتدار جو نشو شئي ئي اهڙي آهي جو ان وقت سندس پارٽيءَ کي به اهو نظر نه آيو ته جنهن ماڻهوءَ کي وڏو وزير پيا بڻايون اهو صاف سٿرو به آهي يا نه. ان وقت سندس پارٽيءَ جو راڄ هو ان ڪري ڪنهن سوچيو به نه هو ته اڳتي هلي اهڙي صورتحال به جڙي سگهي ٿي. هاڻي جڏهن سڀ ڪنهن کي خبر پئي آهي تڏهن گهڻي دير ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته وڏ وزارت ته وئي نه. راولپنڊي ۽ اسلام آباد گڏجي سڏجي سندس جاءِ تي نئون وڏو وزير پيا آڻين جيڪو في الحال ته کير سان وهنتل هوندو بعد ۾ ڏسنداسين جيڪڏهن ان جي ميٽرڪ جي ڊگري به ڪُوڙي نڪتي ته نڪري سگهي ٿي. ان کان پهريان آزاد ڪشمير ۾ تحريڪِ انصاف جي حڪومت ختم ڪرائڻ لاءِ به عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جي انجنيئرنگ ڪئي وئي. ان طرح جي سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ وارن کي خبر آهي ته جيڪڏهن پنهنجي پسند جا نتيجا وٺڻا آهن. ايندڙ عام چونڊن ۾ به پنهنجي پسند جا ماڻهو اسيمبلين ۾ ويهارڻا آهن ته پوءِ ميڊيا، عدليا ۽ اليڪشن ڪميشن وغيره کي به اڳواٽ ئي سنئين راهه تي آڻڻو پوندو. اهڙي نموني جمهوريت جو حسن سمجهيا ويندڙ سمورا ادارا ۽ طور طريقا مڪمل طور تي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي جمهوري حڪومت جي نالي ۾ بدترين آپيشاهي قائم ڪئي ويندي آهي. مطلب ته جنهن سياسي انجنيئرنگ جي ٿورو عرصو پهريان نندا ڪئي وئي هئي. پڪو واعدو ڪيو ويو هو ته اسان اڳتي اڻ ڌريا رهنداسين، سياستدانن جو ڪم سياستدانن کي ڪرڻ ڏينداسين، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. انجنيئرنگ وارو ڌنڌو جاري آهي، جاري رهندو. جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته اڻ ڌريو بڻجڻ جي هام هڻڻ وارا واقعي اڻ ڌريا بڻجي ويا آهن يا اهي اڻ ڌريا بڻجي سگهن ٿا، اهو سچ پچ نهايت ئي سادو ماڻهو آهي.
جيئن جيئن عام چونڊن جو وقت ويجهو ايندو پيو وڃي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ سرد جنگ به گرم ٿيندي پئي وڃي. هن ڀيري پيپلز پارٽي خاص ڪري پنجاب اندر ٻهراڙين تي ئي گذارو ڪرڻ بدران شهرن جو رخ ڪيو آهي. اها واپاري ۽ ڪاروباري ڌرين سان لڳاتار رابطي ۾ آهي. ان ڪري نواز ليگ جي اها ڳڻتي اجائي ڪانهي ته پيپلز پارٽي سندس ووٽ تي ائين ئي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿي جهڙي نموني 2018 جي اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف هنيو هو. آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسي ايشن جي چڱي مڙس گوهر اعجاز سان لاهور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي ملاقات به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اهي افواهه پڻ آهن ته زرداري ايندڙ عبوري حڪومت لاءِ گوهر اعجاز کي وزيرِ اعظم بڻائڻ جي حق ۾ آهي. ٻيو پاسو اهو آهي ته جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ نواز ليگ واپارين ۽ صنعتڪارن توڙي ڪاروباري ماڻهن کي پاڻ سان جوڙيون رکندي هئي خاص ڪري پنجاب جي ڪاروباري مرڪزن ۾ رهندڙ ڌريون پر گذريل ڪجهه عرصي کان اهي نواز ليگ کان مايوس ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته نواز ليگ جي سربراهيءَ ۾ اتحادي حڪومت ملڪ جي معاشي مسئلن کي صحيح نموني نبيري سگهڻ جي اهليت کان محروم آهي. اهو سڀ ڪجهه عوام کي بيوقوف بڻائي اهو باور ڪرائڻ لاءِ به ڪيو پيو وڃي ته تحريڪِ انصاف نه پر پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جون مخالف سياسي جماعتون آهن. اهڙي نموني جن پارٽين هاڻي هاڻي اتحادي حڪومت جو مزو ورتو آهي اهي ئي ٻيهر اقتدار تي قبضو ڪري وٺن ۽ عوام پنهنجي هڏ ڏوکي حڪومت اچڻ لاءِ ايندڙ پنج سال انتظار ڪري.